توسان ڳالهيون .... شمشير الحيدري

'شمشير الحيدري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    توسان ڳالهيون
    شمشير الحيدري

    رستي هلندي،
    گهر ۾ ويٺي،
    بازارن ۾ گهمندي،
    پيار جون پياريون ڳالهيون.

    ڪڏهن منهنجي هٿ ۾ پنهنجو هٿڙو ڏيئي،
    سمنڊ ڪناري،
    ننگين پيرين، آليءَ واريءَ تي، يڪساهيءَ ڊوڙي ڊوڙي ڪرين پوين ٿي،
    ۽ مان توکي کڻي وٺان ٿو ڀاڪر پائي،

    ڪڏهن شهر جي ڪنهن باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويهي،
    تنهنجا سونا روپا ٽهڪ ٻڌان ٿو،
    ڪڏهن شام ٽريءَ جي ويلي ايڪانت ۾ منهنجن ٻانهن ۾ جهولين ٿي،

    پر توساڻ ئي سڀ ڳالهيون تڏهن ٿينديون آهن،
    جڏهن تون موجود نه هوندي آهين.​
    [​IMG]

    ******************​
    نوٽ: سائين بابا شمشير ۽ امڙ جي تصوير بابا جي فوت ٿيڻ کان ٺيڪ هڪ سال اڳ مون پنهنجي گهر ۾ ڪڍي هئي ... جنهن ۾ بابا تمام سٺي موڊ ۾ امڙ سان ڪيترائي ڀوڳ ڪندي اسان سڀني کي کلائيندو رهيو هو ...​
    تون ياد وري آئين ... تون ياد وري آئين.​
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪڏهن شهر جي ڪنهن باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويهي،
    تنهنجا سونا روپا ٽهڪ ٻڌان ٿو،
    ڪڏهن شام ٽريءَ جي ويلي ايڪانت ۾ منهنجن ٻانهن ۾ جهولين ٿي،

    بس يادگيريون ئي رهجي وينديون آهن، جيئن اوهان جي اڱڻ ۾ ورتل هيء يادگار تصوير ۔۔۔۔۔ سنڌ شمشير تي ناز ڪندي رهندي۔ دعا آهي ته رب پاڪ کيس جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ موت ته هر انسان کي اچڻو آهي پر ڪجه هستيون اهڙيون آهن جن کي جڏهن موت آيو هوندو ته موت به ڪجه وقت لاء انهي تي رونو هوندو۔ سائين شمشير الحيدري به انهن شخصيتن مان هڪ هئا۔
    محترما رخسانه ” رخ“ سومرو جو هڪ دل کي ڇهيندڙ غزل جنهن جو عنوان آهي بابا ۽ امان لاء، انهن جي شاعري مجموعه ” عطر اوت “ مان اوهانجي نظر:_
    ڪاڏي ويا ماڻهون محبت ۽ مهر جا، اڄ رهگذر ڳولن پيا نقش تن جا۔
    حسين چهرا جن جا مان ، اکين ۾ کڻي ٿي گهمان ۔
    هيڪر ملي جي وڃن ته مان ، سندن پيرن جي پٻن کي،
    پنبڻن سان لائي چمان۔
    ڪاڏي اهي ماڻهو ويا ، جن سان روح جا ناتا هيا؟
    سي ڏور وڃي ڪيئن ، مون کي آهن وساري ويٺا،
    هو جي اچڻ به چاهين ته ، نه ٿا موٽي اچي سگهن۔
    اهڙا ته رسي ويا آهن ، ڄڻ ته پٿر جا ٿي ويا آهن ،
    سندن جي ته بس ڄڻ ياد ئي، من جي مانڌاڻ ۾ رهجي وئي آ،
    جڳن جي واءّ سندن ، پار، نکوتر به ڊاهي وئي آ ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سندن جي ته بس ڄڻ ياد ئي، من جي مانڌاڻ ۾ رهجي وئي آ،

    جي سهڻا دوست سچ چيو اوهان ۔۔۔ لک قرب
     
  5. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    سائين سائين ھو۔ سائين اسان جي دلين ۾ ھميشه ھميشه زنده رھندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو