معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ ”ادبي ڪانفرنس“ جي بائيڪاٽ جو اعلان
تڪراري مڪاني نظام واري حساس مسئلي تي سنڌي اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ صحافين جي مِزاحمتي تحريڪ سنڌ رائٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم سنڌ ۾ سرڪاري طور تي ٿيندڙ ادبي تقريبن جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڏنل سڏ جي موٽ ۾ ڪيترن ئي ناليوارن اديبن ۽ دانشورن ثقافت کاتي پاران ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ ”ادبي ڪانفرنس“ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. اديبن جو چوڻ آهي ته موجوده حڪمرانن طرفان پاس ڪيل مڪاني ادارن وارو بل سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ جي سنگين ڪوشش آهي. جيڪا ون يونٽ وانگر سنڌ جي سياسي مستقبل لاءِ خطرناڪ مسئلا پيدا ڪندي. سنڌ جي عوام، سياسي ڌرين، اديبن ۽ دانشورن هڪ راءِ ٿي انهيءَ بل جي خاتمي جي لاءِ مزاحمت جي واٽ ورتي آهي. جيسيتائين انهيءَ ڪاري قانون جو خاتمو نه ٿيندو تيستائين اديب ۽ دانشور احتجاج طور سرڪاري تقريبن جي بائيڪاٽ کي جاري رکندا. بائيڪاٽ ڪندڙن ۾ علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت شورو، مشتاق شورو، مريم مجيدي، اشتياق انصاري، تاج بلوچ، هدايت بلوچ، آغا رفيق، امان شيخ، ذوالفقار هاليپوٽو، ڊاڪٽر علي احمد رند، همسفر گاڏهي، منظور سولنگي، رسول بخش درس، جمن دربدر، اياز امر شيخ بخشل باغي,، امر لطيف، مسيح مگسي،ايوب کوسو، غلام آدرش، ۽ ٻيا شامل آهن.