سجاڳي آڻيون 1547 اٽيچمينٽ ڏسو ننڍڙيون وڏڙيون سرتيون سياڻيون،سرندي واريون مسڪينياڻيون.هڪ جيڏيون سڀ گڏجي سڏجي،اچو ته هاڻي سجاڳي آڻيون.ويسر گيسر مور نه سونهين.محنت سان ئي منزل ماڻيون.اونو ڌاريون آئيندي جو،ويندي لاءِ نه ٿيون ويڳاڻيون،اُڀرون پاڻ وهائو وانگر،صبح سوير ڏئي سمجهاڻيون.پاڻ ته روشن جڳ ڀي روشن،ڪرڻو آ ناياب نماڻيون.
هي نظم رضيا ناياب چانڊيو جو لکيل آهي۔جڏهن به ڪنهن جي ڪويتا يا ڪهاڻي يا وري ڪو فيچر لفٽ ڪري رکو ته ان جي سرجنهار جو نان ضرور ڳنهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته تخليق جو اصل ڌڻي اهو ئي آهي بهرحال هيءَ ونڊ آئڙي۔رضيا ناياب چانڊيو رتي ديري جي رهواسڻ آهي، هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهي آئون م ڪي ڄاڻان باقي هن جي ڪجهه تحريرن کي مون رنگن ۾ پورٽريٽ ڪيو هو، تڏهن هيءَ ڪويتا هانءَ تي هري آئي ۽ امالڪ منهنجي ڇهين حس امڪان ۽ کٽڪي جي گهنٽي وڄائي ته نه ٻيلي! هي ته رضيا ناياب جي ڪويتا آهي