جيئي لطيف ، جيئي لطيف جي ٻولي مانوارا سڄڻو 2012 جو سج به لهي ويو جيئن 2011 جو لٿو هو ۔ اچو ته گڏجي سوچيون ته پنهنجي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڇا ڪيوسين ؟؟؟ ڇا نه ڪيوسين جيڪو ڪرڻ گهربو هو ۔ پنهنجي آئنده نسل لاءِ ڪهڙيون ڪاوشون ڪيون سين ؟؟ ڪهڙي ڪاوش ۾ ڪنهن جا ساٿاري ٿياسين ، جي نه ٿياسين ته ڇو نه ٿياسين ؟ جيڪي به ٿيو سو گذري ويو ، ڇا اسان پنهنجا ويڇا جي ذات پات مذهب رنگ ۽ نسل جي ڪري پيدا ڪيا آهن انهن کي وساري بلڪ ميساري نئين سرٻڌي ڪري پنهنجي جيجل ۽ سندس ٻچڙن لاءِ اهي گڏجي اهي لائحه عمل جوڙيون جنهن سان دنيا وارن ڏي پيغام وڃي ، ته نه ٻيلي سنڌ ۽ سنڌين سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند نه ڪجي ۔
جمالي صاحب سلام اوهان جهڙن دوستن جي سوچ هميشه سنڌ جي ڀلي لاء سوچيندي پريشان رهندي آهي۔ ڪاش ڪي دوست اٿن اڳواڻي ڪن ۽ هڪ ڪاروان نئين سنڌ لاء روانو ٿي پوي۔۔۔۔ يقين ڪيو اسان به ان ئي ڪاروان ۽ قافلي جا همسفر هونداسين۔ ڇو ته مونکي موجوده سياسي قيادت مان ڪنهن چڱي عمل جي اميد گهٽ پئي نظر اچي۔