اڄوڪو ڏينهن 29 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 29 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون​

    جنم ڏينهن:

    29 ڊسمبر 1932ع اردو جي نامياري شاعر محسن ڀوپالي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1934ع لوڪ گلوڪاره جيجي زرينه بلوچ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1942ع باليووڊ اداڪار راجيش کنا جو جنم ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1948ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙليکڪ هدايت الله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1961ع صحافي محمد يعقوب لاکو جو جنم ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1963ع ليکڪ معشوق لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1967ع راڌڻ سان تعلق رکندڙصحافي شهاب الدين جانوري جو جنم ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1974ع باليووڊ اداڪاره ٽئنڪل کنا جو جنم ڏينهن آهي.
    29 ڊسمبر 1976ع اسپن بالنگ جي جادوگر ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق جو جنم ڏينهن آهي

    وڇوڙو:

    29 ڊسمبر 1862ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد ماڻڪ جي وفات ٿي.
    29 ڊسمبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ تاراچند شوڪيرام ديهانت ڪري ويو.
    29 ڊسمبر 1938ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر پير ميان احمد علي صديقي لاڏاڻو ڪري ويو.
    29 ڊسمبر 1969ع صوفي منش شخصيت ۽ صوفي ۽ ڀڳتي راڳي ڀڳت چنديرام جي ديهانت ٿي.
    29 ڊسمبر 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم لغاري جي وفات ٿي.
    29 ڊسمبر 2002ع شاعر پيرل پرديسي سيتائي جي وفات ٿي.
    29 ڊسمبر 2010ع فلم ڊائريڪٽر جاويد فاضل جو انتقال ٿيو.
    29 ڊسمبر 2011ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن امير علي ايري وفات ڪري ويو.
    29 ڊسمبر 2012ع مشهور ڪمنٽيٽر ۽ ڪرڪيٽر ٽوني گريگ ڪينسر سبب انتقال ڪري ويو.
    29 ڊسمبر 2020ع ناميارو اديب ۽ ڪھاڻيڪار رسول بخش درس لاڏاڻو ڪري ويو.

    اڄوڪي ڏينهن 29 ڊسمبر جا ڪجهه اهم واقعا​


    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    29 ڊسمبر 2012ع ڪرڪيٽر ٽوني گريگ ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب انتقال ڪري ويو۔ ٽوني گريگ انهن ڪمينٽيٽرز مان هڪ هو جيڪي ماڻهن جا پسنديده هئا۔ وڪيٽ ڪري يا بهترين ڪيچ پڪڙجي يا وري بائونڊري لڳي سندس انداز ۽ ادائگي دل پسند هئي۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    29 ڊسمبر 2011ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن امير علي ايري وفات ڪري ويو.
    منهنجي خيال ۾ امير علي ايري پيپلز پارٽي وارو آهي۔۔۔۔ امير علي ايري صاحب منهنجي وڏي ڀاء جو پڳ مٽ يار دوست هوندو هو، ۽ هن صاحب منهنجي ڀاء جي چوڻ تي ڪافي غريب ماڻهن جا ڪم ڪيا هئا۔ دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري ۽ جنت ۾ جايون عطاء ڪري آمــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امير علي ايري: پ پ قيادت کان وسري ويل اڳواڻ

    پ پ پ جي باني، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پ پ چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي سياست کان متاثر ٿي، ڪيترائي اهڙا ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي جدوجهد، عمل ۽ ڪردار سبب نالو پيدا ڪيو. پ پ پ جي موجوده قيادت کان مڪمل طور وسري ويل امير علي ايري پ پ جو هڪ اهڙو ئي ورڪر ۽ اڳواڻ هو، جيڪو شاگرد سياست ۾ پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سبب شاگرد سياست جو هيرو بڻيو. ميهڙ ۾ 10 سيٽمبر 1958ع تي شاهنواز خان ايري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ امير علي ايري سياست جي شروعات شاگرديءَ واري زماني ۾ هاءِ اسڪول (ون) ۾ ڇهين جماعت ۾ پڙهڻ دوران ماروئڙا اسٽوڊنٽس جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ 14 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ شاگرد سياست جو حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري کيس چار مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، بعد ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي، ته کيس دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1986ع ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان آئي ته، امير علي ايري کي پنهنجو سيڪيورٽي انچارج مقرر ڪيو ۽ کيس پي ايس ايف جو مرڪزي چيئرمين به مقرر ڪيو ويو، هو سنڌ پيپلز يوٿ ۽ اسٽڊي سرڪل جو صوبائي صدر به رهيو، 1989ع ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1994ع ۾ کيس وزير اعليٰ سنڌ جو صوبائي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو، 2006ع ۾ هو پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ جو انچارج رهيو، امير علي ايري شهيد راڻيءَ کانپوءِ پ پ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ويجهو رهيو. امير علي ايري نه صرف سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو پر هو ليکڪ ۽ ڪالم نگار به هو، هن ”ڀٽو ازم ڇو ۽ ڇالاءِ“ ۽ ”ٽوٽ گرينگي زنجيرين“ سميت چار ڪتاب به لکيا. امير علي ايري 29 ڊسمبر 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ 53 سالن جي عمر ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ميهڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، زندگيءَ جا 42 سال پ پ کي ڏيندڙ امير علي ايري جي تدفين ۾ پ پ جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪرڻ ته پري رهيو پر ٽيجهي ۾ اچڻ جي به تڪليف نه ڪئي.

    آزاد انور ڪانڌڙو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا امير علي ايري جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني، ادا ايري صاحب کي مون روبرو ڏٺو هو، ۽ منهنجي ڀاء جو دوست هو، 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه لاء جيڪي 40 ڄڻا باڊي گارڊ سنڌي نوجوان لاڙڪاڻي سکر ۽ دادو مان چونڊيا ويا هئا، ۽ ڪمانڊو ٽرينگ ڪرائي وئي هئي۔ انهن ۾ منهنجوسڳو ڀاء به هڪ هو، ۽ ان وقت کان محترم امير علي ايري صاحب منهنجي ڀاء جو يار دوست رهيو هو۔مون هڪ دفعا ايري صاحب کي مذاق ۾ چيو هو ته سائين توهان نه ڪرنل آهيو، نه سڳداسي، توهان ايري آهيو، ان تي پاڻ تمام گهڻو کليا هئا، اهو ان لاء ته ان وقت مان ٻار هئس۔سندس وفات جي اڄ توهان جي ونڊ ڪيل معلومات پئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو