گل حسن لاکو
سينيئر رڪن
تعليم ۾ ڀرتين جي ٽيسٽ لا سنڌي جي حوالي سان ڪجهه ڪارائتو مواد
(هي مواد ڪجهه دوستن جي ڪاوشن سان مون تائين پهتو ۽ اهو مون ڪمپوز ڪيو آهي، اميد ته تعليم ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ دوستن جي لا ڪارائتو ثابت ٿيندو)
گل حسن لاکو (مهراڻ ٽائون شهدادپور ضلع سانگهڙ)
03332870626
(حصو پهريون)
2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي والد جو نالو حبيب شاهه هو.
3. شاهه صاحب 63 سالن جي عمر ۾ 1752ع (1165هه) ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري ۾ آهي. جتي هر سال 14 صفر تي ميلو لڳندو آهي.
4. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سان ٽي ڪتاب هميشه گڏ هوندا هئا. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سڄي سنڌ جو پيرين پيادو سفر ڪيو.
6. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري جي مجموعي کي شاهه جو رسالو چئبو آهي، جنهن ۾ 30 سُر آهن، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو لافاني دستاويز آهي.
8. تخلص سچو، سچيڏنو، سچل
9. فارسي ڪلام ۾ پاڻ “آشڪار” تخلص ڪم آندو اٿن.
10. سچل سرمست رحمته الله عليه کي هفت زبان شاعر چيو وڃي ٿو. ڇو ته پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، عربي، سرائيڪي، پنجابي، هندي، اُردو ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين.
11. سچل سرمست رحمته الله عليه جي والد جو نالو ميان صلاح الدين هو.
12. سندن پيءُ ميان صلاح الدين فاروقي کانپوءِ سندن چاچي ميان عبدالحق جي تربيت هيٺ رهيو
13. سچل سرمست رحمته الله عليه 1739ع (1152هه) ۾ درازن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندن وفات 1827ع (1242هه) ۾ ٿي.
14. سچل سرمست رحمته الله عليه جو مقبرو درازن ۾ آهي، جيڪو راڻي پور شهر ڀرسان ۽ ضلعي خيرپور ۾ آهي.
16. سندس پيءُ جو نالو فريدون بيگ هو.
17. پاڻ هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ترجمي نگار، ڊرامه نگار ۽ تاريخدان هو. انهن خوبين عيوض کيس “شمس العلماءَ” ۽ “خانبهادر” جو لقب مليو. سندس ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو آهي. جيڪي انگريزي، پارسي، عربي ۽ اردو زبانن مان ترجمو ٿيل آهن.
18. سنڌ جو شيڪسپيئر 67 سالن جي عمر ۾ 3 جولائي 1929ع ۾ هن فاني دنيا مان انتقال ڪري ويو.
23. علامه صاحب جو زنده ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي جو قيام هو. پاڻ تن ڏينهن ۾ لنڊن ترسيل هئا جتان کيس گھرائي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي.
24. جنرل ايوب جي مارشل لا جي دور ۾ اهڙي مداخلت تي استعيفى ڏئي ڇڏيائين.
25. علامه صاحب 13 اپريل 1968ع ۾ سنڌو جي لهرن ۾ لڙهي پنهنجي قيمتي جان کي سنڌو جي پوتر پاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
26. سندس آخري آرامگاهه سندس گھر واري جي آرامگاهه جي ڀرسان سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري ۾ آهي.
28. 1927ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پي_ايڇ_ڊي ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان هو “عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر”.
29. سنڌيءَ ۾ درسي ڪتابن کانسواء شاهه ڪريم جو ڪلام، منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪلامِ گرهوڙي، منهاج العاشقين ۽ ڊاڪٽر گُر بخشاڻي سان گڏ شاهه جو رسالو پڻ لکيائين.
30. سرڪار کيس شمس العلماءَ جو خطاب ڏنو.
31. پاڻ 22 نومبر 1958ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت مطابق کيس ڀٽ شاهه جي روضي وٽ دفن ڪيو ويو
32. سندس نالي سان حيدرآباد شهر جي راڻي باغ جي ويجھو هڪ عاليشان پبلڪ لائبريري قائم ٿيل آهي.
34. ڊاڪٽر نبي بخش ولد علي محمد خان لغاري بلوچ علمي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ متعارف شخصيت آهي. پاڻ ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلع سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو.
35. ڀائي چين راءِ بچو مل لنڊ هو، ان پنهنجي شاعري ۾ تخلص سامي ته ڪڏهن ٻانڀڻ ڪم آندو آهي. سامي جي بيتن کي “سامي جا سلوڪ” سڏبو آهي.
36. مير حسن علي ٽالپر کي “سنڌ جو فردوسي” سڏيو وڃي ٿو. هن جو مشهور مثنوي “سنڌ جو شاهنامو” مشهور آهي، جنهن ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڳل جنگ جو ذڪر ڪيل آهي. هن کي “سنڌي غزلن جو بادشاهه” چيو وڃي ٿو.
37. محمد صديق مسافر “اخبار تعليم” جو ايڊيٽر ٿي گذريو آهي.
38. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جو اعتراف ڪندي حڪومتِ پاڪستان کيس “تمغهءِ پاڪستان” جو اعزاز ڏنو آهي.
39. 1935ع ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي.
40. مائي خيري جو اصل نالو بيبي خيرالنساء هو. سندس ڪيترائي خير جا ڪم آهن، جهڙوڪ: کوهه کوٽائڻ، مسجدون، مدرسا تعمير ڪرائڻ وغيره. سندس وفات 01 رمضان المبارڪ 1272ع ۾ ٿي.
41. اجرڪ سنڌ جي اهم سڃاڻپ ۽ سوکڙي آهي، اجرڪ کي عربيءَ ۾ “ازرق” چيو ويندو آهي.
42. اجرڪ 14 مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ تيار ٿيندي آهي. اجرڪ ۾ 16 مصالحا استعمال ٿين ٿا، اجرڪ جا 10 کان مٿي قسم آهن.
43. سبق “اجرڪ” ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي.
44. ڪينجھر ڍنڍ جيڪا ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي، هيءَ ٺٽي شهر کان تقريبا 18 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.
45. ڪينجھر لفظ جي معنى آهي گھڻائي.
46. ڪينجھر جو ذڪر شاهه سائين جي رسالي جي سُر ڪاموڏ ۾ ٿيل آهي.
47. نوري ڄام تماچي جو رومانوي داستان ڪينجھر سان منسوب آهي، ڪينجھر ڍنڍ جي وچ ۾ نوري جي مرشد پير هوندل جي پيرانديءَ کان نوريءَ جي قبر پڻ موجود آهي.
48. وتايو فقير نصر پور ۾ ڄائو هو.
49. نصر پور جو شهر ٽنڊوالهيار جي اتر اولهه طرف 06 ميلن جي فاصلي تي آهي، هي شهر نصير مهاڻي ٻڌرايو هو.
50. شاهه عنايت رضوي ۽ ڪافين جو بادشاهه نصرپور جون مشهور شخصيتون آهن. ان کان علاوه هتي جا کيرپڙا به مشهور آهن.
51. منڇر ڍنڍ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي جي بوبڪ جي ويجھو ضلعي دادو ۾ آهي.
52. هاليجي ڍنڍ ضلعي ٺٽي ۾ آهي
53. مکي ڍنڍ ضلعي سانگھڙ ۾ آهي.
54. ضلعي سانگهڙ جي ٿر واري حصي کي اڇڙو ٿر چيو وڃي ٿو.
55. خير پور جي ٿر واري حصي کي نارو چيو وڃي ٿو.
56. مشهور ڦٽل تاريخي شهر برهمڻ آباد ضلعي سانگھڙ ۾ آهي.
57. حسين بخش شاهه ڊٺڙو شهر جو مشهور بزرگ ۽ شاعر آهي، جيڪو سانگھڙ شهدادپور روڊ تي لانڍي بس اسٽاپ جي ويجھو واقع آهي.
58. ڀنڀور شهر ڪراچي شهر کان 64 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي واقع آهي، هي شهر مشهور رومانوي داستان سسئي پنهونءَ جي ڪري به مشهور آهي.
59. دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ آهي، جيڪو سن شهر کان 35 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي، هن جي ڊيگھ 38 ڪلو ميٽر آهي.
60. ميرپور خاص جي ويجھو هڪ نئين دريافت ڪاهوءَ جو دڙ آهي.
61. شاهه ولي الله جو اصل نالو قطب الدين ولد شاهه عبدالرحيم آهي، پاڻ دهليءَ جو ويجھو پيدا ٿيا. حجته البالغه سندن مشهور تصنيف آهي.
62. سورهيه بادشاهه جو اصل نالو سيد صبغت الله شاهه آهي، پاڻ 04 مارچ 1909ع (13 صفر 1327هه) تي پير جو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا.
63. گڙنگ بنگلو جيڪو حر تحريڪ جو مرڪز هو، سانگھڙ جي ويجھو آهي.
64. سورهيه بادشاهه کي 20 مارچ 1943ع تي انگريز سرڪار ڦاهي تي چاڙاهي ڇڏيو.
(هي مواد ڪجهه دوستن جي ڪاوشن سان مون تائين پهتو ۽ اهو مون ڪمپوز ڪيو آهي، اميد ته تعليم ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ دوستن جي لا ڪارائتو ثابت ٿيندو)
گل حسن لاکو (مهراڻ ٽائون شهدادپور ضلع سانگهڙ)
03332870626
(حصو پهريون)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
1. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه 1689ع (1102هه) ۾ ڀئين پور ۾ ڄائو. 2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي والد جو نالو حبيب شاهه هو.
3. شاهه صاحب 63 سالن جي عمر ۾ 1752ع (1165هه) ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري ۾ آهي. جتي هر سال 14 صفر تي ميلو لڳندو آهي.
4. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سان ٽي ڪتاب هميشه گڏ هوندا هئا. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سڄي سنڌ جو پيرين پيادو سفر ڪيو.
6. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري جي مجموعي کي شاهه جو رسالو چئبو آهي، جنهن ۾ 30 سُر آهن، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو لافاني دستاويز آهي.
سچل سرمست رحمته الله عليه
7. سچل سرمست رحمته الله عليه جو اصل نالو عبدالوهاب هو، مائٽن جو نالو سچيڏنو هو.8. تخلص سچو، سچيڏنو، سچل
9. فارسي ڪلام ۾ پاڻ “آشڪار” تخلص ڪم آندو اٿن.
10. سچل سرمست رحمته الله عليه کي هفت زبان شاعر چيو وڃي ٿو. ڇو ته پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، عربي، سرائيڪي، پنجابي، هندي، اُردو ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين.
11. سچل سرمست رحمته الله عليه جي والد جو نالو ميان صلاح الدين هو.
12. سندن پيءُ ميان صلاح الدين فاروقي کانپوءِ سندن چاچي ميان عبدالحق جي تربيت هيٺ رهيو
13. سچل سرمست رحمته الله عليه 1739ع (1152هه) ۾ درازن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندن وفات 1827ع (1242هه) ۾ ٿي.
14. سچل سرمست رحمته الله عليه جو مقبرو درازن ۾ آهي، جيڪو راڻي پور شهر ڀرسان ۽ ضلعي خيرپور ۾ آهي.
مرزا قليچ بيگ
15. مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙهي ضلع حيدرآباد ۾ 7 آڪٽوبر 1853ع ۾ ڄائو.16. سندس پيءُ جو نالو فريدون بيگ هو.
17. پاڻ هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ترجمي نگار، ڊرامه نگار ۽ تاريخدان هو. انهن خوبين عيوض کيس “شمس العلماءَ” ۽ “خانبهادر” جو لقب مليو. سندس ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو آهي. جيڪي انگريزي، پارسي، عربي ۽ اردو زبانن مان ترجمو ٿيل آهن.
18. سنڌ جو شيڪسپيئر 67 سالن جي عمر ۾ 3 جولائي 1929ع ۾ هن فاني دنيا مان انتقال ڪري ويو.
علامه آءِ. آءِ قاضي
19. علامه آءِ. آءِ قاضي جو اصل نالو امام علي قاضي هو. پاڻ 1886ع ۾ ضلعي دادو جي علمي ڳوٺ “پاٽ” ۾ ڄائو.
20. علامه آءِ. آءِ قاضي اٺن سالن جي عمر ۾ مسجد ۾ موذن جا فرائض سر انجام ڏنا.
21. سندس شادي جرمني ۾ “ايلسا” سان ٿي. جيڪا پڻ اعلى اديب، مصور ۽ قابل عورت هئي. سندس پهرين ملاقات لنڊن ۾ ريل گاڏيءَ ۾ ٿي هئي. علامه صاحب جي شرافت کان متاثر ٿي ساڻس زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري ويٺي.
22. سندس ذڪر ۽ فڪر جو محور ”قرآن شريف“ هو. قرآن پاڪ کانپوءِ سندس وڏي ۾ وڏو ماخذ “شاهه جو رسالو” هو. 23. علامه صاحب جو زنده ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي جو قيام هو. پاڻ تن ڏينهن ۾ لنڊن ترسيل هئا جتان کيس گھرائي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي.
24. جنرل ايوب جي مارشل لا جي دور ۾ اهڙي مداخلت تي استعيفى ڏئي ڇڏيائين.
25. علامه صاحب 13 اپريل 1968ع ۾ سنڌو جي لهرن ۾ لڙهي پنهنجي قيمتي جان کي سنڌو جي پوتر پاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
26. سندس آخري آرامگاهه سندس گھر واري جي آرامگاهه جي ڀرسان سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري ۾ آهي.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
27. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو 1896ع ۾ ڳوٺ ٽلٽي ضلع دادو ۾ ڄائو.28. 1927ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پي_ايڇ_ڊي ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان هو “عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر”.
29. سنڌيءَ ۾ درسي ڪتابن کانسواء شاهه ڪريم جو ڪلام، منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪلامِ گرهوڙي، منهاج العاشقين ۽ ڊاڪٽر گُر بخشاڻي سان گڏ شاهه جو رسالو پڻ لکيائين.
30. سرڪار کيس شمس العلماءَ جو خطاب ڏنو.
31. پاڻ 22 نومبر 1958ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت مطابق کيس ڀٽ شاهه جي روضي وٽ دفن ڪيو ويو
32. سندس نالي سان حيدرآباد شهر جي راڻي باغ جي ويجھو هڪ عاليشان پبلڪ لائبريري قائم ٿيل آهي.
چونڊ معلومات
33. مولانا دين محمد وفائي 27 رمضان المبارڪ 1311هه سندس اباڻي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقو ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو خليفو گل محمد ڀٽي هو.34. ڊاڪٽر نبي بخش ولد علي محمد خان لغاري بلوچ علمي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ متعارف شخصيت آهي. پاڻ ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلع سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو.