مست
سينيئر رڪن
مٺا ڄامشورائي انهي ڪارِي ۽ ڪني گپ کان سواءِ نيل ڪنول جو اُجرو گل کلڻ ناممڪن آهي، تون ڀلي ڪارن ۽ ڪنن کي اُڇلي ٻاهر ڪڍ پر منهنجي لاءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي۔
لطيف سائين جن فرمائن ٿا ته:
گند جنين جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ
انين جي اوطاق راجه ريجهي آيو۔۔۔۔۔۔۔
جيڪو الله جو رزق اناج جي صورت ۾ اسان کائي پنهنجي پيٽ جي بُک کي وقتي طور اسان ٻُنجو ٿا ڏيون ان اناج کي وڌڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ به گند جي ضرورت پوي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مٺا جيڪڏهن گند سامهون نه هجي ته پاڪيزگيءَ جو قدر ڪير ڪري به ڪونه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين بنهه عجيب فلسفو آهي۔۔۔۔ پر سائين هر ڪني گپ جي اندر ۾ ڪنول نه کلندو آهي۔۔ منهنجو مقصد بحث ڪرڻ هرگز نه آهي، بس ڳالهه اها آهي جو اوهان جي هن نظريئي سان متفق نه آهيان