لوڪ گيت

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    لوڪ گيت
    افسر جويو
    1601 اٽيچمينٽ ڏسو
    گهور وڃئي گولي ڙي، لولي ڏئي لوڏيانءِ،
    سڄڻ لولي ڏئي لولي ڙي لوڏيان.
    لڏي لائق ٿيندين؛ وطن لئي وڙهڻ ويندين،
    سائين ڪندئي سولي ڙي لولي.
    الله ڏنو هين سهڻو صدورو، سائين ڪيو آ سائو هندورو،
    جهلي مون تو لئي جهولي ڙي لولي.
    تون ٿيندي راڄن راڻو، سمجھ ڀريل سگهڙ ۽ سياڻو،
    هلچل ٿيندي هولي ڙي لولي.
    شال وڌي تون وڏو ٿيندين، سک سوين تون سڀ کي ڏيندين،
    ٻاجھ ڀري ٿي هي ٻولي ڙي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو