نئين سال جو پهريون ڏينهن ۽ سنڌ سلامت جي 60 رڪنن جون سالگراهون... حقيقت يا فسانو...!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    يقين اچي ٿو۔۔۔؟ مون کي به نه ٿو اچي۔۔۔ پر مون کي پرائمري اسڪول جو اهو هيڊ ماستر ياد پيو اچي جنهن عرس پريو جي ڄمڻ جي تاريخ پهرين اپريل لکي هئي۔۔۔ ان ڪري عرس کي اپريل فول ڏهاڙي تي سالگره ملهائيندي به لڄ ٿيندي آهي۔۔۔
    عرس جو ته خير آهي جو شايد هيڊ ماستر کي سندس مستقبل ۾ ذهانت جي پڪ هئي پر ان هيڊ ماستر جي هوندي اسان جي ڳوٺ جا ڪي 100 کن اهڙا شاگرد ٿي گذريا آهن جن جون به ساڳيون ڄمڻ جون تاريخون آهن يعني پهرين اپريل۔۔۔
    ڇا مٿي اشارو ڏيندڙ تصوير ۾ موجود رڪنن جي واقعي ئي اها سالگره آهي يا وري کين به ڪو اهڙو هيڊ ماستر مليو هو جنهن کي رڳو پهرين جنوري ياد هئي۔۔۔
    ٻيا نه ته تصوير ۾ موجود رڪن ئي جواب لکن۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم ڀائو هن ۾ منهنجو به ذڪر ٿيل آهي جڏهن ته منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 16 جنوري آهي ، جيڪا ڪارڊ ، پاسپورٽ ۽ ٻين ڊاڪو مينٽس تي لکيل آهي ، جڏهن ته انهي تاريخ تي به پڪ نه اٿم الله پاڪ بهتر ڄاڻي ٿو ، انهي سلسلي ۾ جيڪو ايوارڊ مونکي ڏنو ويو آهي ، اهو واپس وٺڻ جي پڻ درخواست آهي ، انتظاميه کي عرض آهي ته1 جنوري بجاءِ 16 جنوري تاريخ به درست ڪئي وڃي
    1571 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي ڄمڻ جي تاريخ شايد توهان کي غلط لکجي وئي هئي۔۔۔ جنهن کي هاڻي درست ڪيو ويو آهي۔۔۔ پر توهانجو مٿي تمهيد ڪيل بيان تي تبصرو نه آيو۔۔۔ ڇا هي توهان جي واقعي ئي ڄمڻ جي تاريخ آهي يا وري هيڊ ماستر جي مهرباني آهي جنهن جنرل رجسٽر ۾ پنهنجي مرضي رکي۔۔۔؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا مون مٿي واضع لکيو آهي ته منهنجي ڊاڪيومينٽس ۽ ڪارڊ وغيره تي اها ئي تاريخ لکيل آهي باقي سال 1982 جنوري سورهن باقي وڌيڪ خبر ڪانهي ، الله پاڪ ئي ڄاڻيندڙ آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار رشيد پڇ ئي نه ۔۔۔۔ فيسبوڪ تي اڄ 68 پيارن دوستن جو جنم ڏينهن آهي۔ هاڻ ٻڌاء ته انهن کي ڪيئن مبارڪون ڏجن ۔۔۔۔ ساڳيو حال سنڌ سلامت جو به آهي۔

    خير سڀني سڄڻڻ کي واڌايون جن ۾ اسان جا دوست رنجيت، طاهر سنڌي، مولوي رحيم بخش، شبير ڪنڀار، وسيم، زاهد مگسي، شبير جتوئي، مصطفى آڪاش، گل محمد شاهه راشدي ۽ ڀيڻ سنڌي نور پڻ شامل آهن۔

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين توهان جي مهرباني لڳي ٿو ته توهان فيس بوڪ تي اسان جي جنم تاريخ ڏٺي آهي سنڌ سلامت تي نظر ڪونه پئي اچي بهرحال اوهان پيارن جي يادگيري لا مهرباني باقي سائين ذيشان رشيد جي سوال جي جواب ۾ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ته اها استاد جي غلطي آهي يا حقيقت ۾ ائين آهي جو ان وقت پاڻ اڃا سمجهه لائق نه هئاسين۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جنوريءَ جي پهرين تاريخ ايترا ماڻهون پئدا ٿيا ۔۔۔۔؟؟؟؟؟ باقي تاريخن ۾ ڇو نه ۔۔۔؟؟؟؟
    اڳي اسڪولن ۾ پڇندا هيا ته ڇوڪرو ڪڏهن ڄائو ته والدين چوندا هيا ته او فلاڻو واقعو ٿيو هو ته هي پئدا ٿيو هو ۔۔۔ بس اسڪول جو ماستر لکندو هو پهرين جنوري ۔۔۔۔ ههههههه ۔۔۔ ۽ پوءِ اها تاريخ پڪي ۔۔۔۔۔ مهنجي ڄم تاريخ به امڙ ماستر کي ائين ئي ٻڌائي هئي ۔۔۔ سو هاڻ خبر ناهي ته 4 مارچ هئي به يا نه ۔۔۔ پر ڀلو ٿيو ته 1 جنوري نه هئي ۔۔۔۔ ههههههه
    اسانجي گهر ۾ هڪ ڳاڙهو قرآن شريف، جيڪو اسانجي تڙ ڏاڏي کان وٺي هلندو ٿي آيو، ان تي سڀني گهر ۾ پئدا ٿيندڙ ڀاتين جا نالا ۽ ڄم تاريخون لکيل هونديون هيون ۔۔۔ پر افسوس جو بابا اها روايت برقرار رکي نه سگهيو ۔۔۔۔ ۽ اڳتي هلي اهو قرآن شريف ڪير کڻي ويو، اها به خبر نه پئي ۔۔۔۔!!!
    هونءَ به اڳ يا هاڻ به سنڌين ۾ خانداني شجرا لکڻ جو فن گهٽ آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته جنهن به بزرگ جي تاريخ پڙهنداسون ته ڪا به حتمي تاريخ ناهي ملندي ۔۔۔ هت عربن ۾ ته ستن اٺن ۽ انکان به مٿي پيڙهين جا وڻ ٺهيل نظر اچن ٿا ۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين مهربانيون سبهني دوستن جون. باقي سج کي روشني ڏيکارن اسان وس نه آهي. جيڪا جنم تاريخ هوندي يقينا اهائي هوندي ، هيڊ ماستر کي ڪهڙي مجال جو پنهنجي مرضي جي تاريخ لکي. باقي سائين عرس واقعي ذهين آهي سندس هيڊ ماستر جي غلطي نه آهي ان جو ته ثبوت ڪراجي ايئرپورٽ تي ملي ويو آهي۔ پهرين اپريل يعني اهو عرس جو روح هو عرس پاڻ نه. ۽ سائين نثار ابڙو صاحب جي ڳالهين مونجهاري م وڌو آهي ء اسان کي هاڻ پنهنجي ذهانت تي شڪ پئجي ويو آهي جنهن لاء لڳي ٿو ته عنقريب ان جي ثابتي لاء اسان کي سنڌ سلامت کان سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوندو۔هههههههههه
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو