غزلاسان جي زندگي گذري، سدائين غم گذارن ۾،قسم آهي خدا جو پڻ، سنڌوءَ جي صرف سارن ۾.اسان آ غم الم پيتو، سدا آبي حياتين جان،اسان جو آشيانو هو صرف،عشقي منارن ۾.اوهانجي پيار ۾ هر دم، روحاني راڳ پئي ڇيڙيا،اسان جي درد جي ويڻا، وڳي پئي آبشارن ۾.اوهان جي حسن تي هرکي، ڀلائي سڌ سڄي ويٺس،اسان لئه هئي خزان هردم، گلابي گل و خارن ۾.اوهانجي روپ جو جادو،به جادو ڄڻ ته طلسم هو،اوهان جو حسن هو وينگس، سدائين ڪششدارن ۾.