معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ناڪام محنت
زاهده پروين گوپانگ”بابا! مون کي موڪل ڏي مان ناني وارن ڏانهن لاڙڪاڻي وڃان.......!!“ جاويد پنهنجي پيءُ کي چيو ”نه پٽ! اسان ڪم ڪار ۾ سوگها آهيون تون به ته ننڍڙو آهين اڪليو وڃي نه سگهندين، ان کان سواءِ تنهنجي تعليم ۾ به رخنو پوندو.“ پڻس چيو
“ نه، نه بابا مون کي لناني جي سڪ لڳي آهي. مان ضرور ويندس“ جاويد چيو
پر پڻس سندس ڳالهه تي توجهه ئي ڪونه ڏنو ۽ ڪنهن جي سڏ تي ٻاهر هليو ويو. جاويد اهو ڏسي ڪجهه مايوس ٿي ويو پر پوءِ سوچيائين ته ”ڇو نه بابي جي اجازت کان سواءِ ناني وارن ڏانهن هليو وڃان“هو اها ٽل دل ۾ رکي سڌو پنهنجي امڙ وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو.
”امان ...او امان! بابا مون کي لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موڪل ڏني آهي تنهن ڪري تون منهنجا ڪپڙا ڌوئي وٺ مان سڀاڻي ضرور لاڙڪاڻي ويندس.“
”هائو منهنجي هانءَ جا ٺار، مان اجهو ٿي ڪپڙا ڌوئي وٺان“ماڻهس چيو.
اهو ٻڌي جاويد خوشيءَ منجهان ٽپندو ڪڏندو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ پاڙي وارن ٻارڙن سان راند کيڏڻ لڳو. جيئن ئي شام ٿي ته جاويد گهر آيو ۽ سڌو گهر جي اندرين ورانڊي ۾ هليو ويو. سندس امڙ ب اتي هئي.
”امان.! مان اچي ويس، هاڻ مون کي ڪپڙا پهراءِ“ جاويد مرڪندي چيو.
ان تي سندس ماءُ يڪدم هڪڙو وڳو کڻي آئي ”هان پُٽ! هي وڳو پاءِ“ ماءُ چيو،
”حاضر امان“ هن وراڻيو،
يڪدم ڪپڙا پهريائين. ۽ ماني کائي سمهي پيو، ننڊ وري ڪاٿي اچيس، سڄي رات پيو پاسا ورائي، جيئن ئي فجر ٿي جاويد بستري کان اٿيو ۽ لڪندو ڇپندو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ بس اسٽاپ ڏانهن راهي ٿيو، اتي پهتو ئي مس ته بس تيار هئي. بس جي اندر جاءِ نه هئڻ سبب، يڪدم بس جي مٿان چڙهي ويٺو ۽ بس رواني ٿي، جاويد دل ئي دل ۾ خوشي ٿي رهيو هو ته ”هو ڪيئن نه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو“.
اوچتو بس ۾ رڙيون شروع ٿي ويون خوف کان ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻهو بس کان هيٺ ٽپو ڏيڻ لڳا.! دراصل ٿيو ائين جو بس جي بريڪ فيل ٿي پئي بس هلندي هلندي هڪ اونهي کڏ ۾ اونڌي ٿي ڪري پئي ۽ مسافرن جي حالت....! ڪنهن جي ٻانهن ختم. انهن زخمي مسافرن ۾ جاويد به شامل هو. جيئن ته هو بس جي مٿان ويٺو هو، تنهن ڪري هن بس کي خطري جي حالت ۾ ڏسي ڪري ٽپو ڏنو هو.
جنهن سبب سندس هڪ ڄنگهه ڀڄي پئي ۽ ڪهه نراڙ ۾ به ڌڪ لڳس ۽ زخمن جي شدت کان روئڻ لڳو. کيس ٻين زخمين سان گڏ سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هاڻ جاويد پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو شرمسار هو. جڏهن پڻس کي خبر پئي ته هو به اسپتال ۾ آيو. جاويد پنهنجي پيءُ کي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. ۽ سندس ضمير پڻس کان نافرماني ڪرڻ جا معافي گهرڻ تي کيس مجبور ڪيو. سو هن پنهنجي پيءُ کان معافي ورتي ۽ عهد ڪيائين ته ”هو هاڻي بنا اجازت جي ڪيڏنهن به نه ويندو ۽ هردم وڏن جو چيو مڃيندو.“ سندس پيءُ کيس معاف ڪري ڇڏيو.
ٻارو.! اوهان ڏٺو ته جاويد کي ڪيئن نافرماني جي سزا ملي. اسان کي گهرجي ته اسان وڏن، بزرگن جي حڪم کان خلاف ڪوبه ڪم سرانجام نه ڏيون ۽ سندن نصيحت تي عمل ڪيون.