اسلام عليڪم دوستو ۔ ڇا ڪو اهڙو طريقو آهي جنهن سان ڪمپوٽر جي هر فائل تي پاسورڊ هڻي سگهجي ، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ انٽرنيٽ هلائڻ وارن سافٽويئرز تي ۽ آ ڊي ايم تي،
ادا سائين، مون به ڪجهه ڪوشش ڪئي ته ڪجهه تالا وٺجن، ۽ ڪٿي ڪٿي تالا لڳايم ته چاٻيون گم ٿي ويون، مطلب پاسورڊ وسري ويا ۽ پو ۔۔۔۔ انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين ۔۔۔ خئير اوهان کي اهو ڪم شايد ذيشان رشيد ڪري ڏي، انڪري انکي پرسنل ميسيج ڪيو يا وري جي رشيد جلد هي ليک پڙهيو ته اوهانکي جواب ملندو ۽ ان سان گڏ اسانکي به رستو ملي ويندو ۔۔۔ لک قرب۔
سڀ کان سولو حل ته اهو آهي ته توهان پنهنجي پي سي تي پاڻ ايڊمنسٽريٽر اختيار رکو جڏهن ته باقين کي ڪلائيٽ يوزر کاتو ٺاهي ڏيو۔۔۔ ۽ ڪلائينٽ يوزرس لاءِ جيڪي چاهيو پرميشنس رکو۔۔۔ ان کانسواءِ پنهنجي ضرورتن مطابق هر سافٽويئر کي پروٽيڪٽ ڪرڻ لاءِ گوگل تي ڳولا سان پڻ آساني سان سافٽويئر ملي ويندا ۔۔۔ ان باوجود جيڪڏهن توهان ڪنهن مخصوص سافٽويئر کي رڳو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهيندا هجو ته سوال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ هتي توهان جي سوال جي آخري حصي جو به جواب ڏيندو هلان ته آئي ڊي ايم تي پاسورڊ لڳائي توهان ڪنهن مخصوص سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ کي روڪي سگهو ٿا۔۔۔ ان لاءِ آئي ڊي ايم کوليو ان جي آپشنس منجهان Sites Logins ٽيب چونڊيو۔۔۔ ۽ هيٺ موجود نيو بٽڻ تي ڪلڪ ڪري کلندڙ ڊائلاگ باڪس ۾ سائيٽ جو يو آر ايل شامل ڪريو۔۔۔ جهڙوڪ هيٺ تصوير منجهه ڏيکاريل آهي ته http://www.mysite.com تي پاسورڊ سيٽ ڪيو ويو آهي۔۔۔ ها ڪجهه سائيٽن جا وري سب ڊومين پڻ ٿيندا آهن جهڙوڪ http://members.mysite.com ان ڪري مڪمل سائيٽ تان ڊائونلوڊنگ کي روڪڻ لاءِ ولڊ ڪارڊ يوآر ايل لڳائي سگهو ٿا ۔۔۔ جنهن لاء سائيٽ يو آر ايل اڳيان اسٽار ڊاٽ لڳائڻ گهرجي ۔۔ جهڙوڪ۔۔۔ mysite.com۔* وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔