معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ڪراڙ ڪنڌيءَ تي اياز کي ڀيٽا
عظيم شاعر شيخ اياز جي 15 هين ورسي ڀٽ شاهه ۾ ملهائي وئي ان موقعي تي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي واقع عظيم شاعر جي مزار تي مچ ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ناليوارن شاعرن ۽ سگهڙن شيخ اياز کي پنهنجي شاعري ذريعي خراج عقيدت پيش ڪيو. ثقافت کاتي پاران شايع ڪيل نامور محقق محمد ابراهيم جويو جي شيخ اياز جي شعري مجموعن تي تحرير ڪيل مهاڳن تي مشتمل ڪتاب “مون ڏات انوکي آندي آ“ جي پڌرائي پڻ ڪئي وئي جڏهن ته مختلف فنڪارن الهڏنو جوڻيجو ، صادق فقير ، برڪت فقير، ڪريم ڏنو فقير عبدالله پنهور ڀڳڙو مل شيخ اياز جي شاعري ڳائي