پيار جي پنڌ ۾

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن

وڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾،
پرين ٿا ائين توکي چاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

سامهون صليب هجي يا ڀل، وڇايل واٽ تي ڪنڊا،
ڪڏهن واپس وريا ناهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

اڪيلائيون ڊگھيون راتيون، چڪن ٿا گھاوَ يادن جا،
ويٺا واهڙ اکئين واهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

ڇَتا تو هئا ڇڏيا ڇوڙي، ڀُنل هو بُت بارش ۾،
گھڙيون سي ياد هن آيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنهنجو اوسيئڙو،
ڏيئي وانگي ٻريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.

پُڇين ٿي پنهنجي ساگر کان، جيئان ٿو ڪئين بنا تنهنجي،
ڪڏهن ڊاهيون ڪڏهن ٺاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.
 
واه سائين واه سچ پڇو ته سڀ ٿڪ لهي ويا اهڙي شاعري پڙهي ڪري مهرباني ادا سائين
 
Back
Top