• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن ڏي دانهين ٿينداسين؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
سج اونڌاهون ۽ ڌرتي ريٽي!
ڪنهن کي مَن جا جھِير ڏيکارينداسين؟
گُونگو چنڊ ۽ ٻوڙو آڪاش!
ڪنهن ڏي دانهِين ٿينداسين؟
دَس سمورا ڀيڙيل آهن، ستن ئي آسمانن جا . . . .
انصاف پِنڻ لاءِ ڪنهن جو در کڙڪائينداسين؟
اَچ اونڌاهين کان رَنگ وٺون ڪي . . .
۽ ’جيئرن لاشن‘ کان اوڌارا ڪِي ساهه!
پوءِ شايد اُنڌاهين جا رَنگ سمورا . . .
۽ لاشن جا ڪي ’ساهه‘ اُڌارا . . . !
گُونگي چنڊ ۽ ٻوڙي آڪاس کي . . .
سِج اونڌاهين ۽ رِيٽي ڌرتيءَ کي . . . ؛
هيتن عرش جو در کڙڪائي . . . .
هِن ڌرتيءَ جي جھانگيرن جي؛
بَل جي دانهن پڄائي سگھندا . . . !
دک جا جھير پَسائي سگھندا . . . !
 
Back
Top