هڪ ماڻهون ڪافي ڏينهن کان پريشان هو.... هن کي لڳو ٿي ته هن جي گهرواري ٻوڙي ٿيڻ لڳي آهي.. ڇو ته ڪئي دفعا هن جي سوال پڇڻ تي هوءَ کيس جواب نه ڏيندي هئي.... هن سوچيو ته سندس جو جيترو جلد ٿي سگهي علاج ڪرائجي ڪاٿي ائين نه ٿئي جو بيماري وڌي وڃي... اهو سوچي هن پنهنجي فيملي ڊاڪٽر کي گهرايو ۽ کيس پنهنجي گهرواري جي باري ۾ پيدا ٿيندڙ پنهنجي تشويش کان آگاهه ڪيو ...
ڊاڪٽر کيس چيو ته توهان جي گهرواري جي ٻوڙي پن جي ليول چيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ هلڪي ٽيسٽ ڪرڻي آهي جيڪا توهان به ڪري سگهو ٿا... ان تحت توهان کيس پهريان نارمل طريقي ۾ 40 فٽ پري کان ڳالهايو جيڪڏهن جواب نه ڏئي ته 30 فٽ پري ڳالهايو ... اهڙي طرح جواب نه ملڻ تي 20 فٽ ۽ پوءِ 10 فٽ پري کان مخاطب ٿيو ته جيئن توهان جي گهر واري جي ٻوڙي پن جي ليول چيڪ ڪري سگهجي...
انهي شام سندس گهر واري باورچي خاني ۾ رات جي ماني تيار ڪري رهي هئي .... همراهه مهمان خاني کان بيهي لڳ ڀڳ 40 فٽ پري کان کيس مخاطب ٿيندي چيو ... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
گهر واري جي طرفان ڪو جواب نه مليو ته همراهه ٿورو اڳتي وڌيو ۽ 30 فٽ پري کان کيس مخاطب ڪيو ... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
هن دفعي به کيس جواب نه مليو ... همراه هڪ دفعو وري اڳتي وڌيو ۽ 20 فٽ پري کان کيس مخاطب ٿيندي چيو... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
پر کيس جواب وري به نه مليو ... همراه اڳتي وڌندي 10 فٽ پري کان پنهنجي گهر واري کان ساڳيو سوال ڪيو.... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
پر هن دفعي به کيس جواب نه مليو ... آخرڪار همراهه پنهنجي گهرواري جي بلڪل ڀر ۾ ايندي کيس چيو .... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
هن دفعي سندس گهرواري چيو ... “پيارا هي مان پنجون دفعو جواب ڏيندي ٻڌايان پئي ته رات جي ماني ۾ ڪڪڙ رڌو اٿم...”
سبق؛ اسان هميشه سمجهندا آهيون ته اسان صحيح آهيون ... مسئلو ٻئي ماڻهون ۾ آهي... پر اهو سوچڻ وقت پهريان پنهنجو پاڻ کي به جانچجي....