اي سنڌُ ڄائي!

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    اي سنڌ ڄائي!

    هجيئي سڀ سڻائي،

    ڪڏهن واءُ ڪوسو نه توکي لڳي

    ڪڏهن وقت اوکو نه توتي اچي.

    ٻين کي تون پڻ پياري هوندينءَ

    تن لئه ميگهه ملهاري هوندينءَ،

    پر تنهنجيءَ اُڃَ ۽ اُلڪي کي

    جيئن هيءَ ڌرتي ڄاڻي

    ٻيو ڪو ڪيئن ڄاڻي!؟

    پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ کي پياري آهين،

    جنهن توکي پنهنجو رَتُ ستُ ڏنو آهي

    اها تنهنجيءَ هر سوڀ ،هر ڪاميابيءَ تي

    خوش ٿيندي ۽ کلندي آهي.

    ۽ جڏهن جڏهن به تون

    ڪنهن ڏک جي ڏاگهه تي چڙهڻ لڳندي آهين،

    ته هن جي مامتا تڙپي اٿندي آهي،

    ۽ تنهنجي ڇوٽڪاري ۽ خوشيءَ لاءِ

    دعائون گهرندي آهي.

    تو جڏهن جڏهن به ڪا سَهوَ ڪا غلطي

    ڪئي آهي، ته هوءَ

    اهو سوچي توکي بخشيندي آهي، ته تون ان جو

    تدارڪ ڪندينءَ

    (ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجيءَ ٿڃ تي شڪ نٿي ڪري سگهي.)

    اي سنڌ ڄائي!

    جُڳ جُڳ جُڙي رهين،

    اڄ تون شهرتن جي بلندين تي آهين،

    ڏيهه پرڏيهه تنهنجي ناماچاري آهي.

    تون جتي به وڃين ٿي،

    عزتون ۽ آجياڻا تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهن

    ۽ محبتون تولاءِ منتظر آهن،

    لوڪَ توکي چاهين ٿا،

    چاهين ئي نه پر دل جان نڇاور ڪن ٿا.

    عزتن ۽ شهرتن جي هن مقام لاءِ،

    توکي گهڻيون گهڻيون واڌايون هجن.

    تنهنجي جيجل سنڌ کي توتي فخر آهي.

    پر ڇا تو ڪڏهن سوچيو آهي ته تنهنجي

    جيجل جا،

    مٺيءَ ماءُ جا،

    ڏک سور ڪهڙا آهن؟

    ۽ ان جو اولاد ڪهڙن اهنجن ۾ ورتل آهي؟

    ڇا تون ڄاڻڻ چاهيندينءَ؟

    ها ته پوءِ ٻڌ!

    ڪي ساٺيڪو سال اڳي

    تنهنجي ماتر ڀومي

    ۽ ڀونءَ واسي

    شامل ٿيا هئا،

    مذهب جي نالي ۾ ٺهندڙ

    ”پاڪ آستان“ ۾.

    پر ڪجهه واعدن سان

    ۽ ڪجهه شرطن سان ته:

    تنهنجي ڌرتي

    ۽ ڌرتي واسي

    ان ۾ هوندا آزاد،

    ان ۾ هوندا بااختيار،

    سڀ ساريون خوشيون ماڻي سگهندا.

    جيون ڇڄ مان

    درد سمورا ڇاڻي سگهندا،

    ماڻي سگهندا

    سارا سک ۽ سڀ آنند

    تن لاءِ هوندي

    رت بسنت هر ڪا مُند.

    پر تن سان دوکو ٿيو،

    هيءُ سودو تن لئه اوکو ٿيو.

    شروع ۾،

    سنڌ مان سنڌين کي تڙيو ويو

    ڇو ته اهي هندو هئا!

    مذهب جي نالي سان

    هن قوم کي ٻه ڀاڱا ڪيو ويو،

    جيڪا اڳي

    ساٿ سٻنڌ سان،

    سک امن سان،

    صدين کان گڏ

    رهندي پئي آئي،

    گيت محبت،

    سنگ صحبت جا چوندي پئي آئي.

    تن ۾ ڪو مت ڀيد نه هو،

    تن جي قومي جيون ۾ ڪو ڇيد نه هو.

    جڏهن و رهاڱي جا ٿيا سانباها

    تڏهن به ڪنهن کي ڪَل نه هئي

    ته ڪو،

    سرحدن سان گڏ،

    قومون به ورهايون وينديون،

    ۽ ماڻهن جي مٽا سٽا به ڪئي ويندي.

    مذهب جي نالي ۾،

    هر سرحد کان ايندڙ

    لاڏائو قافلن کي

    سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو.

    تن لاڏائو ٽولن کي

    ٻيا به رهائي سگهيا ٿي،

    پر،

    جتي ڪٿي تن کي اهو چيو ويو:

    ”پاڪستان اڀي آگي هي!“

    ائين سڀ ننڍي کنڊ جا تڙيل ٽولا

    سنڌ ۾ آيا.

    شروع شروع ۾،

    مسلمانيءَ جي جذبي ۾،

    اسان به تن کي قبول ڪيو،

    انصار مهاجر واري روايت پاريسين،

    ۽ ڌارين سان

    پنهنجي ڌرتي

    پنهنجون ملڪيتون

    گذر سفر جا سڀ وسيلا ۽ محبتون

    ورهايونسين.



    اي سنڌ ڄائي!

    او بختاور!

    پر

    ڌاريا، ڌاريا ثابت ٿيا.

    جيڪي تنهنجي ديس ۾ آيا،

    مک شهرن تي قابض ٿيا،

    ۽ جن ڀائرن تنهنجي ديس واسين

    تن جي آجيان ڪئي

    تن جي مرحبا ڪئي

    اهي کانئن نفرت ڪرڻ لڳا.

    چي: ڄٽ آهن

    هنن جي تهذيب گڏهن، گهوڙن واري آهي.

    ايترو ئي نه پر

    تن جي رکوالن ۽ محافظن،

    ڏاڍ ڏمر جي پوئلڳن،

    اُهي ئي

    جن اسان سان وچن ڪيا هئا ته

    نئينءَ ٺهندڙ رياست ۾

    اسين هونداسين آزاد،

    اسين هونداسين بااختيار،

    تن، سوچيل سمجهيل سازش سان،

    ڌارين کي مضبوط ڪيو.

    ۽ اسان ڏٺو ته اسان جي تنهنجي

    ٻاٻاڻي ٻوليءَ سان وير پاڙيو ويو

    ۽ ان کي اسان جي شهرن مان،

    نيڪالي ڏني ويئي،

    ضرب ڪاري هنئين ويئي،

    ٻار اسان جا

    پنهنجيءَ ماءُ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾

    پڙهڻ کان محروم ڪيا ويا،

    لکڻ کان محروم ڪيا ويا.



    اي سنڌ ڄائي!

    اُن وِهُه پيئڻ جو،

    ذائقو اڃا به تازو هو ته

    اسان کي چيو ويو ته اسين

    هاڻي”سنڌ“ اچارڻ ڇڏي ڏيون،

    ان جي نانوَ جو

    ڏيئو ٻارڻ ڇڏي ڏيون.

    حڪم ٿيو ته

    ”سنڌ“ ماضيءَ جو ”حصو“ آهي،

    ڪوئي پراڻو”قصو“ آهي.

    هُنن کان وسري ويو ته

    پاڻ ئي وچن ڪيو هئائون ته:

    سنڌُ، پاڪ آستان ۾،

    رهندي آزاد،

    سنڌ واسي هوندا بااختيار،

    ۽ چيائون:

    هاڻي هيءُ منصوبو رهندو،

    بس هڪڙو ئي صوبو هوندو،

    ٻئي پاسي بنگالي آهن

    تن کي مهاڏو ڏيڻو آهي،

    اڪثريت ۾ رهڻ وارو

    حق انهن کان کسڻو آهي.

    پر اسان تنهنجي ديس واسين

    ان رٿا کي ڪو نه قبوليو

    جنهن اسان کان

    صدين جي ٿي کسي سڃاڻپ،

    اسان نه وساريو سنڌ جو نانءُ

    پئي اچاريو سنڌ جو نانءُ.

    پوءِ بديءَ جون سڀ انڌيون طاقتون

    مڇرجي،

    اُلرجي،

    ظلم ۽ ڪروڌ جي روايتي انداز سان

    گِگ وهائڻ لڳيون.

    اسان کي جيلن ۾ وڌائون

    جان وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنائون

    اسان جي شعرن تي،

    ڪهاڻين تي،

    افسانن تي،

    ۽ ٻين ليکن تي،

    زنجير وڌائون،

    ۽ فرمايائون ته

    ”سنڌ“ ”سنڌ“ ڪرڻ ڇڏي ڏيو!

    ان ڪري ئي اياز چيو:

    ”سنڌڙي! تنهنجو نانءُ وتو

    ڪاريهر تي پير پيو.“

    پر اسان ته او سنڌ ڄائي،

    شاهه لطيف کي ساريو پئي:

    ”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري

    حيف تنين کي هوءَ، وطن جن وساريو.“

    هيئن به آهي اسان ۾ ڪيئي

    هئا اڻاسي،

    جن

    ايوانن ۾ ”هڪ صوبي“ جي حق ۾

    ووٽ ڏنو

    ۽ ڌرتيءَ جي ڦٽڪار کنئي،

    تاريخ جي رسوائي،

    پاڻ ئي پنهنجي نانءِ لکي.

    تن غدارن کي

    تنهنجي ديس واسين

    اڃا به ڏني ناهي معافي

    ڇو ته انهن جي

    ڏوهه جي ناهي ڪا به تلافي.

    ون يونٽ هڪ ڊوهه هئو،

    جو واريءَ جي ڪوٽ جيان

    پٽ پيو.

    پاڻ ٿياسون سوڀارا

    پنهنجا وارا ٿي پيا نيارا.

    پر ڳالهه اتي به ڪيو نه ڇيهه،

    هي جيڪي ننڍي کنڊ جا ٽولا

    هت آيا هئا،

    تن هڪ لشڪري ٻوليءَ جو راڳ آلاپيو،

    جنهن سان پنهنجو

    سڱ سياپو ڪو نه هو،

    ڪوئي ناتو ڪو نه هو،

    چيائون ته سنڌ ۾ اها ئي ٻولي رهندي!

    اسان چيو ته

    ائين نه ٿيندو

    ”سنڌي ٻولي زنده باد

    ان ۾ جيڪا جيجل ڏني،

    سا ئي لولي زنده آباد“

    اسان چيو ته

    ٻولي ٻي نه قبول ڪنداسين،

    پڙهنداسون سڀ ڪتاب، سنڌيءَ ۾،

    ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾،

    سنگ ميل، سائن بورڊ

    قومي شناختي ڪارڊ

    هر ڪا لکت گهرجي سنڌيءَ ۾.

    ان تي ڌارين شور فساد ڪيو.

    چي: ”اردو ڪا جنازه هي

    ذرا ڌوم سي نڪلي.“

    اسان هنن کي سڀ ڏنو،

    پر،

    پوءِ به اسان جي ٻوليءَ کي

    هو ته مڃڻ لئه تيار نه ٿيا!

    تن کاڌو پئي سنڌ جو

    ۽ پيتو پئي جر سنڌوءَ جو.

    پوءِ به انهن جي فطرت ۾ ڪو ازلي ڦيرو هو،

    سندن ذهنن تي غلطانن جو گهيرو هو.

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪا نه بڻي،

    پر

    سنڌ اندر به صوبي ۾ لشڪري ٻوليءَ کي

    ان سان ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو.

    سچ، ڪاپاري وار ڪيو ويو.



    او سنڌ ڄائي!

    توکي تنهنجي ديس جا

    ڪهڙا ويهي سور ڳڻايان،

    پنهنجن جا ۽ ڌارين جا

    ڇا ڇا هت پرڪار پڙهايان.

    هيءَ سنڌو،

    جنهن جي امر ڌارا جا

    پاڻ صدين کان ساکي آهيون،

    جر پيئون ٿا

    ۽ جيئون ٿا،

    ان جا ڳڻ ڳايون ٿا،

    ان جا ٿورا لاهيون، ناممڪن!

    ان جي ڀال ڀلاين کي،

    جي ساراهيون ناممڪن،

    درياهه شاهه

    ڳهيلو بادشاهه،

    اباسين، هيءُ سنگهي ڪَبَبُ،

    هيءُ مهراڻ

    آهي اسان جي جند

    اسان جي جان،

    اسان جو ساهه پساهه.

    سارو ئي اتهاس چوي ٿو

    پاڻ انهيءَ جا وارث آهيون،

    مالڪ آهيون

    پر

    اسان کان درياهه شاهه

    ڄڻ ته کسيو ويو آهي

    ۽ هن شينهن کي جڪڙيو ويو آهي.

    هي جي پاڻيءَ جا واپاري،

    تن پنهنجا درياهه وڪيا،

    ”پنجن درياهن جي ڌرتي“

    هاڻ ته دوآبي آهي،

    پوءِ به سڏجي پنج درياهي

    ڇو ته سنڌو وٽن ئي آهي،

    جيڪو پنج درياهن برابر آهي

    “(اڃا به ست درياهن برابر آهي.

    ان جو هڪڙو نانءُ

    سپت سنڌو ست درياهي به آهي)

    ڪلهه ٻارهوئي،

    درياهه وهيو پئي

    ڄڻ ته سنڌين ۾ ساهه وهيو پئي،

    پر اڄ ڪيڏو تانگهو آهي،

    هئه هئه وقت اڻانگو آهي.

    پنجن درياهن وارن،

    سنڌو طاس ٺاهه ڪيو،

    پر سنڌ وارن کان ڪو نه پڇيو

    پاڻ صلاحُو ٿي چورن وانگي

    تن ٺڳيءَ جو ٺاهه ڪيو،

    پوءِ ٻڌائون بند سنڌوءَ تي،

    واهه ڪڍيائون،

    پنهنجي ڌرتي سرسبز ڪيائون.

    ڦڙي ڦڙيءَ لئه پاڻ سڪياسين،

    زمينون زرخيزي ڇڏي ويون،

    مال متاع نه جالي سگهيو،

    پکي پکڻ کان سنڌ جو،

    نيل گگن خالي ٿيو.

    ۽ ماڻهو حال کان بيحال ٿيا،

    سُکي ڌرتي ڏکي بنجي ويئي.

    پر هو اڃا به چون ٿا،

    ڪالاباغ ڊيم گهرجي.

    عجب!

    افسوس!

    امداد حسينيءَ سچ چيو آهي:

    ”پنهنجا دريا وڪڻي هاڻي

    سنڌوءَ تي لامارا آهن،

    ڪالاباغ اڏڻ وارن جا

    اندر ڪيڏا ڪارا آهن.“

    هائو هاڻ اسين سنڌوءَ تي،

    ڪو به ڊئم نٿا چاهيون،

    سنڌوءَ کي وڌيڪ ڪو به ٽُڪو ڏيڻ

    اسين سنڌي قوم جي شهه رڳ

    وڍڻ برابر سمجهنداسين.



    سو اي سنڌ جي راڻي!

    ساري آ هيءَ رام ڪهاڻي،

    هي سنڌي ماڻهو

    تنهنجا ماڻهو،

    تنهنجا ديس واسي

    سڀ وڃائي ويٺا آهن،

    پنهنجا مک شهر،

    درياهه،

    زرخيز زمينون،

    سڀ وسيلا،

    ۽ ڌاريا هت پلجن ٿا لکن ۾،

    پنهنجين ڌرتين هوندي ڀي،

    ڄورن وانگي سنڌ کي چنبڙيا پيا آهن.

    ڇا سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو آهي!

    ۽ ٻئي پاسي،

    سنڌي سارا،

    وطن ۾ بي وطن آهن،

    تن جون وسنديون روز ڊهن ٿيون،

    تن کي روز چتاءُ ملي ٿو،

    وسندي خالي ڪريو!

    ڪالهه جنين کي اسان ڏنيون هيون

    جيءَ ۾ جايون،

    سي اڄ اسان کي پنهنجيءَ

    ڌرتيءَ تي،

    ڪا به جاءِ ڪين ڏين ٿا

    هيئن چون ٿا،

    پاڻ هتي غير قانوني ويٺا آهيون؟

    سٺ سالن ۾ هڪ

    سکي ستابي،

    کلندي ٽڙندي،

    قوم تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي

    اچي لڳي آهي،

    تن کي ڪو به اجهو نه امان آهي،

    هاءِ ارمان آهي.

    تاريخ ڪيتري نه ظالم آهي

    جو بڻ بڻياد کان اوپرا،

    پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ کان

    وانجهيل ٽولا،

    اڄ اسان تي حڪومت ڪرڻ جا خواب ٿا ڏسن

    ۽ افسوس هيءُ به آهي ته اسان تي

    اڄ ڏينهن تائين”ڪانوَ“ ۽ ”ڪانئر“ ئي

    حڪمران بڻائي مڙهيا ٿا وڃن:

    ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن.“

    اٺ ورهيه بي وطنيءَ جا گهاري

    تون جا ڏيهه وريئنءَ

    سڀ جي ساهه سريئنءَ،

    تنهنجا ڏيهه واسي

    لکها لک اچي مڙيا توتي،

    پتنگن وانگي

    کڙيا توتي چنڊ جيان،

    ڇا ته سمو هو منڊ جيان!

    اونداهيءَ جي رکوالن سو ڪِين سٺو

    هاءِ ڪراچيءَ ۾،

    ڪيڏا جسم هوا ۾ وکري پَٽ پيا،

    ۽ سنڌين جي رت جو ٻيهر مينهن وُٺو.



    او سنڌ ڄائي!

    تون ڄاڻين ٿي

    هيءَ دهشت ڦهلائڻ وارا ڪير هئا،

    هي ته اهي ئي غير هئا،

    جن وير اسان سان پي پاڙيو آهي.

    اڃا ته ڪلهه جي ڳالهه لڳي ٿي،

    انهن ئي تنهنجي بابا کي ڦاهيءَ چاڙهيو

    ۽ تنهنجي موڀي ۽ جوڌي ڀاءُ کي

    رستي ۾ بيهاري ماريو.

    ڇا پوءِ به اياڻي رهندينءَ،

    يا سڀ ڪجهه سمجهي

    پاڻ تي هيئن ماٺ مڙهيندينءَ،

    تون ته سڀن جي ڳالهه ڪرين ٿي،

    ايءُ پڻ چڱو ڪم.

    پر،

    هيءُ نه وسار

    تنهنجي بابا پڻ اهو رستو ورتو هو،

    هن به سڀن کي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش

    ڪئي،

    هن سان ڇا ٿيو؟ تون ڄاڻين ٿي،

    هاڻ اهي ئي تنهنجي رت جا پياسا آهن،

    ان موقعي تي هڪڙو ڀيرو،

    پنهنجي سوچ سنواري ڏس،

    ڏس پنهنجي ڌرتيءَ ڏي،

    پنهنجن ماڻهن ڏي،

    پنهنجي تهذيب،

    پنهنجي ٻولي،

    پنهنجن ريتن روايتن ڏي

    ۽ تن مڙني ڏکن ڏاکڙن ڏي،

    جن جو ڪل وچور ڏنو ويو.

    رڳو”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ ته ڪافي ناهن.

    اسان کي ورائڻا آهن

    ۽ ڪيئن به واپس وٺڻا آهن

    پنهنجي جيئڻ جا سڀ وسيلا

    زمينون،

    درياهه،

    ۽ سڀ سياسي، معاشي

    سماجي ۽ ثقافتي حق،

    اسان کي گهرجي آجپو ۽ برابري ۽ ڀائيچارو.

    اسان کي گهرجي عزت، خوشحالي ۽ امن،

    ته جيئن اسين

    ماضيءَ واريءَ سنڌ جي نقشي تي

    تعمير ڪري سگهون هڪ نئين سنڌ،

    اها سنڌ جيڪا اسان جي سپنن ۾ آهي

    خواهشن ۽ امنگن ۾ آهي.

    دل تي هٿ رکي ٻڌاءِ،

    سنڌي ماڻهن کان وڌ

    توکي ڇا ڪو چاهي ٿو؟

    ڇا تن جئن توتان ٻيو ڪوئي

    گهوران گهور وڃي ٿو.

    هي سنڌ ڄاوا

    ۽ سنڌ ڄايون

    توسان ڪيڏو ريڌل آهن

    پرتل آهن!

    تون ته انهن کي جذبي سان

    اهڙي ئي ڪا موٽ ته ڏي!

    هر ڀيري هيئن چوٽ نه ڏي!

    اسان ته پنهنجن جا لاش ڪلهن تي

    ڍوئي ڍوئي ٿڪا آهيون،

    ڪيسين ڪانڌيءَ وارو ڪردار اسان جي

    حصي هوندو.

    هي سورهيه جن جان ڏني،

    ڇا تن جو رت ايئن ئي وئرٿ ويندو رهندو؟

    جي تون تن کي مانُ ڏيڻ گهرين ته پوءِ

    پنهنجي ديس واسين جي پاسي ٿي بيهه.

    واءِ افسوس! نه ته تون اڳتي ڏسندينءَ

    تو وٽ ڪائي واٽ نه هوندي.

    هاڻ جڏهن تون نئين سفر تي اسهين پئي،

    تڏهن توکي ياد هجي.

    تنهنجي سڀ کان پهرين ترجيح هوندي

    سنڌ، جا تنهنجي جيجل آهي،

    ۽ سنڌي ماڻهو جيڪي تنهنجا

    مِٽَ حقيقي آهن

    ۽ تنهنجي مقصد جي ماٿي جا

    چٽ حقيقي آهن.

    اها ترجيح ئي سڀ کان وڏي حقيقت آهي

    سڀ کان وڏي عظمت ۽ عزت آهي

    ۽ سڀ کان اعليٰ شهرت آهي.

    ڌاريا ۽ پراوا ماڻهو

    ڪڏهن به تنهنجي ڪم نه ايندا،

    توکي تنهنجن ماڻهن کي اوجهڙ منجهه گڏيندا.

    تن جي سهاري لئه واجهائڻ هاڻ ڇڏي ڏي.



    او سنڌ ڄائي!

    پنهنجن تي ڪر ويساهه،

    پنهنجي ڌرتيءَ ماتا ڏي ڏس،

    جيڪا اهنجن ورتي آهي

    ڪڏهن نه سک سان پرتي آهي

    اها ته تولئه دم دم واجهائي ويٺي،

    تو ۾ آس لڳائي ويٺي.

    ڀُليو رُليو ناهي هوندو،

    جي ڀلجڻ مان تون واٽ سنئين ڪڍين

    ڪا بات نئين ڪڍين.

    آءُ سنڌ جو سچ قبول

    ۽ هيءُ مچ قبول

    جيڪو ازلان ٻري رهيو آ!

    تاريخ ۾ ڪيئي آنڌيون آيون

    آنڌيون ويئون

    پر اهو ڪڏهن ڪو نه ٺريو آ.

    آءُ انهيءَ سچ جي ساک کڻي

    تون به چئي ڏي:

    ”جيئي سنڌ

    ”جيئي سنڌ

    ”جامِ محبت پيئي سنڌ!“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو