تعليم ۾ ڀرتين جي ٽيسٽ لا سنڌي جي حوالي سان ڪجهه ڪارائتو مواد

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2013۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تعليم ۾ ڀرتين جي ٽيسٽ لا سنڌي جي حوالي سان ڪجهه ڪارائتو مواد
    (هي مواد ڪجهه دوستن جي ڪاوشن سان مون تائين پهتو ۽ اهو مون ڪمپوز ڪيو آهي، اميد ته تعليم ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ دوستن جي لا ڪارائتو ثابت ٿيندو)
    گل حسن لاکو (مهراڻ ٽائون شهدادپور ضلع سانگهڙ)
    03332870626


    (حصو پهريون)



    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
    1. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه 1689ع (1102هه) ۾ ڀئين پور ۾ ڄائو.
    2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي والد جو نالو حبيب شاهه﷥ هو.
    3. شاهه صاحب ﷥ 63 سالن جي عمر ۾ 1752ع (1165هه) ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري ۾ آهي. جتي هر سال 14 صفر تي ميلو لڳندو آهي.
    4. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سان ٽي ڪتاب هميشه گڏ هوندا هئا. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
    5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سڄي سنڌ جو پيرين پيادو سفر ڪيو.
    6. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري جي مجموعي کي شاهه جو رسالو چئبو آهي، جنهن ۾ 30 سُر آهن، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو لافاني دستاويز آهي.
    سچل سرمست رحمته الله عليه
    7. سچل سرمست رحمته الله عليه جو اصل نالو عبدالوهاب هو، مائٽن جو نالو سچيڏنو هو.
    8. تخلص سچو، سچيڏنو، سچل
    9. فارسي ڪلام ۾ پاڻ “آشڪار” تخلص ڪم آندو اٿن.
    10. سچل سرمست رحمته الله عليه کي هفت زبان شاعر چيو وڃي ٿو. ڇو ته پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، عربي، سرائيڪي، پنجابي، هندي، اُردو ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين.
    11. سچل سرمست رحمته الله عليه جي والد جو نالو ميان صلاح الدين هو.
    12. سندن پيءُ ميان صلاح الدين فاروقي کانپوءِ سندن چاچي ميان عبدالحق جي تربيت هيٺ رهيو
    13. سچل سرمست رحمته الله عليه 1739ع (1152هه) ۾ درازن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندن وفات 1827ع (1242هه) ۾ ٿي.
    14. سچل سرمست رحمته الله عليه جو مقبرو درازن ۾ آهي، جيڪو راڻي پور شهر ڀرسان ۽ ضلعي خيرپور ۾ آهي.
    مرزا قليچ بيگ
    15. مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙهي ضلع حيدرآباد ۾ 7 آڪٽوبر 1853ع ۾ ڄائو.
    16. سندس پيءُ جو نالو فريدون بيگ هو.
    17. پاڻ هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ترجمي نگار، ڊرامه نگار ۽ تاريخدان هو. انهن خوبين عيوض کيس “شمس العلماءَ” ۽ “خانبهادر” جو لقب مليو. سندس ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو آهي. جيڪي انگريزي، پارسي، عربي ۽ اردو زبانن مان ترجمو ٿيل آهن.
    18. سنڌ جو شيڪسپيئر 67 سالن جي عمر ۾ 3 جولائي 1929ع ۾ هن فاني دنيا مان انتقال ڪري ويو.
    علامه آءِ. آءِ قاضي
    19. علامه آءِ. آءِ قاضي جو اصل نالو امام علي قاضي هو. پاڻ 1886ع ۾ ضلعي دادو جي علمي ڳوٺ “پاٽ” ۾ ڄائو.
    20. علامه آءِ. آءِ قاضي اٺن سالن جي عمر ۾ مسجد ۾ موذن جا فرائض سر انجام ڏنا.
    21. سندس شادي جرمني ۾ “ايلسا” سان ٿي. جيڪا پڻ اعلى اديب، مصور ۽ قابل عورت هئي. سندس پهرين ملاقات لنڊن ۾ ريل گاڏيءَ ۾ ٿي هئي. علامه صاحب جي شرافت کان متاثر ٿي ساڻس زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري ويٺي.
    22. سندس ذڪر ۽ فڪر جو محور ”قرآن شريف“ هو. قرآن پاڪ کانپوءِ سندس وڏي ۾ وڏو ماخذ “شاهه جو رسالو” هو.
    23. علامه صاحب جو زنده ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي جو قيام هو. پاڻ تن ڏينهن ۾ لنڊن ترسيل هئا جتان کيس گھرائي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي.
    24. جنرل ايوب جي مارشل لا جي دور ۾ اهڙي مداخلت تي استعيفى ڏئي ڇڏيائين.
    25. علامه صاحب 13 اپريل 1968ع ۾ سنڌو جي لهرن ۾ لڙهي پنهنجي قيمتي جان کي سنڌو جي پوتر پاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    26. سندس آخري آرامگاهه سندس گھر واري جي آرامگاهه جي ڀرسان سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري ۾ آهي.
    ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
    27. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو 1896ع ۾ ڳوٺ ٽلٽي ضلع دادو ۾ ڄائو.
    28. 1927ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پي_ايڇ_ڊي ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان هو “عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر”.
    29. سنڌيءَ ۾ درسي ڪتابن کانسواء شاهه ڪريم جو ڪلام، منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪلامِ گرهوڙي، منهاج العاشقين ۽ ڊاڪٽر گُر بخشاڻي سان گڏ شاهه جو رسالو پڻ لکيائين.
    30. سرڪار کيس شمس العلماءَ جو خطاب ڏنو.
    31. پاڻ 22 نومبر 1958ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت مطابق کيس ڀٽ شاهه جي روضي وٽ دفن ڪيو ويو
    32. سندس نالي سان حيدرآباد شهر جي راڻي باغ جي ويجھو هڪ عاليشان پبلڪ لائبريري قائم ٿيل آهي.
    چونڊ معلومات
    33. مولانا دين محمد وفائي 27 رمضان المبارڪ 1311هه سندس اباڻي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقو ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو خليفو گل محمد ڀٽي هو.
    34. ڊاڪٽر نبي بخش ولد علي محمد خان لغاري بلوچ علمي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ متعارف شخصيت آهي. پاڻ ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلع سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو.
    35. ڀائي چين راءِ بچو مل لنڊ هو، ان پنهنجي شاعري ۾ تخلص سامي ته ڪڏهن ٻانڀڻ ڪم آندو آهي. سامي جي بيتن کي “سامي جا سلوڪ” سڏبو آهي.
    36. مير حسن علي ٽالپر کي “سنڌ جو فردوسي” سڏيو وڃي ٿو. هن جو مشهور مثنوي “سنڌ جو شاهنامو” مشهور آهي، جنهن ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڳل جنگ جو ذڪر ڪيل آهي. هن کي “سنڌي غزلن جو بادشاهه” چيو وڃي ٿو.
    37. محمد صديق مسافر “اخبار تعليم” جو ايڊيٽر ٿي گذريو آهي.
    38. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جو اعتراف ڪندي حڪومتِ پاڪستان کيس “تمغهءِ پاڪستان” جو اعزاز ڏنو آهي.
    39. 1935ع ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي.
    40. مائي خيري جو اصل نالو بيبي خيرالنساء هو. سندس ڪيترائي خير جا ڪم آهن، جهڙوڪ: کوهه کوٽائڻ، مسجدون، مدرسا تعمير ڪرائڻ وغيره. سندس وفات 01 رمضان المبارڪ 1272ع ۾ ٿي.
    41. اجرڪ سنڌ جي اهم سڃاڻپ ۽ سوکڙي آهي، اجرڪ کي عربيءَ ۾ “ازرق” چيو ويندو آهي.
    42. اجرڪ 14 مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ تيار ٿيندي آهي. اجرڪ ۾ 16 مصالحا استعمال ٿين ٿا، اجرڪ جا 10 کان مٿي قسم آهن.
    43. سبق “اجرڪ” ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي.
    44. ڪينجھر ڍنڍ جيڪا ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي، هيءَ ٺٽي شهر کان تقريبا 18 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.
    45. ڪينجھر لفظ جي معنى آهي گھڻائي.
    46. ڪينجھر جو ذڪر شاهه سائين جي رسالي جي سُر ڪاموڏ ۾ ٿيل آهي.
    47. نوري ڄام تماچي جو رومانوي داستان ڪينجھر سان منسوب آهي، ڪينجھر ڍنڍ جي وچ ۾ نوري جي مرشد پير هوندل جي پيرانديءَ کان نوريءَ جي قبر پڻ موجود آهي.
    48. وتايو فقير نصر پور ۾ ڄائو هو.
    49. نصر پور جو شهر ٽنڊوالهيار جي اتر اولهه طرف 06 ميلن جي فاصلي تي آهي، هي شهر نصير مهاڻي ٻڌرايو هو.
    50. شاهه عنايت رضوي ۽ ڪافين جو بادشاهه نصرپور جون مشهور شخصيتون آهن. ان کان علاوه هتي جا کيرپڙا به مشهور آهن.
    51. منڇر ڍنڍ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي جي بوبڪ جي ويجھو ضلعي دادو ۾ آهي.
    52. هاليجي ڍنڍ ضلعي ٺٽي ۾ آهي
    53. مکي ڍنڍ ضلعي سانگھڙ ۾ آهي.
    54. ضلعي سانگهڙ جي ٿر واري حصي کي اڇڙو ٿر چيو وڃي ٿو.
    55. خير پور جي ٿر واري حصي کي نارو چيو وڃي ٿو.
    56. مشهور ڦٽل تاريخي شهر برهمڻ آباد ضلعي سانگھڙ ۾ آهي.
    57. حسين بخش شاهه ڊٺڙو شهر جو مشهور بزرگ ۽ شاعر آهي، جيڪو سانگھڙ شهدادپور روڊ تي لانڍي بس اسٽاپ جي ويجھو واقع آهي.
    58. ڀنڀور شهر ڪراچي شهر کان 64 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي واقع آهي، هي شهر مشهور رومانوي داستان سسئي پنهونءَ جي ڪري به مشهور آهي.
    59. دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ آهي، جيڪو سن شهر کان 35 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي، هن جي ڊيگھ 38 ڪلو ميٽر آهي.
    60. ميرپور خاص جي ويجھو هڪ نئين دريافت ڪاهوءَ جو دڙ آهي.
    61. شاهه ولي الله جو اصل نالو قطب الدين ولد شاهه عبدالرحيم آهي، پاڻ دهليءَ جو ويجھو پيدا ٿيا. حجته البالغه سندن مشهور تصنيف آهي.
    62. سورهيه بادشاهه جو اصل نالو سيد صبغت الله شاهه آهي، پاڻ 04 مارچ 1909ع (13 صفر 1327هه) تي پير جو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيا.
    63. گڙنگ بنگلو جيڪو حر تحريڪ جو مرڪز هو، سانگھڙ جي ويجھو آهي.
    64. سورهيه بادشاهه کي 20 مارچ 1943ع تي انگريز سرڪار ڦاهي تي چاڙاهي ڇڏيو.
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تعليم ۾ ڀرتين جي ٽيسٽ لا سنڌي جي حوالي سان ڪجهه ڪارائتو مواد
    (حصو ٻيو)

    65. مسلم ليگ جو قيام 1906ع ۾ ٿيو.
    66. ڪارونجھر جبل ضلعي ٿرپارڪر ۾ واقع آهي.
    67. ڪارونجھر جبل جي پکيڙ 26 ڪلوميٽر آهي.اوچائي 1500 فوٽ آهي.
    68. هتي ستن رنگن جو سنگ مرمر يا گرئنائٽ ملندو آهي.
    69. ڪارونجھر ۾ ڪل 08 حَسين ماٿريون آهن. ڳوٺن جي نالن جي پٺيان ڀوڏيسر، ڪاسبو، آڌيگام، گھرٽياري، مورڙيو، کارڙيو، مڻو وغيره. 05 برساتي نديون : تالا گوڙڌرو، پتياڻي، گھرٽياڻي، مونڌرو، سابوسڻ.
    70. ڪارونجهر جو اهم شيون: گُگر، ڪونپٽڻ جو کونر، عام چوڻي سوا سير سون برابر پيدائش ٿئي ٿي.
    71. اسلامي ڪانفرنس تنظيم مراڪش جي شهر رباط ۾ 1969ع ۾ قائم ٿي.
    72. ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس 22 کان 24 فيبروري 1974ع ۾ لاهور پاڪستان ۾ ٿي.
    73. هوشو شيدي مير فتح علي خان جو ملازم ۽ مير صوبدار جي ساٿي ۽ همعصر هو.
    74. 17 فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي جنگ لڳي.
    75. 23 مارچ 1843ع تي دٻيءَ جي ميدان تي دٻڻ جي جنگ لڳي.
    76. هوش محمد شيدي 100 ساٿين سان آخر تائين انگريزن سان وڙهندو رهيو ۽ شهيد ٿي ويو.
    77. حڪيم محمد سعيد 09 جنوري 1910ع ۾ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو.
    78. حڪيم محمد سعيد جي والد جو نالو حافظ عبدالمجيد هو.
    79. حڪيم محمد سعيد همدرد اداري جو خالق 09 جنوري 1948ع ۾ پاڪستان ۾ لڏي آيو. همدرد پبلڪ اسڪول ۽ همدرد ميڊيڪل يونيورسٽي کوليائين. همدرد فائونڊيشن جو قيام 1964ع ۾ رکيائون. پاڻ مرڪزي گورنر ۽ سنڌ جا گورنر رهيا آهن.
    80. حڪيم محمد سعيد کي 17 آڪٽوبر 1998ع ۾ ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.
    81. سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهيو، هي سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو آبپاشي نظام آهي.
    82. ڪوٽڙي بئراج 12 فيبروري 1950ع ۾ ٺهيو جنهن جو بنياد گورنر جنرل خواجه نظام الدين رکيو. سيپٽمبر 1954ع ۾ پاڻي وهايو ويو. 15 مارچ 1955 تي ان جو افتتاح ٿيو.
    83. سنڌ ۾ پوکيءَ جو ٻه مندون ٿينديون آهن. هڪ خريف ۽ ٻي ربيع
    خريف (ڪَتي) جا فصل اونهاري ۾ پوکيا وڃن ٿا. هن جي فصلن ۾ ڪپهه، ساريون، مڪئي، جوئر ۽ ڪمند وغيره آهن.
    ربيع (چيٽ) جا فصل سياري ۾ پوکيا وڃن ٿا. هن جي فصلن ۾ ڪڻڪ، چڻا، مسور، تريو، سرنهن يا ڄانڀو وغيره.
    84. فصل ٽن قسمن جا ٿيندا آهن. (1) اناج وارا (2) ناڻي وارا (3) داليون ۽ تيلي ٻج

    85. گورک هل اسٽيشن سبق جو ليکڪ تاج صحرائي آهي.
    دادو ضلعو کير ٿر جبل ۽ سنڌو نديءَ جي قطارن جي وچ ۾ آهي.
    کير ٿر جبل جي ڊيگھ 150 ميل آهي. کير ٿر جو ٽي مکيه قطارون آهن.
    ڀت جبل ڪرو جبل کير ٿر جبل
    کير ٿر سڀ کان اوچي قطار آهي. کير ٿر مان ٽي مکيه نئيون نڪرن ٿيون
    1) نئن گاج (هيءَ منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي)
    2) نئن موهن (هيءَ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي)
    3) نئن باران (هيءَ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي)
    کير ٿر جون اوچيون چوٽيون ٽي آهن، جن ۾ گورک هل سڀني کان اوچي چوٽي آهي. هن جي اوچائي 5688 فوٽ آهي. گورک ماٿري جي پکيڙ ٽي چار سو ايڪڙ آهي.
    86. سبق گنجي ٽڪر جو سير جو ليکڪ ميران محمد شاهه آهي. گنجي ٽڪر جي دامن ۾ عبدالرحمان سرهندي جي مزار آهي.
    87. روهڙي حضور پاڪ صه جن جي وار مبارڪ جي روضي(جيڪو ايران جي بادشاهه نادر شاهه ٺهرايو هو) جي ڪري مشهور آهي.
    88. روهڙي شهر ۾ شهنشاهه اڪبر جي دور جون تاريخي مسجدون آهن.
    89. روهڙي شهر جا ٻه مشهور شاعر قادر بخش بيدل ۽ سندس فرزند محمد محسن بيڪس آهن.
    90. روهڙي جي سامهون درياءِ سنڌ ۾ هڪ ٻيٽ آهي جنهن جو نالو خواجه خضر جو آستان آهي.
    91. روهڙي شهر سکر سان ٻن پلين جي ذريعي ڳنڍيل آهي، لئنسڊائون پل(1888ع) ۽ هڪ ٻئي پل (1962).
    92. آغا خان فائونڊيشن جو قيام 1969ع ۾ ٿيو.
    93. آغا خان فائونڊيشن “هز هائينس پرنس ڪريم آغا” خان قائم ڪئي.
    94. هن جي هيڊ آفيس جنيوا ۾ آهي.
    95. آغا خان فائونڊيشن سُئٽزرلئنڊ ۾رجسٽرڊ آهي.
    96. آغا خان فائونڊيشن جو بنيادي مقصد ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي سماجي حالتن کي سڌارڻ آهي.
    97. آغا خان فائونڊيشن جون شاخون پاڪستان، ڪينيا، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ آهن.
    98. آغا خان فائونڊيشن جون سهڪاري شاخون برطانيه، ڪئنڊا ۽ آمريڪا ۾ آهن.
    99. آغا خان فائونڊيشن سبق جو ليکڪ انور ايڇ رامل آهي.
    موئن جو دڙو 5 هزار سال پراڻي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪري ٿو. جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. 1922ع ۾ سر جان مارشل هن جي کوٽائي ڪرائي.
    ڪراچي ۾ زيب النساءَ اسٽريٽ جو پراڻو نالو “ايلفنسٽن اسٽريٽ” هو.
    عربن جي دور ۾ قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو.

    سنڌي ادب ۽ تاريخ
    1. سومرن جو دور (1050_1350)
    هن دور کي سنڌي ادب جو ابتدائي دور سڏجي ٿو. هن دور ۾ سنڌ جا رومانوي داستان مثلاً: عمر ماروي، سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار،سيف الملوڪ، سورٺ راءِ ڏياج ۽ مورڙو مانگر مڇ ملن ٿا. هن دور جي شاعرن ۾ سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، پير صدرالدين، سيد نور الدين شاهه جا نالا سر فهرست آهن.
    2. سمن جو دور (1351 _1520)
    هن دور جو مشهور شاعر قاضي قادن آهي، جنهن پنهنجي زندگي جو پويون حصو ارغونن جي دور ۾ گذاريو.
    3. ارغونن جو دور (1520_1555)
    هن دور جا مشهور شاعر مخدوم نوح رحه ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو آهن.
    4. ڪلهوڙن جو دور (1701_1783)
    ڪلهوڙن جو دور سنڌي شاعريءَ جو سنهري دور هو، هن دور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ﷥ جهڙو عظيم شاعر پيدا ٿيو. مشهور عالم مخدوم ابوالحسن، مخدوم محمد هاشم ٺٺوي پڻ هن دور جا آهن. انکان علاوه هن دور ۾ شاهه جا همعصر شاهه عنايت رضوي، شاهه عنايت شهيد، خواجه محمد زمان ۽ تمر فقير وغيره.
    مخدوم ابوالحسن مشهور ڪتاب “مقدمه الصلوات” 1700ع ۾ لکيو.
    5. ميرن/ٽالپرن جو دور (1782_ 1843)
    سامي، صادق فقير ۽ ثابت علي شاهه (مرثئي جو شاعر) هن دور جا مشهور شاعر هئا.
    1843ع تي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو.
    6. انگريزن جو دور (1843_ 1947)
    1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي جنگ ۾ ميرن کي شڪست ڏئي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ادب ۽ ٻولي جو نئون باب شروع ٿيو. هن دور ڇاپخانه ۽ تعليم کاتو قائم ڪيو ويو. فارسيءَ بدران سنڌي ٻوليءَ کي دفتري زبان ۽ ذريعه تعليم بڻايو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ نئين صورتخطي بڻائي وئي. هن دور جا نامياره شاعر مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ بيگ، شمس الدين بلبل، مصري شاهه، غلام محمد نظاماڻي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، حافظ محمد احسن وغيره ملن ٿا.
    7. موجوده دور (1947ع کان )
    1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سرڪار ۽ عوامي سطح تي ڪيترائي ادبي ادارا قائم ڪيا ويا. سرڪار سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي نالي ادارا قائم ڪيا. جڏهن ته عوامي سطح تي سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي سوسائٽي ۽ ٻيا ڪيترائي ادبي ادارا قائم ٿيا.
    موجوده دور جي ڪهاڻي ڪارن ۾ امر جليل، جمال ابڙو، اياز قادري، نجم عباسي، حميد سنڌي ، نسيم کرل، نورالهدى شاهه ۽ مهتاب محبوب جا نالا سرِ فهرست آهن. جڏهن ته هن دور ۾ نثر ۾ سفر نامي کي اهميت رهي آهي. خاص ڪري الطاف شيخ جا سفر نامه سنڌي ادب لاءِ وسيع مواد فراهم ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ محمد عرس عرساڻي، ڊاڪٽر جبا ر جوڻيجو ، عنايت بلوچ ۽ فهميده حسين وغيره سفر نامه لکيا آهن. نئين ٽهي جا سڀئي شاعر طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. خاص طور تي امداد حسيني، اياز گل ، ادل سومرو، شمشير الحيدري، احمد خان مدهوش ۽ راشد مورائي وغيره جا نالا اهميت جوڳا آهن.
    1 . اسم:
    اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “نالو”. ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.
    2. ضمير:
    ضمير معنى “عيوضي”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي بدران ڪم اچن تن کي ضمير چئبو آهي.
    3. صفت:
    صفت معنى ساراهه. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو گڻ ، او گُڻ، انداز، مقدار يا رنگ ٻڌائن تن کي صفت چئبو آهي.
    4. فعل:
    فعل معنى “ڪم”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو، ضمير جو ڪم يا عمل ظاهر ڪن ته ان کي فعل چئبو آهي.
    5. ظرف:
    ظرف معنى ”ٿانءُ“. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي صفت، فعل يا ٻئي ظرف سان شامل ٿي ان جي ريت قدر، انداز، هاڪار ۽ ناڪار ۽ وقت ظاهر ڪن تن کي ظرف چئبو آهي.
    6. حرف جر:
    جر معنى “ڪشش يا ڇڪ”. اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾ اسم يا ضمير جي پٺيان ڪم اچن. ان جو تعلق جملي جي پوئين اسم يا ضمير سان ڏيکاريندا آهن
    7. حرف جملو:
    اهڙا لفظ جيڪي ٻن لفظن، ٻن جملن يا جملي جي ٻن حصن کي پاڻ ۾ ملائن ته انهن کي حرف جملو چئبو آهي.
    8. حرف ندا:
    ندا جي معنى “سڏ يا دانهن”. اهڙا لفظ جن مان ڏک، خوشي، دل جا اڌما، حيرت،عجب،ڌڪاء، احساسات ۽ جذبات جو اظهار ڪري سگھجي ته ان کي حرف ندا چئبو آهي.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لک لائق دوست گل حسن لاکا صاحب۔۔۔
    توهان طرفان هيٺيون مواد ٽيبل ۾ بهتر طريقي سان ڏيکارڻ لاءِ الڳ طور پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔

    ڪجھه مشهور نظم ۽ انهن جا شاعر

    سيريلنظم جو نالوشاعر
    1 ڏيئو ليکراج ڪشنچند عزيز
    2 ٻين سان ڀلائي ڪرڻ محمد صديق مسافر
    3 بڻايون سک جو ڪو سنسار عبدالڪريم گدائي
    4 ٻارن لاءِ صبح جي دعا مرزا قليچ بيگ
    5 قدم وڌائي اڳتي هل امداد حسيني
    6 هلو سبز پرچم اڏاري هلو سليم ڳاڙهوي
    7 اچو ته ڳوٺ سڌاريون سليم هالائي
    8 صحبت جو اثر عبدالله اثر
    9 وقت چوي آئون بادشاهه پيرومل مهرچند
    10 واهه قدرت رب ڪريم مولوي حاجي احمد ملاح
    11 خواب آهي يا خيال (غزل) حاجي احمد ملاح
    12 عالم سڀ آباد ڪرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
    13 غريبن جي جھوپڙي ڪشنچند بيوس
    14 سچائي جو انعام غلام احمد نظامي
    15 ديس ڏني دلداري (قومي نغمو) رشيد احمد لاشاري
    16 سينگار وطن جو حافظ محمد احسن چنا
    17 سبق (شخصيت ۽ لباس) شهناز خالد
    18 سبق (جمشيد نسروانجي _ هڪ نيڪ دل انسان) مسز گل _ ڪي مينوالا
    19 سبق (نيويارڪ جا رنگ)ڊاڪٽر فهميدا حسين
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جزاڪ الله ۔۔۔ امتحان کان علاوه به سنڌ بابت ڪافي مفيد معلومات آهي ۔۔۔۔ لک قرب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک ٿورا محسن دوست گل حسن لاکو صاحب جا ، تمام ڪارائتي معلومات آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ادا وڏي مهرباني، آئون به اميدوار آهيان، تياري جي سلسلي ۾ اهو مواد بهترين مدد فراهم ڪندو، لک لائق، دعا ڪجو ته ڪاميابي ملي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ سلامت جا ساٿيو پنهنجي ٽيسٽ جي تاريخ ٽائيم ۽ هنڌ معلوم ڪرڻ لاء جي ايس ٽي ۔۔۔۔۔ پي ايس ٽي۔۔۔۔ايڇ ايس ٽي ڪلڪ ڪري ۽ کليل سائيٽ ۾ پنهنجو سناختي ڪارڊ نمبر درج ڪري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي۔وڌيڪ معلومات لاء هت ڪلڪ ڪريو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    جي ايس ٽي ۾ اسان به اميدوار آهيون۔
    مهرباني تمام بهترين۔ لک ٿورا سائين توهان جا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين واه جو ڪم ٿي ويو۔ مان به پنهنجي ڪجهه دوستن کي هي لنڪ ڏيان ٿو من ڪو اوهان جي محنت جي صدقي سندن ڀلو ٿي وڃي۔ جزاڪ الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي معلومات ۔۔۔

    اسان جو دوست ڪولاچي عبدل به ايڇ ايس ٽي ۾ 70 پرسنٽ کان وڌيڪ نمبر کڻي پاس ٿيو آهي۔ کيس گهرجي ته دوستن جي مدد ڪندي هتي ڪجهه ڳالهيون ۽ معلومات ونڊ ڪري۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا ذيشان مهربانيون توهان منهنجي محنت کي پسند ڪيو ۽ منهنجي رهنمائي ڪرڻ فرمائي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا ذيشان مهربانيون توهان منهنجي محنت کي پسند ڪيو ۽ منهنجي رهنمائي ڪرڻ فرمائي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    الله ڪندو سڀ ڪامياب ٿي ويندا۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ادا سليمان مونسان مسئلو آهي ته مان سنڌي ۾ لکي نٿو سگهحان۔ڪوشش ضرور ڪندس۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    اميد وار ته پاڻ به آهيون، پر ڪاش اسان جو دماغ به ڪمپيوٽر جيان هر شيء
    سيوو ڪري ها!!!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادي ڪمپيوٽر جيان سيو ناهي ڪرڻو، توهان ان جو سهڻي ريت مطالعو ڪيو ته انشا الله سڀ ڪجهه ذهن نشين ٿي ويندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    دوستن لاء سٺي معلومات ڏني اٿو ضرور ڪم ايندن
    بهتر معلومات
     
  18. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    سائين تمام سٺو مواد آهي ، 19 جنوري تي پي ايس ٽي جي ٽيسٽ آهي ، دوستو دعا ڪجو
     
  19. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يارو اڄ خبر پئي ته جي ايس ٽي اميدوارن جي ٽيسٽ سينٽر ۾ (خاص ڪري بدين ۾) ته سرِ عام ڪاپي هلي آهي۔ اين ٽي ايس پاران بيهاريل لوڪل انويجيليٽر پاڻ شاگردن جي هيلپ ڪندا رهيا۔ موبائيل جهڙي شئي جو استعمال عام هو۔ الاءِ ڪهڙي ميرٽ ٺهندي۔ الاءِ ڪهڙا استاد ڀرتي ٿيندا۔ ۽ الاءِ ڇا ٿيندو ايندڙ نسل جو جنهن جي لاءِ اڄ جو ٽاپ نقل ڪندڙ کين سيکاريندو هوندو۔ ڇا؟
    يقينن ڪاپي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ڄام احمد سمون

    ڄام احمد سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    137
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    بهترين مواد۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو