
يقين اچي ٿو۔۔۔؟ مون کي به نه ٿو اچي۔۔۔ پر مون کي پرائمري اسڪول جو اهو هيڊ ماستر ياد پيو اچي جنهن عرس پريو جي ڄمڻ جي تاريخ پهرين اپريل لکي هئي۔۔۔ ان ڪري عرس کي اپريل فول ڏهاڙي تي سالگره ملهائيندي به لڄ ٿيندي آهي۔۔۔عرس جو ته خير آهي جو شايد هيڊ ماستر کي سندس مستقبل ۾ ذهانت جي پڪ هئي پر ان هيڊ ماستر جي هوندي اسان جي ڳوٺ جا ڪي 100 کن اهڙا شاگرد ٿي گذريا آهن جن جون به ساڳيون ڄمڻ جون تاريخون آهن يعني پهرين اپريل۔۔۔
ڇا مٿي اشارو ڏيندڙ تصوير ۾ موجود رڪنن جي واقعي ئي اها سالگره آهي يا وري کين به ڪو اهڙو هيڊ ماستر مليو هو جنهن کي رڳو پهرين جنوري ياد هئي۔۔۔
ٻيا نه ته تصوير ۾ موجود رڪن ئي جواب لکن۔۔۔