منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جو هي اڱڻ به هڪ گهر جي اڱڻ مثل بڻجي ويو آهي، هتي به سنگتين ساٿين، ڀينرن جي پاٻوهه ڀريي پيار ملڻ سان ائين ئي لڳي ٿو ته ڄڻ اسين سڀ هڪ گهر جا ڀاتي هجون، اسان جون خوشيون ، اسان جا ڏک هڪٻئي سان ونڊ ڪندا رهندا آهيون، ان سان خوشين ۾ اضافو پڻ ٿئي ٿو ۽ پنهنجا ڏک ونڊڻ سان اهي قدري گهٽجيو وڃڻ ۽ ڪيتريون ئي آٿتون پڻ پلئه پون ٿيون، مان هت اڄ اوهان سان پنهنجي هڪ خوشي ونڊ ڪرڻ ٿو گهران ته جئين اوهان دوستن، سڄڻن، ڀينرن ۽ ڀائرن جون دعائون هميشه ساٿ رهن۔۔مان جنهن اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان اتي هر ٽن سالن کان پو هر هڪ جي ڪارڪردگي جي مناسبت سان ترقي (پروموشن) ٿيندو رهندو آهي، اها ڳالهه اوهان سان ونڊ ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته اوهان سڄڻن جي نيڪ نيتن سان جيڪا سدائين گڏ رهي آهي ته مون کي پنهنجي عهدي ۾ 16 گريڊ ۾ ترقي (پروموشن) ڏني وئي آهي۔ جنهن جو آفيس آرڊر هن مهل منهنجي هٿن ۾ آهي، سدائين دعائن ياد رکندا۔ ڌڻي در دعا آهي ته منهنجي سنڌ جا ۽ سڀ اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مونجهارن ۾ ڦاٿل آهن ، الله پاڪ انهن جا معاملات حل عطا فرمائي ۽ اسان کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔ آمين۔۔ثم آمين