سنڌ سلامت جو هي اڱڻ به هڪ گهر جي اڱڻ مثل بڻجي ويو آهي، هتي به سنگتين ساٿين، ڀينرن جي پاٻوهه ڀريي پيار ملڻ سان ائين ئي لڳي ٿو ته ڄڻ اسين سڀ هڪ گهر جا ڀاتي هجون، اسان جون خوشيون ، اسان جا ڏک هڪٻئي سان ونڊ ڪندا رهندا آهيون، ان سان خوشين ۾ اضافو پڻ ٿئي ٿو ۽ پنهنجا ڏک ونڊڻ سان اهي قدري گهٽجيو وڃڻ ۽ ڪيتريون ئي آٿتون پڻ پلئه پون ٿيون، مان هت اڄ اوهان سان پنهنجي هڪ خوشي ونڊ ڪرڻ ٿو گهران ته جئين اوهان دوستن، سڄڻن، ڀينرن ۽ ڀائرن جون دعائون هميشه ساٿ رهن۔۔مان جنهن اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان اتي هر ٽن سالن کان پو هر هڪ جي ڪارڪردگي جي مناسبت سان ترقي (پروموشن) ٿيندو رهندو آهي، اها ڳالهه اوهان سان ونڊ ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اوهان سڄڻن جي نيڪ نيتن سان جيڪا سدائين گڏ رهي آهي ته مون کي پنهنجي عهدي ۾ 16 گريڊ ۾ ترقي (پروموشن) ڏني وئي آهي۔ جنهن جو آفيس آرڊر هن مهل منهنجي هٿن ۾ آهي، سدائين دعائن ياد رکندا۔ ڌڻي در دعا آهي ته منهنجي سنڌ جا ۽ سڀ اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مونجهارن ۾ ڦاٿل آهن ، الله پاڪ انهن جا معاملات حل عطا فرمائي ۽ اسان کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔ آمين۔۔ثم آمين
وڏا مبارڪون۔۔۔ مون ته ان خوشيء ۾ توهان جي کاتي تي مٺائي به کائي ڇڏي۔۔۔ بس هاڻي بل ادا ڪري ڇڏجو۔۔ ٻڌائڻ جي ته ضرورت ئي ناهي ته اهو ڪهڙو حلوائي آهي۔۔۔؟
يار، واه جي خبر ٿي وئي آهي۔ هر ماڻهو جيڪو 16 گريڊ ۾ پروموشن وٺندو آهي، مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي۔۔ ڇو جو منهنجو ايندڙ پروموشن به 16 گريڊ آهي۔۔ سنگت کي دعا جي التجا۔ ۽ منظور سائين مٺائي ايزي لوڊ ڪريو ڀلا۔۔ ههههه
دوست اوهانکي پروموشن ملڻ تي لکين واڌايون هجن ، الله پاڪ اوهانکي زندگي جي هر موڙ تي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا فرمائي آمين
پيارن دوستن کي رب العالمين تمام وڏن رتبن سان نوازي ۽ رزق حلال ۾ برڪت عطا فرمائي ۔۔۔ آمين ۔۔۔ پياري دوست منظور ڪلهوڙي کي لک لک واڌايون ۔۔۔
ماشالله ادا منظورصاحب ۔ الله پاڪ جا ڪروڙين ڪرم ٿي ويا اوهان تي ۔ الله جا اسان تمام گهڻا شڪر ادا ڪيون ٿو جو هن اسان جي اڱڻ جي هڪ هونهار ۽ هڏ ڏوکي ڀاتي کي وڌيڪ عزتُن سان نوازيو آهي۔ الله پاڪ ڪندو ته اوهان پنهنجي ترقي کان پوء واري ذميداريون تمام گهڻي محنت ۽ بردباري سان نباهيندو ۽ انشاالله توهان جي اداري جا ڪرتا ڌرتا توهان کي پروميشن ڏيڻ واري عمل تي فخر محسوس ڪندا ۔ اها هن ڀاء جي توهان لاء دعا آهي۔ باقي رهي مٺائي جي ڳاله اها ته اوهان پنهنجي مٺن ٻولن جي ذريعي اسان سڀني کي کارائيندو۔ هاڻي ڏسڻو آهي ته ڪڏهن ٿا توهان پنهنجي مٺن ٻولن وارو ليک هن اڱڻ تي ونڍ ڪيو۔ وه سائين وه توهانجي ترقي وارو ڏاڍو سٺو ڪم ٿئي ويو۔مبارڪ مبارڪ مبارڪ۔
ادا منظور ڪلهوڙا پروموشن ملڻ جون لک واڌايون، جيتوڻيڪ مان ريٽائرڊ گورنمنٽ ملازم آهيان پر مونکي خبر آهي ته پروموشن ملڻ جي ڪيتري خوشي ٿيندي آهي ان خوشيءَ جِي ڪٿ لڳائي ئي نه ٿي سگهجي الله سائين در دُعا آهي ته رب سائين توهان کي سدائين آباد رکي وري 17 هين گريڊ ۾ توهان جي ترقي ٿئي ۽ ائين اسان جو هر سنڌي سدائين خوشين جا جهول ڀريندو رهي آمين۔
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدُّ؛ سُپيرِيان جي سُونهَن جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُّ؛ هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُّ، هُتِ پِرِينءَ پَرِوا ناهِ ڪو. مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان اوهان مٺڙن ڀائرن جو جن ايڏي اُڪير، سڪ، پاٻوهه منجهان منهنجي خوشي لا سهڻا ويچار ونڊيا، سچ پڇو ته منهنجو گريڊ 16 هين مان 32 هون ٿي ويون۔ 16هون گريڊ اداري پاران، ۽ بي پناهه ڳڻپ وارو گريڊ اوهان جي محبتن مان پلئه پيو آهي، هاڻ دل ٿي گهري ته مان اوهان جي ان سٻاجهڙي اُڪير جو ڪهڙي ريت آڌرڀا ڪيان، ڪهڙي ريت اوهان جي مهمان نوازي ڪيان، اوهان کي دادو جو حلوو کارايان يا روهڙي جا پيڙا کارايان، لاڙڪاڻي جو ڀُوندي کارايان يا نصيرآباد جا پڪوڙان کارايان، ميهڙ جو مائو کارايان يا شڪارپور جي کٽاڻ کارايان، سکر جون کارڪون کارايان يا جيڪب آباد جي ملائي کارايان، اهي سڀ محبتن جون مٺايون ۽ کٽايون اوهان کي کارائڻ لا دل سٽون ٿي ڏي، پر اميد ٿو ڪيان ته بقول سائين ذيشان رشيد صاحب جي ته انهن منهنجي پاران مٺائي کائي ڇڏي آهي۔ پر مان ائين نه ٿو چوان ته اوهان منهنجي پاران کائي وٺجو پر سچ پڇو ته پاڻ پنهنجي هٿن سان اوهان کي سڪ جي مٺائي، قرب جا لڏون، ۽ محبت جو مائو کارائڻ ٿو گهران اوهان سان به پنهنجائپ جو اظهار ونڊڻ ٿو گهران، ڌڻي در دعا آهي ته شل هي اوهان پاران مليل محبتن سان مان نينهن نڀائي سگهان۔ اوهان سڄڻن جا ڪروڙهين ٿورا۔۔جيڪي لاهي ته نه سگهندس پر هميشه ڳائيندو رهندس۔۔۔۔ سدا سونهن سپرين جي سلامت رهي، محبت اوهان سپُرين سان تا قيامت رهي۔
هههه هههههه منهنجا سپرين شل اهڙو ڪو سلسلو هجي ها ته ايزي لوڊ ڪري ڇڏيان ها، پر اميد آهي ته مان پاڻ سڄڻن کي مٺائي کارائيندس، بس دعائن ۾ ياد رکجو، الله پاڪ کان دعا آهي ته جلد کان جلد اوهان کي به مٿاهين گريڊ ۾ ترقي عطا ڪري۔ آمين
محترم سائين غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب اوهان جي ان سڪ جو مان ڪروڙهين ڀيرا ٿورائتو آهيان۔ جتي به هجو شل جُڙيا هجو۔ سدائين مُرڪندا ۽ مهڪندا رهو۔ باقي سائين اسان جي ٻولن جي ڪهڙي مجال اوهان جي محبت وارن مٺن ٻولن اڳيان اسان جي هنن سادڙن لفظن جي ڪهڙي حيثيت بس اوهان جي اها ئي چاهت هميشه ساٿ رهي ته ٻيو ڇا گهرجي۔
الله پاڪ اوهان کي هميشه زندگي ۾ وڌ ۾ وڌ عزتون ۽ محبتون عطا ڪري۔ لکين قرب محترم سڄڻن جا۔ سدائين سُرها رهو۔ آمين
لکين قرب سائين جن جا بس اسان گنهگارن کي پنهنجي دعائن منجهه ياد ڪندا رهجو۔ ڪروڙهين ٿورا۔۔اوهان پاران اها مُحبت سدائين سانڍي رکندس۔ شل ڪڏهن ان محبت کي ملهائڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪيان۔ آمين
اوهان جي محبت جي مٺائي هنن ٻولن ۾ چکي سائين منظور صاحب، لاجواب هئي ،اوهان لاء دعاگو آهيون الله پاڪا وهان کي ڪاميابي و ڪامراني عطا فرمائي بس پانهجي دوستن ساٿين کي سنڌ جي سٻاجهڙن ماروئڙن جي خدمت لاء تڪليف ڏيو اوهان انشاء الله اڃان وڏو مرتبو ماڻيندو،
````````` ڌڻي! تو سوڌو هر سنڌي نوجوان توڙي هر ڄمار واري جي من مراد اگهائي ۽ سدائين سرها رهو اوهان پنهنجي پريوار ۽ سنگت سان
قرب لکين قرب اوهان دل گهرين دوستن جا۔ جتي به هجو سدا سُرها هجو، شل هي محبتون قائم ۽ دائم رهن، ترقيون، ۽ منزلون ته ماڻبيون رهبيون۔