هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مضبوط جسامت جو مالڪ هڪ ڪاٺير هوندو هو.... هڪ ڏينهن هو ڪاٺين تي ڪم ڪندڙ ڪارخاني جي مالڪ سان مليو ۽ نوڪري لاءِ عرض ڪيو....
مالڪ ڪاٺير جي جسماني مضبوط بناوٽ ڏسي کيس في وڻ 200 روپين جي ڪٽائي جي حساب سان پگهار تي رکيو… ڪاٺير ڏاڍو خوش ٿيو ڇو ته هن کي پنهنجي مضبوط جسم تي تمام گهڻو ناز هو...
ڪارخاني جي مالڪ ڪاٺير کي هڪ ڪهاڙي ڏني ۽ کيس جهنگ جو اهو ايريا ڏيکاريو جتان وڻن جي ڪٽائي ڪرڻ هئي...
پهرين ڏينهن ڪاٺير 15 وڻ ڪٽي ڪارخاني جي مالڪ وٽ پهتو...
مالڪ اهو ڏسي خوش ٿيندي چيو؛ “زبردست..! اهڙي ڪم کي جاري رکج..”
مالڪ جي اهڙن لفظن کي ٻڌي ڪاٺير ڏاڍو خوش ٿيو... ٻئي ڏينهن ڪاٺير وڌيڪ جوش سان وڻ ڪٽڻ شروع ڪيو پر ان سموري ڏينهن ڪاٺير 10 وڻ ئي ڪٽي سگهيو...
ٽئين ڏينهن هن وڌيڪ جوش ۽ محنت سان وڻ ڪٽڻ شروع ڪيا پر ڏينهن مڪمل ٿيندي ئي هي صرف 7 وڻ ڪٽي سگهيو.... ۽ اهڙي طرح هر نئين ڏينهن هن جي وڻ ڪٽڻ جو تعداد گهٽجندي ٿي ويو...
“شايد منهنجي طاقت ڏينهون ڏينهن گهٽبي پئي وڃي” اهو سوچي هي ڪارخاني جي مالڪ ڏانهن ويو ۽ سموري ماجرا ٻڌائيندي کائنس چيائين “ مون کي خبر نه ٿي پوي ته آخر اهو ڇو ٿي رهيو آهي...؟”
ڪاٺير جي مالڪ کيس چيو.. “تو آخري ڀيرو ڪهاڙي کي ڪڏهن تکو ڪرايو هو...؟”
ڪاٺير وراڻيو... “ ڪهاڙي کي تکو .... ! نه مون کي ته ايترو وقت ئي نه مليو آهي ... مان ته بس وڌ کان وڌ وڻ ڪٽڻ ۾ رڌل رهيو آهيان.... ”
سبق؛ اسان مان گهڻا ماڻهون اهڙا هوندا هوندا آهن جيڪي پنهنجي هنر يا اوزارن کي اپڊيٽ نه ڪندا آهن ... اسان سمجهندا آهيون جيڪو ڪجهه اسان سکي سگهيا آهيون ... بس اهو ئي کوڙ آهي.... پر سٺو کي بهترين ڪرڻ ئي بهتر هوندو آهي... پنهنجي تعليم ۽ هنر کي هر وقت تکو رکڻ ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي