پيارا ساٿيو السلام عليڪم: ناز چريو اڃان ڇا پيو چاهي ڪا خبر ڪانهي سندس پراڻي مگر هينئر نڪور لڳندڙ هيءَ شاعري پڙهي سندس هينئڙي جِي حالت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔شايد اخلاقيات جا ماهر پروفيسر هن شاعري واري تصوير ۽ شاعري کي پڙهي مون تي تعزير به لڳائي وجهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جي بلڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي ڪنڌ ڪڪورڻ جِي تعزير پُراڻي آ مقتل ۾ اڏي ساڳي ۽ سِيرَ پُراڻي آ ڪيئن ادا رنجيت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تون ڇا ٿو سمجهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪيئن ادا ڄامشورائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تون ڇا ٿو سمجهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪيئن ادا زاهد سومرا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تون ڇا ٿو سمجهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪيئن مُنهنجا ڍوليا سائين نثار ابڙا۔۔۔۔۔۔۔۔ تون ڇا ٿو سمجهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪيئن مٺا جاني سلطان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تون ڇا ٿو سمجهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪيئن سائين رحيم بخش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان ڇا ٿا سمجهو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي، جن ۾ ادا وحيد ڦلپوٽو فقير، ادا وهاب قمبراڻي، ادا عباس مگسي، ادو علي علي جيڪو اسان جي ڪري شايد منهنجي ڪري سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کان رُسي هليو ويو باقي ادا ابو زين، ادا ابو واصف، سڀ جا سڀ کين هٿ ٻڌي ٿو چوان ته توهان سڀ مونکي معاف ڪري ڇڏجو ڇو جو هن شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۾ لڳي ٿو ته مان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نشي ۾ هان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
منڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو ... شرابن (نشي) جا ڪيئي قسم آهن ... ڪي نيڻن سان پيتا ويندا آهن، ڪي گلاسن سان پيتا ويندا آهن، ڪي خمار بنا ڪنهن ظاهري سببن جي به ٿي پوندا آهن ... نشو ڪو ڌوئين جو هوندو آهي، ڪو پاڻياٺ جو هوندو آهي ته ڪو وري خيالي پڻ هوندو آهي ... جنهن ۾ عاشق پنهنجي محبوب جي خيالن ۾ اهڙو ته گم ٿي ويندو آهي جو ماڻهن کي مجنون ۽ ديوانو نظر ايندو آهي ، پر حقيقت ۾ هو پنهنجي محبوب سان ملاقاتون ڪري رهيو هوندو آهي ... ادو ناز ته گلڙن جي واس تي ئي مخمور آهي ... جيئن پاڻ ئي اظهار ڪيو اٿن مون لئه خوشبو شراب خانو آ وٺي گلڙن جو واس پيتو ٿم. ادي نثار ناز جا خيال اورچا ۽ شعر انتهائي وزندار آهي، پر لڳايل تصوير، سنڌ واسين جي ثقافت جي عڪاس ناهي شايد، دوست ناز کي عرض آهي ته هو تصوير جي چونڊ تي ڪجهه توجهه ڏين جو منهنجي خيال ۾ ته سندس غزل ان تصوير کان انتهائي سهڻو ۽ وزندار آهي ... سائين ناز معاف ڪجو جي ڪو غلط لفظ ڳالهائي ويو هجان ... shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
سائين محترم نثار ناز صاحب! اوهان کي سائين محترم نثار ابڙو جن هن شاعري تي جيڪي به ڪمينٽس ڏنا سي بلڪ ٺيڪ آهن۔ پر سائين جيڪا تصوير واري ڳالهه ڪئي آهي اها واقعي پنهنجي سنڌ واسين جي ثقافت جي عڪاسي نه ٿي ڪري پر مون مسڪين جي دل ۾ هڪڙو خيال آيو ته جيڪڏهن ڪا خمار ڀريل اکڙين جي تصوير ملي ٿي وڃي ته پوٌءِ ان کي ضرور هتي لڳائيندا۔۔۔۔ مهرباني ٻنهين محترمن جيlajwab-sharing
سائين واهه جي شاعري ٺڪاءُ ڪرائي اٿوَ. مٿان وري سائين ابڙي صاحب جا اهي ڪامينٽس.... اڀول اسان غريبن جي ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جو سوال ئي نه ٿو اُٿي.... پر پوءِ به پنهنجي شاگرد هجڻ جي روايت کي برقرار رکندي.. مان به سائين جي شاعري وانگر هڪ تڪ بندي ڪئي آهي.. .جيڪا توهان سڄڻن جي نظر ڪجي ٿي.... ساقي قسم آ تنهنجي معخاني جو.... ڪبو قصو ختم پئماني جو.... هاڻي پيئڻ ڏي مئه مونکي.. ظلم سٺو آ ڏاڍو زماني جو.... اڃا به دل جي ڍاپي نه تو مان.. ڏجان ڏس پتو ڪارخاني جو... عاشق اڳ به مجبور هو هاڻي به مجبور آ... حشر ٿيندو اهو جيڪو حشر آ پرواني جو.. اميد ته سائينجن منهنجي هن تڪ بنديءَ کي سڌارڻ ۾ منهنجي مدد ڪندا.........
ادا نثار ابڙا سائين مڪي پاڪ وارا۔۔۔۔۔۔ هوندو هڏَ مَ رَکُ لاءِ پِياڪَن پانهنجو، وَٽِي واٽاڙ ئن کي، تان پياري پرک سا لِکَ لهي ٿِي لَکَ جا تو ايندي اُن سين مهرباني سائين منهنجي هن غزل تي توهان پنهنجا انتهائي قيمتي ويچار ونڊيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دل چوي ٿي لطيف سائين جو هڪ ٻيو بيت انهيءَ عنوان سان توهان سان ونڊ ڪريان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وجهج واٽاڙُئن تي، مئخاني جي ماڪَ ٿيندي سُڌ سڀڪنهن ، هنڌ هنڌ پوندي هاڪ پِرهه جا پياڪ، جُه سي اڱڻ آئيا باقي الله نه ڪري جو جيڪا تصوير مون هن شعر سان ونڊ ڪئي آهي سنڌ ڌرتي جي ثقافت جي نمائندگي ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ الله ڪري سنڌ ۾ اهڙي تصويرڪٿي به نه هُجي جيڪا انهي پس منظر جي نمائندگي ڪري مان سوچي به نٿو سگهان ۔۔۔۔ مونکي ان ڳالهه جو پڪو پڪو احساس هو ته منهنجو سڀيتا سان ڀريل سنڌي معاشرو اهڙو ٿي نه ٿو سگهي ان ڪري ئي مون ڄاڻي ٻُجهي هن تصوير کي صرف پنهنجي پاڻ کي حقير ثابت ڪرڻ لاءِ ان تصوير جو سهارو اشارتن ورتو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان هوندي به جي مُون مُوڙِهي مَت، ته تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين، اصل اوايِن جا، عيب ڍڪئين تُون اَت، اِي پر تُنهنجي پَت ، جئن وِلهيون ڍڪِئين ولها۔۔۔۔۔۔۔۔
الا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مخدومي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الجميلي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ زاهد سومرا مُنهنجي جان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان صدقو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔خُمار ڀريل اکڙين واري تصوير جِي ڳالهه ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجي چريائپ ۽ منهنجي مَڌُ پيئڻ واري ڳالهه کي انتها تي پهچائي ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي خُمار ڀريل اکين واري تصوير به لڳائينداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿورو ترس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجي ڪنهن شاعريءَ ۾ خُمار سان ڀريل نيڻن جي ڳالهه ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بلڪل مُنهنجي پراڻي شاعري جي هڪ غزل جي بند وانگر ته ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نيهارڻ تائين مونکي ڪافر نه چئو يار زماني وارو، مُنهنجا سجدا ته صرف نينهن نڀائڻ تائين بس دُعا ڪر ته ڪا ڏات جي ديوي خمار ڀريل نيڻن جي ڳالهه کڻي اچ ته پوءِ کوڙ تصويرون خُمار سان ڀريل نيڻن جون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجي مٺي ڀاءُ زاهد سومرو لاءِ۔۔۔۔
پُٽ رنجيت بابا تون آهين ڪٿي؟ اڱڻ آئيا جان، ته سرتيون مون سُک ٿيا، اَمُلَ پرينءَ مٿان، ٻُرڪيو، ٻين ڏيان۔۔۔۔۔۔۔۔ (شاه) خير آهي منهنجي مَڌُ پيئن واري ڳالهه جي ديکا ديکيِءَ ۾ ڏات جي ديوي توتي مهربان ٿي پئي وڏي ڳالهه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جو غزل جي گهاڙيٽي ۾ شاعري سا به انتهائي پياري شاعري سرجِي ورتئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ضرور ڪنداسين تنهنجي هن شاعريءَ جِي نوڪ پلڪ جي سنوار۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس مٺا ٿورو انتظار خبر ناهي ڇو توکي انتظار ڪرائڻ ۾ مونکي مزو ايندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رام رکيو رنجيت ڀلي انتظار ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ چرئي شاعر نثار ناز جو اندر ٺري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني جو مُنهنجي شاعري توکي سُٺي لڳي۔۔۔۔۔۔۔
سائين نثار ناز اوهان جي شاعري زبردست ليڪن هڪ عرض هن عاجز جي طرفان به قبول پوي ته اوهان جي شخصيت ۽ اوهان جي انمول ندا تي هي تصوير توازن نه ٿي پيش ڪري باقي سائين نثار جن جي ڳالهه وانگر ته مئي گهڻائي قسم آهي جيئن هڪ بزرگ جو شعر آهي بده ساقيا آب آتش لباس که مستي کند اهل دل التماس ان مان الله جي محبت جو جام مراد آهي ليڪن لفظ ظاهر ۾ ٻيا آهن اهڙي طرح سهڻي لطيف جي سراپا نور شعر ظاهر ۾ لفظ ته ٻيا هوندا آهن پر حقيقت جي طالبن لاء حقيقت نما راه هوندا آهن وڌيڪ اوهان جي راء اسان لاء هر دم عزيز آهي۔ دعائن ۾ ياد ڪندا پنهنجي خادم کي ۔
سائين نثار صاحب۔۔۔! اسان نماڻن جا به اهي خيال آهن، نه ڄاڻ ڇو ان تصوير مونکي ايترو بد دل ڪري ڇڏيو جو مون توهان جي شاعريءَ جو هڪ لفظ به نه پڙهيو۔۔۔ نه ته اونئن اسان شاعريءَ جا مشتاق ماڻهو آهيون۔۔۔۔
محترم سائين رحيم بخش صاحب السلام عليڪم: سائين لک لائق ۽ ڪروڙين ٿورا جو منهنجي نهايت ئي حقير غزل واري شاعري کي توهان زبردست چئي منهنجي همت افزائي ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ محترم سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پيارا سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان تصوير کي منهنجي شخصيت سان ڇو ٿا ڀيٽيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پليز توهان منهنجي شاعري ۽ تصوير جي توازن کي تورڻ جي ڪوشش ڪريو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن منهنجي هن مجاز جي رنگ ۾ رنگيل شاعريءَ جي تور ڄاڻايل تصوير جي تور سان وقت جي ساهمي واري ماپي ۾ برابر ٿئي ٿي ته قسم سان فني نقطي نگاهه سان منهنجي هي محنت رائيگان ڪانه وئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي رهي منهنجي شخصيت ته محبوب سائين مونکي ساغر ۽ مينا واري ڪهاڻي کي شاعري جي روپ ۾ پيش ڪرڻ واري سڀ کان وڏي شاعر عمر خيام جي رباعي ياد پئي اچي ته: اسرار ازل را نه تو داني و نه من و اين حرف معمى نه تو خواني و نه من، هست از پس ما پرده من وتو چون پرده بر افتد نه تو ماني و نه من پوءِ مٺا مان پنهنجو پاڻ کي ڇا چوان بس ائين ٿو چوان ” ته مان جو ئي آهيان سوئي آهيان....... حقير به تنهنجي سام آهيان....... غفير به تنهنجي سام آهيان، برو به تنهنجي سام آهيان........ سُٺو به تنهنجي سام آهيان پنهنجو پاڻ کي ڇا چوان مان جوئي آهيان سوئي آهيان................... توهان جي مهرباني سائين........
ادا سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان مان ثابت ٿيو ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان گندي لفافي کي ڏسي اندازو لڳائي ڇڏيو ته ان ۾ پيل هر شي گندي هوندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مٺا ڪارِي ۽ ڪِنِي گپ ۾ ئي نيل ڪنول کڙندو آهي۔۔۔۔۔۔۔ ان هُوندي به شال سدائين جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين مٺا منهنجي خيال کي ته توهان سمجهي ويا هوندئو منهنجو مقصد بحث ڪرڻ نه بلڪ پنهنجو خيال پيش ڪرڻ هو منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مصلو ڪلهي تي رکي شراب خاني مان نڪرندو ته منهنجي خيال ۾ان کي ماڻهو نمازي ڪونه سمجهندا توهانجو چوڻ ته شخصيت سان ڀيٽ تصوير جي نه آهي سو بالڪل اوهان جي شخصيت ان کان بالا ۽ برتر آهي ليڪن توهان جي ڪالم ۾ جيڪي ڪجهه هوندو سو ظاهر ۾ هرڪو توهان ڏي منسوب ڪندو شاعري تي نظر ڪندو ته اوهان جي دانشمندي نمايان نظر ايندي اوهان اگرچه تصوير کي ان لفظن جي مجازي مجسمي سان مناسبت رکي آهي ليڪن ان هوندي به ڪن اسان جهڙن بيوقوفن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته سمجهندا ته سائين به ان خيال جو آهي ڪي ته اوهان کي چوڻ کان به لهرائين ٿا ته سائين وڏو آهي ٻيو ته سائين سان دليلن ۾ پڄي نه سگهبو ان ڪري چپ رهڻ بهتر آهي ليڪن منهنجي خيال ۾ ڪنهن لاء دل ۾ ڪو غلط خيال رکڻ بجاء بهتر آهي ته ماڻهو اڳلي کي آگاه ڪري يا ته ان جي اصلاح ٿئي يا پنهنجو تصفيه ٿئي سو ڳالهه وري به اوهان جي مٿي آهي جيستائين ڪنهن جو ذهن مطمئن نه ٿيندو تيستائين دلي طرح مطمئن نه ٿيندو اگرچه جواب نه به ڏئي سگهي اسان وٽ هڪڙو سيد سڳورو آهي اهو خوشطبعي ۾ چوندو آهي ته اگر چه غلطي منهنجي آهي پر معافي ته توهان کي وٺڻي پوندي جو مان ته سيد آهيان نه! جي اها ڳالهه آهي ته پوء اسان معذرت خواه آهيون۔
ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها ۔۔۔۔ جي ماڻهو مونکي انهيءَ تصوير ۽ شاعريءَ جي ڪري بُرو سمجهن ته اهو ڀلي سمجهن نه سائين۔۔۔۔۔۔۔۔ مان هن سموري ڳالهين ۾ ڪٿي چيو مصلو منهنجي ڪُلهن تي آهي، مون سنئين سڌي مجاز جي ڳالهه ڪئي آهي سائين۔۔۔۔۔۔۔ باقي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيڪڏهن ڪو مونکي بُرو چوي چئي سگهي ٿو سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي هن محبتي اڱڻ تي ڪو ننڍو وڏو ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سب جا سب برابر آهن سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي بحث مباحث مان ئي نيون نڪور ڳالهيون نڪرنديون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سُٺن دوستن کي لکڻ جو ڏانءُ ايندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ڪڏهن چيو آهي ته ڪير معذرت خواهه ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو مُنهنجي دليلن جي جواب ۾ ڪو صفا وزني دليل ڏئي وجهي ۽ مونکي سکڻ جو ڪو اهم نقطو سمجهه ۾ اچي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي محترم سائين توهان معذت ڪرڻ واري ڳالهه ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون کي شرمسار ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني سائين
سائين توهان جهڙي اهلِ علم شخصيت جي سامهون اسان جو ڳالهائڻ يعني سج کي ڏيئو ڏيکارڻ جي مصداق آهي۔ توهان هزارين سالن جي تهذيب ۽ تمدن واري ٻوليءَ ۾ هڪ شاعر طور انهيءَ ٻوليءَ جي سڃاڻپ ڪرائڻ واري جي حيثيت ٿا رکو۔سائين هتي جيڪا توهان هن شاعريءَ کي ڪنول ۽ تصوير کي ڪاري گپ سان تشبيهه ڏني اها مونکي حيرت ۾ وجهڻ لاءِ ڪافي آهي، ڇوته هن تصوير کي ته واقعي توهان ڪاري گپ سان تشبيهه ڏني، پوءِ اسان جو هي به فرض آهي ته اهڙي ڪاري گپ کي مقدس اڱڻ کان پري رکون ته بهتر آهي۔۔۔ سائين هي تصوير پنهنجي اندر ۾ ڏسندڙن لاءِ الڳ داستان ٿي رکي ۽ توهان جي ڀلوڙ شاعريءَ جي بلڪل عڪاسي نه ٿي ڪري۔۔ نيڻن جي نشي کي شراب جي نشي سان ڀيٽ ڏيڻ به عجيب فلسفو آهي سائين۔ شراب جي نشي جا ماريل نيٺ هوش ۾ اچن ٿا پر سائين نيڻن جي نشي جي ماريل جو ڪو علاج نه آهي پرينءَ جي پيچ کان سواءِ۔۔
مٺا ڄامشورائي انهي ڪارِي ۽ ڪني گپ کان سواءِ نيل ڪنول جو اُجرو گل کلڻ ناممڪن آهي، تون ڀلي ڪارن ۽ ڪنن کي اُڇلي ٻاهر ڪڍ پر منهنجي لاءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي۔ لطيف سائين جن فرمائن ٿا ته: گند جنين جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ انين جي اوطاق راجه ريجهي آيو۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو الله جو رزق اناج جي صورت ۾ اسان کائي پنهنجي پيٽ جي بُک کي وقتي طور اسان ٻُنجو ٿا ڏيون ان اناج کي وڌڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ به گند جي ضرورت پوي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٺا جيڪڏهن گند سامهون نه هجي ته پاڪيزگيءَ جو قدر ڪير ڪري به ڪونه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔