دوستو! ادي رياض ته اصل قرب ڪري ڇڏيا آهن ... اصل ٿر جي اهڙي ته منظرنگاريءَ سان نوازيو اٿس جو وڃي ٿيا خئير ... اهو سڄو ليک ادي رياض جو آهي يا ڪنهن ٻي دوست جو اها ڳالهه ته ادو رياض ئي واضح ڪندو پر مون منظرنگاريءَ کي سولي ۽ سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ... ادي رياض کي عرض آهي ته انمان چڪون ڪڍي صاف ڪري ته جيئن جيڪي دوست انگريزي نه پڙهي سگهن سي به لطف اندوز ٿي سگهن ...
ٻي ڳالهه جيڪا دوستن کي مون اڳ ۾ به عرض ڪئي هئي ته هن فورم کي سادو سنڌي رکجي پر جي ڪنهن ليک ۾ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو حوالو اچي به وڃي ته ڪو نقصان ناهي پر جي سڄا ليک اسين ٻين ٻولين ۾ لکي هت شامل ڪنداسون ته فورم سادي سنڌيءَ واري هام هڻي نه سگهندو ...
وڌيڪ دوست پاڻ قومي زبان سان پيار ڪندڙ آهن، اميد ته منهنجي ڳالهه کي دل ۾ نه ويهاريندا ...
ٿر جو سير
جي آيا جي آيا ٿر ۾
ٿر، مارئيءَ جو ديس
روپلي سورهيه جو مسڪن
راڻي مينڌري جو پيار
ڀوڏيسر جي حياتي
سنرگه جي سونهن
ڪارونجهر جي اورچائي
اسلام ڪوٽ جو ڪوئلو
عمر ڪوٽ جو قلعو
۽ نئون ڪوٽ
دپلو جو لوڻ
ويرا واه جو سنگمر مر
ڇاڇري جا ڪپڙا
حليم باغيءَ جي شاعري
آريسر ۽ ڄام ساقيءَ جي قومپرستي
مورن جا رنگ
هرڻن جا ڇال
بازن ۽ تلورن جي اڏار
همرچي جو ناچ
الغوزي جي ڌن
مائي ڀاڳيءَ جو آواز
مونکي پيار آهي ٿر سان
ٿر جي رڻ پٽ سان