سج اونڌاهون ۽ ڌرتي ريٽي! ڪنهن کي مَن جا جھِير ڏيکارينداسين؟ گُونگو چنڊ ۽ ٻوڙو آڪاش! ڪنهن ڏي دانهِين ٿينداسين؟ دَس سمورا ڀيڙيل آهن، ستن ئي آسمانن جا . . . . انصاف پِنڻ لاءِ ڪنهن جو در کڙڪائينداسين؟ اَچ اونڌاهين کان رَنگ وٺون ڪي . . . ۽ ’جيئرن لاشن‘ کان اوڌارا ڪِي ساهه! پوءِ شايد اُنڌاهين جا رَنگ سمورا . . . ۽ لاشن جا ڪي ’ساهه‘ اُڌارا . . . ! گُونگي چنڊ ۽ ٻوڙي آڪاس کي . . . سِج اونڌاهين ۽ رِيٽي ڌرتيءَ کي . . . ؛ هيتن عرش جو در کڙڪائي . . . . هِن ڌرتيءَ جي جھانگيرن جي؛ بَل جي دانهن پڄائي سگھندا . . . ! دک جا جھير پَسائي سگھندا . . . !