ناڪام محنت

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    668
    ورتل پسنديدگيون:
    1,766
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ناڪام محنت
    زاهده پروين گوپانگ

    ”بابا! مون کي موڪل ڏي مان ناني وارن ڏانهن لاڙڪاڻي وڃان.......!!“ جاويد پنهنجي پيءُ کي چيو ”نه پٽ! اسان ڪم ڪار ۾ سوگها آهيون تون به ته ننڍڙو آهين اڪليو وڃي نه سگهندين، ان کان سواءِ تنهنجي تعليم ۾ به رخنو پوندو.“ پڻس چيو
    “ نه، نه بابا مون کي لناني جي سڪ لڳي آهي. مان ضرور ويندس“ جاويد چيو
    پر پڻس سندس ڳالهه تي توجهه ئي ڪونه ڏنو ۽ ڪنهن جي سڏ تي ٻاهر هليو ويو. جاويد اهو ڏسي ڪجهه مايوس ٿي ويو پر پوءِ سوچيائين ته ”ڇو نه بابي جي اجازت کان سواءِ ناني وارن ڏانهن هليو وڃان“هو اها ٽل دل ۾ رکي سڌو پنهنجي امڙ وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو.
    ”امان ...او امان! بابا مون کي لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ موڪل ڏني آهي تنهن ڪري تون منهنجا ڪپڙا ڌوئي وٺ مان سڀاڻي ضرور لاڙڪاڻي ويندس.“
    ”هائو منهنجي هانءَ جا ٺار، مان اجهو ٿي ڪپڙا ڌوئي وٺان“ماڻهس چيو.
    اهو ٻڌي جاويد خوشيءَ منجهان ٽپندو ڪڏندو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ پاڙي وارن ٻارڙن سان راند کيڏڻ لڳو. جيئن ئي شام ٿي ته جاويد گهر آيو ۽ سڌو گهر جي اندرين ورانڊي ۾ هليو ويو. سندس امڙ ب اتي هئي.
    ”امان.! مان اچي ويس، هاڻ مون کي ڪپڙا پهراءِ“ جاويد مرڪندي چيو.
    ان تي سندس ماءُ يڪدم هڪڙو وڳو کڻي آئي ”هان پُٽ! هي وڳو پاءِ“ ماءُ چيو،
    ”حاضر امان“ هن وراڻيو،
    يڪدم ڪپڙا پهريائين. ۽ ماني کائي سمهي پيو، ننڊ وري ڪاٿي اچيس، سڄي رات پيو پاسا ورائي، جيئن ئي فجر ٿي جاويد بستري کان اٿيو ۽ لڪندو ڇپندو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ بس اسٽاپ ڏانهن راهي ٿيو، اتي پهتو ئي مس ته بس تيار هئي. بس جي اندر جاءِ نه هئڻ سبب، يڪدم بس جي مٿان چڙهي ويٺو ۽ بس رواني ٿي، جاويد دل ئي دل ۾ خوشي ٿي رهيو هو ته ”هو ڪيئن نه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو“.
    اوچتو بس ۾ رڙيون شروع ٿي ويون خوف کان ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻهو بس کان هيٺ ٽپو ڏيڻ لڳا.! دراصل ٿيو ائين جو بس جي بريڪ فيل ٿي پئي بس هلندي هلندي هڪ اونهي کڏ ۾ اونڌي ٿي ڪري پئي ۽ مسافرن جي حالت....! ڪنهن جي ٻانهن ختم. انهن زخمي مسافرن ۾ جاويد به شامل هو. جيئن ته هو بس جي مٿان ويٺو هو، تنهن ڪري هن بس کي خطري جي حالت ۾ ڏسي ڪري ٽپو ڏنو هو.
    جنهن سبب سندس هڪ ڄنگهه ڀڄي پئي ۽ ڪهه نراڙ ۾ به ڌڪ لڳس ۽ زخمن جي شدت کان روئڻ لڳو. کيس ٻين زخمين سان گڏ سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هاڻ جاويد پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو شرمسار هو. جڏهن پڻس کي خبر پئي ته هو به اسپتال ۾ آيو. جاويد پنهنجي پيءُ کي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. ۽ سندس ضمير پڻس کان نافرماني ڪرڻ جا معافي گهرڻ تي کيس مجبور ڪيو. سو هن پنهنجي پيءُ کان معافي ورتي ۽ عهد ڪيائين ته ”هو هاڻي بنا اجازت جي ڪيڏنهن به نه ويندو ۽ هردم وڏن جو چيو مڃيندو.“ سندس پيءُ کيس معاف ڪري ڇڏيو.
    ٻارو.! اوهان ڏٺو ته جاويد کي ڪيئن نافرماني جي سزا ملي. اسان کي گهرجي ته اسان وڏن، بزرگن جي حڪم کان خلاف ڪوبه ڪم سرانجام نه ڏيون ۽ سندن نصيحت تي عمل ڪيون.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ ادا وڏن بزرگن جي چوڻ تي عمل ڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هڪ سٺي آکاڻي ۽ بهترين انتخاب۔
    عنوان ڪُجهه سمجهه ۾ نه آيو۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين سمجهاڻي پر لفظن جي جوڙجڪ جي اڻاٺ آهي جنهنڪري ڪهاڻي کي اصل چاشني ملي نه سگهي آهي، باقي بهترين ڪوشش جاري رکو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو