سجاڳي آڻيون

'سنڌياڻي' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2012۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سجاڳي آڻيون
    ننڍڙيون وڏڙيون سرتيون سياڻيون،
    سرندي واريون مسڪينياڻيون.
    هڪ جيڏيون سڀ گڏجي سڏجي،
    اچو ته هاڻي سجاڳي آڻيون.
    ويسر گيسر مور نه سونهين.
    محنت سان ئي منزل ماڻيون.
    اونو ڌاريون آئيندي جو،
    ويندي لاءِ نه ٿيون ويڳاڻيون،
    اُڀرون پاڻ وهائو وانگر،
    صبح سوير ڏئي سمجهاڻيون.
    پاڻ ته روشن جڳ ڀي روشن،
    ڪرڻو آ ناياب نماڻيون.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    هي نظم رضيا ناياب چانڊيو جو لکيل آهي۔جڏهن به ڪنهن جي ڪويتا يا ڪهاڻي يا وري ڪو فيچر لفٽ ڪري رکو ته ان جي سرجنهار جو نان ضرور ڳنهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته تخليق جو اصل ڌڻي اهو ئي آهي بهرحال هيءَ ونڊ آئڙي۔رضيا ناياب چانڊيو رتي ديري جي رهواسڻ آهي، هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهي آئون م ڪي ڄاڻان باقي هن جي ڪجهه تحريرن کي مون رنگن ۾ پورٽريٽ ڪيو هو، تڏهن هيءَ ڪويتا هانءَ تي هري آئي ۽ امالڪ منهنجي ڇهين حس امڪان ۽ کٽڪي جي گهنٽي وڄائي ته نه ٻيلي! هي ته رضيا ناياب جي ڪويتا آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو