منظوم ڪهاڻي

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    668
    ورتل پسنديدگيون:
    1,764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي

    منظوم ڪهاڻي
    الطاف جوکيو
    1597 اٽيچمينٽ ڏسو
    ٻڌو! هڪ ڪهاڻي وڏيري ۽ گدا جي ٻارو،
    جنهن ۾ آهه نصيحت سندو سبق سارو.
    هڪ ڀيري غريب شهر ڏي ويو پئي رات،
    ته واٽ تي وٺي واچوڙي سان برسات.
    گهڻي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيس گهر،
    ته مينهن کان بچڻ لئه گهڙي ويو اندر.
    ڏٺائين هڪ وڏيرو ڪرسيءَ تي ويٺل،
    ڀرسان ان جي سندس چاپلوسي بيٺل.
    ڏسي غريب کي ڪڍيائون ڌڪي ٻاهر،
    نه رهڻ ڏنس تنهن کي تا صبح ساجهر.
    هڪ ڀيري وڏيرو به شڪار تي نڪتو،
    کنيائين ساڻ نوڪر چاڪر ۽ هڪ ڪتو.
    ڏٺائين پري کان هڪ سهڻي هرڻي،
    ڀڳو تنهن جي پويان بندوق کڻي.
    هرڻي به وڏيري کان جان بچائي وئي،
    مٿان وري اچي ڪاري رات پئي.
    پوءِ اچي ٿيو وڏيرو ڏاڍو ششدر،
    ڏٺائين پري کان هڪ غريباڻو گهر.
    گهڙي سو تنهن جهوپڙيءَ ۾ ويو،
    ڏٺائين ته اهو ساڳيو غريب شخص هيو.
    تنهن غريب ان جي ڏاڍي خدمت ڪئي،
    پوءِ ڪچهري ڪندي تان جو صبح ٿي وئي.
    وڏيرو ان غريب جي پيرن تي پيو ڪري،
    ۽ پوءِ دل سان ان کان معافي گهري.
    ٻارو توهان به وقت تي ٻين جي ڪم اچو،
    اهو آهي منهنجو توهان کي سبق سچو
    (الطاف جوکيو سنڌ جي نالي واري اديب محبوب جوکيي جو موڀي فرزند ۽ ڪهاڻيڪارا ۽ شاعرا بانو محبوب جوکيو جو وڏو ڀاءُ آهي، هن وقت سائين محراب پور ۾ هاءِ اسڪول جا ٽيچر آهن..)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو