• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

شيرين

سينيئر رڪن
غزل
اسان جي زندگي گذري، سدائين غم گذارن ۾،
قسم آهي خدا جو پڻ، سنڌوءَ جي صرف سارن ۾.
اسان آ غم الم پيتو، سدا آبي حياتين جان،
اسان جو آشيانو هو صرف،عشقي منارن ۾.
اوهانجي پيار ۾ هر دم، روحاني راڳ پئي ڇيڙيا،
اسان جي درد جي ويڻا، وڳي پئي آبشارن ۾.
اوهان جي حسن تي هرکي، ڀلائي سڌ سڄي ويٺس،
اسان لئه هئي خزان هردم، گلابي گل و خارن ۾.
اوهانجي روپ جو جادو،به جادو ڄڻ ته طلسم هو،
اوهان جو حسن هو وينگس، سدائين ڪششدارن ۾.
 
Back
Top