• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڙي ڄامشورا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن

اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
ڪڏهن کان اسان لئه
تو پٿر بڻيو آن.
اسان جي حبيبن کي روئاڙي ڇڏيو اٿئي
اسان جي ويرين کي کلائي ڇڏيو اٿئي.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
ڪڏهن کان تنهنجي پٿرن جي زبان به
گونگي بڻي آ.
ڪڏهن کان اسان لئه
اذيتن جو سامان تو پيدا ڪيو آ.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
تو کي خبر آ
تنهنجي پٿرن ۾
ڪيئي الهڙ جوانيون
پنهنجو جوڀن وڃائي ويون هن
پنهنجن خوابن جا احساس،
۽ پنهنجي جوانين جون چاهتون
تو مٿان واري ويون هن.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
اسان جي به من جون ڪٿائون
جي تون ٻڌين ها،
ته ڇا ٿي پوي ها.
سکيء جي ٻانهن جون
ڪچڙيون ۽ ڪومل وليون
منهنجي تن تي جي وکريل رهن ها
ته ڇا ٿي پوي ها .
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
جي ڪنهنجي هٿن جون
ريکائون ٿيان هان،
ته ڇا ٿي پوي ها
مان به ڪنهن کي جي چاهيان ها
۽ ڪوئي جو مون کي به چاهي ها
ته ڇا ٿي پوي ها.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
ڪڏهن کان اسان لئه تون پٿر بڻيو آن
ڪڏهن کان تو اسان کي
پنهنجي هنج ۾ سمهارڻ ڇڏيو آ
ڪڏهن کان اسان لئه تون اجنبي بڻيو آن.
اڙي ڄامشورا!
اڙي ڄامشورا!
 
Back
Top