سنڌي ڪمپيوٽنگ

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ امجد خان راهوجو طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2009۔

  1. امجد خان راهوجو

    امجد خان راهوجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2009
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عليڪم دوستو۔۔۔۔!
    شل آباد ۽ خوش رهو۔۔۔۔۔۔
    آئون امجد خان راهوجو حيدرآباد کان، اڄ تائين نه سمجهي سگهيو آهيان ته سنڌ ٻولي ڪمپيوٽر تي جيڪا اڄ ڪلهه اسين لکون پيا ڇا اها سنڌ آهي؟ مونکي گهڻو ڪجهه شوق آهي سنڌي ڪمپيوٽنگ لاٌ۽ ڪم ڪرڻ جو پر، افسوس اسان سنڌي شاگردن کي ڪو ان لاٌ مخصوص پليٽ فارم نه آهي، جيڪي آهن اهي صرف تاريخ، ادب ۾ رڌل آهن ادارا جيئن ته سنڌ لئينگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي، جيڪي صرف ٻوڙ رڌڻ جا ڪتاب ڇپي رهيا آهن، يا سسئي مارئي نئين ترميم سان ٻيا ڪيترائي اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن، پر اڄ جو شاگرد جيڪو سنڌ يونيورسٽي يا ٻئي ڪنهن يونيورسٽي مان ايم سي ايس ڪري نڪري ٿو، يا سافٽويئر يا ته ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يا ته ڳوٺ وڃي ڪنهن ڪلارڪ، يا پوليس واري نوڪري جي تلاش ڪري ٿو۔ پر ان کي اگر ڪو پليٽ فارم ملي ته هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، مونکي هن ڳالهه جو اڪثر ڏک ٿيندو آهي ته سنڌ لکڻ لا۽ اسان کي 2009ع ۾ به عربي يا فارسي سپورٽنگ جي ضرورت پئي ٿي ۽ جيڪا ڪاوش اخبار ۾ سنڌي لکي وڃي ٿي ڇا اها سنڌي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟ نه دوست پر اها عربي جي فونٽ نيو ڪاتب ۾ جڳاڻ آهي، سنڌ ڪمپيوٽنگ اڃان به جڳاڙن تي پئي هلي۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
    ساٿ سلامت سنڌ سلامت
    راهوجا امجد خان (مورائي)
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، حيدرآباد
     
  2. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باري ۾ ڪجهه معلومات.

    پيارا دوست امجد توهان جي لکڻي بهتر آهي پر ان هوندي به توهان جي لکڻيءُ مان توهان جي سنڌي ڪمپيوٽنگ متعلق ڄاڻ جي ٿورائي محسوس ٿي رهي آهي، پهريان ته توهان کي معلومات ڏيان ته هيئر سنڌ يونيورسٽيءُ ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو هڪ عدد سبجيڪٽ پڙهايو ونڃي ٿو، جيڪڏنهن منهنجي ڳالهه فرضي محسوس ٿئي ته انهيءَ سبجيڪٽ جي خالق ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ سٿ جي پيادي دوست علي حسن ملاح کان معلومات ڪري سگهو ٿا. 03003440426
    ۽ جيسين توهان جي ڳالهه آهي ته اسان سنڌي جي لاءِ عربي سان وري فارسي يا وري اردو جي سپورٽنگ استعمال ڪريون ٿا ته انهيءَ ۾ به سنڌي ڪمپيوٽنگ جو ڪو به ڏوهه ڪون آهي، ڇو ته جڏهين مائڪروسافت وارا هن ڀيري ونڊوز 7 ۽ وسٽا لائونچ ڪرڻ وارا هئا ته انهن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي روح روان سائين عبدالماجد ڀرڳڙي کي رڪيسٽ ڪئي ته سنڌي ٻوليءِ جي لاءِ سموري معلومات لکت ۾ محيا ڪريو، پر جيئن ته سنڌي گرامر ۽ واولز، ٿورڙا ڪون آهن سو اهو ڪم ڪو ادارو ئي ڪري سگهي پيو، جنهن جي ڪري سائين ماجد صاحب انهيءَ ڪم کي پري ڪرڻ لاءِ اهو عرض سنڌي ادارن جهڙوڪ سنڌي ليگويج اٿارٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءُ تي رکيو پر انهن 3 مهينن تائين ڪو به ريپلاءِ ڪون ڪيو ۽ آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ وارن اهو ريپلاءِ ڪيو ته اسان انهيءَ سلسلي ۾ ڪهڙا ڪم ڪريو اهو سمجهايو، افسوس جهڙي ڳالهه هئي، جو اسان جي سنڌي ٻولي ونڊوز ايڪس پي کان پوءِ هنن ٻن عدد بهترين ونڊوز ۾ به شامل ڪون ٿي سگهي، انهيءَ جو ڏوهه ڪنهن تي ڏجي اهو توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو، اصل ۾ نالائق ماڻهون جڏهن قوم جي ادارن کي هلائڻ لڳندا آهن ته اهڙا ئي وڏا وڏا نقصان ٿيڻ تي ڪا به حيرت ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، دوست باقي جيڪو توهان ڪاوش جو احوال ڪيو، اهو سافٽويئر سائين ماجد صاحب 1988 کان به پهريان جوڙي استعمال ڪيو هيو، جيڪو انهيءَ وقت ميڪنٽوش تي استعمال ٿيندو هيو پوءِ انهيءَ سافٽويئر جي ڪاپي ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه ٻين دوستن جن جا نالا ڪون ٿا وٺون انهن انهيءَ سافٽويئر کي ونڊوز تي اپڊيٽ ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو هيئر تائين ڪاوش وارا استعمال ڪري رهيا آهن، پر ان هوندي به هو گهڻي ڀانڱي ايم بي سنڌي استعمال ڪن ٿا، سو ڳالهه اها آهي ته اسان جي ادارن کي پنهنجا فرض پورا ڪرڻ گهرجن ۽ توهان جهڙن دوستن کان اميد ٿي ڪجي ته توهان به ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکاريندئو اهو چاهي قلم يان ڪريو يا وري ڪمپيوٽر سان، پر انهيءَ جو ريزلٽ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ملندو، اميد ته توهان کي جيڪر ڪا به بي معلومات گهربل هوندي ته توهان مونکي ياد ڪندا
    ))))))))))))))))))))))))))))))))))))۽
    عبدالعزيز منڱريو
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. امجد خان راهوجو

    امجد خان راهوجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2009
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ايم بي سنڌي جي باري ۾ اصل حقيقت

    اسلام عليڪم سائين۔۔۔۔۔!
    آئون توهان جي ڳالهين کان انڪار نه ٿو ڪريان منهنجا پيارا دوست عبدالعزيز منڱريو صاحب، پر درسل حقيقتون اڃان وڌيڪ آهن، جڏهن ماجد ڀرڳڙي صاحب سنڌ ايم بي سنڌي ونڊوز ايڪس پي ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ لاٌ مائيڪروسافٽ ويو هو ته هن کي به اداري جي مدد نه پنهنجي پاڻ وڃي ڪيائين، والله عالم ڪهڙي نيت سان، پر ان کي جواب ڏنو ويو ته ۽ ساڻس پڇا ڪئي وئي ته توهان ڪير آهيو؟ سنڌي ٻولي ڇا آهي؟ توهان پنهنجي حڪومت کان لکرائي اچو، ان کانپوٌ اسين ونڊوز ايڪس پي ۾ انڪليوڊ ڪنداسين توهان جو ڪي بورڊ، ان وقت سنڌ لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين الانا صاحب هو، جنهن سان سائين ماجد صاحب اها ڳالهه ڪئي ته مان ايم بي سنڌي جو ڪي بورڊ تيار ڪيو آهي، پر ان لاٰ توهان کان لکت ۾ کپي، جيڪو سائين الانا صاحب لکي ڏنو، پر ماجد صاحب لئنگويج اٿارٽي کي اهو ڪي بورڊ ڏيڻ لاٌ چيو ۽ فانٽس به پڻ، جنهن آسري تي الانا صاحب الائي ڪيترائي بل سنڌي ڪمپيوٽنگ جي نالي تي پيش ڪري، گهڻو ڪجهه هضم ڪيو، جنهن بعد ماجد صاحب فانٽس ۽ ڪي بورڊ جي اوريجنل ڪاپي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، شايد مان توهان جيترو پڙهيل لکيل نه هجان يا هوشيار نه ڪو ئي مونکي ڪي ٽيڪنيڪل لفظ استعمال ڪرڻ اچن ٿا۔ پر مونکي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو، ته ائين دوست ڇاجي لاٌ ٿا ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟

    سدا سلامت خوش و آباد رهو
    امجد خان راهوجو (مورائي)
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو،
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ

    ادا ڀائو. خوش رهو شال.
    پر ڳالهه ٿورڙي آهي ته سائين ماجد صاحب اهو پهريون ڀيرو نه ڪيو، شايد توهان سائين جي سموريون ڳالهيون ناهن ٻڌيون، سائين 1980 جي ڏهاڪي کان اهو ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ سائين جو صرف اهو ڪارنامو ناهي ته ايم بي سنڌي جوڙيائين، پر توهان جي معلومات لاءِ ته سائين اهو پهريون سنڌي آهي جنهن پهريون ڀيرو سنڌي ۾ ميڪونٽاش جي پي سي ۾ سنڌي لکائيءَ جو پروگرام جوڙيو هيو، جيڪو سنڌي ٻولي جي تاريخ جو پهريون ڪمپيوٽرائيز سنڌي ٻولي جو پروگرام هيو، ۽ انهيءَ جي ئي ڪري سموريون اخبارون ۽ ميڊيا وغيره سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽنگ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، سو باقي ايم بي سنڌي وارو ڪي بورڊ ته تمام بعد جي ڳالهه آهي سهڻا سائين، باقي سائين الانا صاحب ڇا ڪيو اهو مونکي ناهي خبر نه ۽ ئي مان اهڙين ڳالهين جي کوجنا جو شوقين آهيان، بس اها خبر اٿم ته اسان ڇا ڪري رهيان آهيون، سنڌي ڪمپيوٽنگ کي هٿي ڏيارڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪون ڇڏينداسين، اميد ته توهان اسان جا ساٿاري ٿيندئو.
    باقي دعا ۾ ياد
    حاجي عزيز منڱريو
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    وزارته داخلايه سعودي عرب
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ڪمپيوٽنگ

    ادا سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باري ۾ توهان دوستن جي معلومات ڏيڻ جي مهرباني۔۔۔ برحال جيترو ڪم سائين ماجد ڀرڳڙي ڪيو آهي۔۔۔۔ انهيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪنهن به سرڪاري اداري ڪو وڻندڙ ڪردار ادا نه ڪيو۔۔۔ جيڪڏهن انهن ادارن کي دلچسپي هجي ها ته ونڊوز جي نئين ورزنس ۾ اسان جو ڪي بورڊ شامل ضرور هجي ها۔۔۔۔
    پر جيستائين اوهان دوستن جي محنت شامل رهي ته انشاءَ الله سنڌي ٻولي کي جديد دور جي تقاضن سان اڃان به وڌيڪ ڊجيٽلائيز ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ادي عبدالعزيز جي ڳالهه صحيح آهي ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي ترويج لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو ان تي غور ڪرڻ گهرجي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو