ادا ڀلا هن راند جي باري ۾ ٻڌايو ، ڇا هاڻي توهان هي کيڏي سگهندئو؟ 1520 اٽيچمينٽ ڏسو 1521 اٽيچمينٽ ڏسو 1522 اٽيچمينٽ ڏسو
تصوير ڏسو.... ڪنهن کي ڪجهه ياد اچي ٿو...؟ مون کي اڃان به ياد آهي ته جڏهن ڪو مون کان مس گهرندو هو ته کين مان شيئر ڪندو هيم... ڇا توهان وٽ اڃان به استعمال ۾ ڊالر پين آهي...؟
هاڻي ته استعمال ۾ ڪونهي مگر ايترو ياد آهي ته مان ليٽر واري مس جي بوتل وٺي رکندو هيس جيڪا گهر ۾ سڀ ٻار استعمال ڪندا هئا ۽ سال جي لا ڪافي هوندي هئي!
ذيشان رشيد جهڙو اسان جو هڪ ڪلاس فيلو هوندو هو۔ غلام شبير هنڱورجو۔ (ملڪاڻي جي مشهور حسين پڪوڙائي جو پُٽ)۔ انهي وٽ ڪا اوائلي دؤر جي اهڙي مَس واري پين هئي۔ انهي وقت ۾ ڳوٺ ۾ اسٽيشنري واري دڪان جا مالڪ هڪ دٻي مَس جي کولي رکندا هئا مفت مَس ڀرڻ لاءِ۔ جيئن مانڊڻي تي سگريٽ دُکائڻ لاءِ مُفت ۾ کُلي ماچيس رکندا آهن وغيره وغيره۔ بهرحال شبير وڃي اُتان اُها پين ڀري ايندو هو۔ اڌ دٻي مَس جي انهي بوتل ۾ اچي ويندي هئي۔ پوءِ سڄي ڪلاس کي پيو ڏيندو هو۔ مَس واري پين سان لکڻ جو يادون خوشگوار آهن۔ جام لکبو هو۔ خوب لکبو هو۔ پر ڪڏنهن جو پاڻي جو ڇنڊو پئي ته اصل ڪم لهيو وڃن۔ انهي ڪري بال پوائنٽ پين جي اهميت وڌي جنهن جا اکر واٽر پروف هُجن ٿا۔ پر مون کي حيرت ٿي ته نور نالي اسان واري ڊائريڪٽر جي پي اي وٽ اڃان اُها پين آهي۔ صبح سوير جڏنهن وڃي رجسٽر تي انٽري ڪرڻي هوندي آهي ته کائنس رجسٽر سان گڏ هرو ڀرو اُها پين وٺي سائين ڪندو آهيان۔ ۽ جڏنهن پين ناهي لکندي ته جهٽڪو ڏيئ مَس ڪيرائيندو آهي ته اُهي ڏينهن اکين اڳيان اچيو وڃن جڏنهن انهي چڪر م اسڪول جو ڀتيون نيريون، ڪاريون ڪبيون هيون زور سام مس جا ڇنڊا هڻي۔ ۽ هڪ لائين ٺهندي هئي کوڙ سارن ٿُلهن ٽُٻڪن جي۔ ۽ پوءِ نه کُٽندڙ قطارون۔
اسان ننڍي لانڪون هن راند کي ڏڪي ڏڪر چوندا هياسين۔۔۔ خوب کيڏياسين به ۔۔۔ ۽ پنهنجي ڏڪين کي ڏڪرن سميت مٿين تصوير وانگر سجائيندا به هياسين۔۔۔ هاڻي به اها راند ننڍن ٻارن تائين ته محدود آهي۔۔۔
سِڪن جي هي ڪليڪشن ته اڃان گهڻي آهي۔ 1527 اٽيچمينٽ ڏسو ڀلا اهو ٻُڌايو ته اهڙو دلير ٻار اوهان ڏٺو؟ 1528 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا هنن مان هڪ سڪي تي ڪلمو پاڪ ۽ چئڻ اصحابن سڳورن جا نالا جڏهن ته ٻئي تي مدينه شريف لکيل آهي ۽ مسجد شريف جو پڻ عڪس چٽيل آهي ، باقي ڪهڙي صدي يا ملڪ جا آهن انجي خبر ناهي
ڪجهه معلومات هن ويب پني تان ملي۔۔ جنهن تحت هي سڪو نه پر ٽوڪن آهي۔۔ جيڪو اندازن 1900 کان 1940 جي وچ ۾ چاندي سان انڊين اسلامڪ رياست ۾ تيار ڪيو ويو۔۔۔ باقي ان تي اڪريل اکرن ۽ تصوير بابت ته اڳ ئي محتر عبدالغني لوهار ٻڌايو آهي۔۔۔ ۽ اهو ئي صاف نظر اچي پيو۔۔۔
سائين لاٽوڻو راند ڳوٺ ۾ اسين سڀ ڪندا هئا سين پر سچ پڇو ته ڪڏهن به سڌو ڦرندو ئي نه هيو، سدائين ڪري پوندو هو
آ ءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون ، ڀاءُ گهڙي کن دل وندرايون ادا اسان ننڍپڻ ۾ تمام گهٽ هلايو ، باقي اسانجي علائقي چڪر ڏور هلندي هئي اها اسان جام ڦيرائي سين
يقين نه ٿو اچي ته اهڙي شڪل وارو ڪو جانور به ٿي سگهي ٿو، مان سمجهان ٿوته نيشنل جيوگرافڪ چينل سموري دنيا ۾ جهر جهنگ توڙي سمنڊ جي مخلوقات تي تحقيق ڪندي نظر اچي ٿو شايد ڪو دنيا جو اهڙو ڪو خطو هجي جتي هن تحقيقي اداري پاران ڪم ٿيل نه هجي۔ خير الله تعالي ا جي ڪائنات تمام وڏي آهي۔