توسان ڳالهيون شمشير الحيدري رستي هلندي، گهر ۾ ويٺي، بازارن ۾ گهمندي، پيار جون پياريون ڳالهيون. ڪڏهن منهنجي هٿ ۾ پنهنجو هٿڙو ڏيئي، سمنڊ ڪناري، ننگين پيرين، آليءَ واريءَ تي، يڪساهيءَ ڊوڙي ڊوڙي ڪرين پوين ٿي، ۽ مان توکي کڻي وٺان ٿو ڀاڪر پائي، ڪڏهن شهر جي ڪنهن باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويهي، تنهنجا سونا روپا ٽهڪ ٻڌان ٿو، ڪڏهن شام ٽريءَ جي ويلي ايڪانت ۾ منهنجن ٻانهن ۾ جهولين ٿي، پر توساڻ ئي سڀ ڳالهيون تڏهن ٿينديون آهن، جڏهن تون موجود نه هوندي آهين. ******************نوٽ: سائين بابا شمشير ۽ امڙ جي تصوير بابا جي فوت ٿيڻ کان ٺيڪ هڪ سال اڳ مون پنهنجي گهر ۾ ڪڍي هئي ... جنهن ۾ بابا تمام سٺي موڊ ۾ امڙ سان ڪيترائي ڀوڳ ڪندي اسان سڀني کي کلائيندو رهيو هو ... تون ياد وري آئين ... تون ياد وري آئين.
ڪڏهن شهر جي ڪنهن باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويهي، تنهنجا سونا روپا ٽهڪ ٻڌان ٿو، ڪڏهن شام ٽريءَ جي ويلي ايڪانت ۾ منهنجن ٻانهن ۾ جهولين ٿي، بس يادگيريون ئي رهجي وينديون آهن، جيئن اوهان جي اڱڻ ۾ ورتل هيء يادگار تصوير ۔۔۔۔۔ سنڌ شمشير تي ناز ڪندي رهندي۔ دعا آهي ته رب پاڪ کيس جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري۔
ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ موت ته هر انسان کي اچڻو آهي پر ڪجه هستيون اهڙيون آهن جن کي جڏهن موت آيو هوندو ته موت به ڪجه وقت لاء انهي تي رونو هوندو۔ سائين شمشير الحيدري به انهن شخصيتن مان هڪ هئا۔ محترما رخسانه ” رخ“ سومرو جو هڪ دل کي ڇهيندڙ غزل جنهن جو عنوان آهي بابا ۽ امان لاء، انهن جي شاعري مجموعه ” عطر اوت “ مان اوهانجي نظر:_ ڪاڏي ويا ماڻهون محبت ۽ مهر جا، اڄ رهگذر ڳولن پيا نقش تن جا۔ حسين چهرا جن جا مان ، اکين ۾ کڻي ٿي گهمان ۔ هيڪر ملي جي وڃن ته مان ، سندن پيرن جي پٻن کي، پنبڻن سان لائي چمان۔ ڪاڏي اهي ماڻهو ويا ، جن سان روح جا ناتا هيا؟ سي ڏور وڃي ڪيئن ، مون کي آهن وساري ويٺا، هو جي اچڻ به چاهين ته ، نه ٿا موٽي اچي سگهن۔ اهڙا ته رسي ويا آهن ، ڄڻ ته پٿر جا ٿي ويا آهن ، سندن جي ته بس ڄڻ ياد ئي، من جي مانڌاڻ ۾ رهجي وئي آ، جڳن جي واءّ سندن ، پار، نکوتر به ڊاهي وئي آ ۔