• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته گڏجون

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
جيئي لطيف ، جيئي لطيف جي ٻولي
مانوارا سڄڻو 2012 جو سج به لهي ويو جيئن 2011 جو لٿو هو ۔ اچو ته گڏجي سوچيون ته پنهنجي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڇا ڪيوسين ؟؟؟ ڇا نه ڪيوسين جيڪو ڪرڻ گهربو هو ۔ پنهنجي آئنده نسل لاءِ ڪهڙيون ڪاوشون ڪيون سين ؟؟ ڪهڙي ڪاوش ۾ ڪنهن جا ساٿاري ٿياسين ، جي نه ٿياسين ته ڇو نه ٿياسين ؟ جيڪي به ٿيو سو گذري ويو ، ڇا اسان پنهنجا ويڇا جي ذات پات مذهب رنگ ۽ نسل جي ڪري پيدا ڪيا آهن انهن کي وساري بلڪ ميساري نئين سرٻڌي ڪري پنهنجي جيجل ۽ سندس ٻچڙن لاءِ اهي گڏجي اهي لائحه عمل جوڙيون جنهن سان دنيا وارن ڏي پيغام وڃي ، ته نه ٻيلي سنڌ ۽ سنڌين سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند نه ڪجي ۔
 
جمالي صاحب سلام

اوهان جهڙن دوستن جي سوچ هميشه سنڌ جي ڀلي لاء سوچيندي پريشان رهندي آهي۔ ڪاش ڪي دوست اٿن اڳواڻي ڪن ۽ هڪ ڪاروان نئين سنڌ لاء روانو ٿي پوي۔۔۔۔ يقين ڪيو اسان به ان ئي ڪاروان ۽ قافلي جا همسفر هونداسين۔

ڇو ته مونکي موجوده سياسي قيادت مان ڪنهن چڱي عمل جي اميد گهٽ پئي نظر اچي۔
 
Back
Top