مسئلو ڪنهن سان آهي.... ؟

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ ماڻهون ڪافي ڏينهن کان پريشان هو.... هن کي لڳو ٿي ته هن جي گهرواري ٻوڙي ٿيڻ لڳي آهي.. ڇو ته ڪئي دفعا هن جي سوال پڇڻ تي هوءَ کيس جواب نه ڏيندي هئي.... هن سوچيو ته سندس جو جيترو جلد ٿي سگهي علاج ڪرائجي ڪاٿي ائين نه ٿئي جو بيماري وڌي وڃي... اهو سوچي هن پنهنجي فيملي ڊاڪٽر کي گهرايو ۽ کيس پنهنجي گهرواري جي باري ۾ پيدا ٿيندڙ پنهنجي تشويش کان آگاهه ڪيو ...
    ڊاڪٽر کيس چيو ته توهان جي گهرواري جي ٻوڙي پن جي ليول چيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ هلڪي ٽيسٽ ڪرڻي آهي جيڪا توهان به ڪري سگهو ٿا... ان تحت توهان کيس پهريان نارمل طريقي ۾ 40 فٽ پري کان ڳالهايو جيڪڏهن جواب نه ڏئي ته 30 فٽ پري ڳالهايو ... اهڙي طرح جواب نه ملڻ تي 20 فٽ ۽ پوءِ 10 فٽ پري کان مخاطب ٿيو ته جيئن توهان جي گهر واري جي ٻوڙي پن جي ليول چيڪ ڪري سگهجي...
    انهي شام سندس گهر واري باورچي خاني ۾ رات جي ماني تيار ڪري رهي هئي .... همراهه مهمان خاني کان بيهي لڳ ڀڳ 40 فٽ پري کان کيس مخاطب ٿيندي چيو ... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
    گهر واري جي طرفان ڪو جواب نه مليو ته همراهه ٿورو اڳتي وڌيو ۽ 30 فٽ پري کان کيس مخاطب ڪيو ... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
    هن دفعي به کيس جواب نه مليو ... همراه هڪ دفعو وري اڳتي وڌيو ۽ 20 فٽ پري کان کيس مخاطب ٿيندي چيو... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
    پر کيس جواب وري به نه مليو ... همراه اڳتي وڌندي 10 فٽ پري کان پنهنجي گهر واري کان ساڳيو سوال ڪيو.... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
    پر هن دفعي به کيس جواب نه مليو ... آخرڪار همراهه پنهنجي گهرواري جي بلڪل ڀر ۾ ايندي کيس چيو .... “پياري اڄ رات جي ماني ۾ ڇا آهي...؟”
    هن دفعي سندس گهرواري چيو ... “پيارا هي مان پنجون دفعو جواب ڏيندي ٻڌايان پئي ته رات جي ماني ۾ ڪڪڙ رڌو اٿم...”

    سبق؛ اسان هميشه سمجهندا آهيون ته اسان صحيح آهيون ... مسئلو ٻئي ماڻهون ۾ آهي... پر اهو سوچڻ وقت پهريان پنهنجو پاڻ کي به جانچجي....
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سٺو سبق آهي ادا، واقعي اسان ٻين ۾ خاميون ڳوليندي، پاڻ ۾ خامين جي امڪان کي وساري ويهندا آهيون
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    يار رشيد، لڳي ٿو ته واقعي جادو سکي ويو آهين، مون ڪا اهڙي ڳالهه توکي ٻڌائي ته ڪونه هئي، جو اهڙا ڌڪ پيو هڻين ...

    پر يار ڪڏهن ڪڏهن گهر واريون ويجهي اچڻ لئه اهڙا ناٽڪ به ڪنديون اٿئي !!! هو گانو نه ٻڌو اٿئي ... ”ڪيون دور دور رهندي او حضور ميري ڪولون ...“

    ياد اچي ٿو ته ڳوٺ ۾ ڪئي اسانجا همراه پنهنجين زالن کي مخاطب ئي هينئن ٿيندا آهن .... ”اڙي ٻوڙي ڪٿي آهين؟ .... ٻوڙي پاڻي ته پيئار .... ٻوڙي وارو ڪر مهمان پيا اچن“ ... مطلب ته زال جو خطاب ئي ٻوڙي پئجي ويندو آهي ...

    ان قصي جي مطلب جو تعلق انسان جي ڪيترن ئي رخن سان آهي ... ڪئي شادي شده جوڙا، اولاد نه ٿيڻ تي رڳو زال جو علاج پيا ڪرائيندا آهن ... جڏهن پنهنجي لئه چئبن ته چوندا يار مڙسن ۾ به ڪي خاميون ٿينديون آهن ڇا؟

    ڀلو ونڊ ڪيو اٿوَ
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    اوهانجي تحرير تمام وڻين پر يار اسان جي جڏهن شادي ٿي ته پوٌءِ ئي اوهان کي تجربي جي آڌار تي اوهان کي ٻڌائي سگهنداسين۔۔۔۔ ته اوهان جي تحرير صحيح آهي يا غلط
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين رشيد اوهان ته زبردست شيئرنگ ڪندا آهيو اهڙي انوکي معلومات توهان ڪيئن هٿ ڪندا آهيو واقعي اهو سچ آهي ته اڪثر پاڻ انسان پنهنجي خامي تي نظر نه ڪندو آهي ليڪن ان جي بجاء ٻئي کي چوندو آهي مثلا هڪ ماڻهو اسڪوٽر (بائيڪ)تي سوار ٻيو شخص روڊ پيو ڪراس ڪري ته اهو بائيڪ وارو ان ٻئي لنگهندڙ کي ٿو چوي انڌو آهين ڏسين ڪونه ٿو ته بائيڪ ٿي اچي ليڪن ٿورو سوچجي ته پاڻ به اکين وارو آهي ٿوري بريڪ هڻڻ سان ٻئي کي قصوروار نه ڪري ها ته بهتر اهڙي طرح ڪافي ماڻهو پنهنجين غلطين کي تجربي جو نالو ڏيندا آهن بهرحال دنيا ۾ جيڪڏهن هر شخص پنهنجو محاسبو ڪري ته هوند ڪافي سڌارو اچي وڃي ۔ الله اسان کي ڪامل سمجهه عطا فرمائي۔
     
  6. راشد قريشي

    راشد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2009
    تحريرون:
    182
    ورتل پسنديدگيون:
    389
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    آفس ايگزيڪٽو
    ماڳ:
    dadu
    توهان جي تحرير ۾ هِن دفعي اُها ڳاله نظر نه آئي، جيڪا هميشه اوهان جي تحرير ۾ پڙهڻ لاءِ مِلندي آهي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ٻُڌ جادوگر ٻُڌ، رشيد کي ڀائو راشد ڇا پيو چئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو ته تون به سمان مون وانگر جهونو ٿي ويو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿوري گهڻي انهي خوبصورت ڳالهه جي خبر پوي پئي ته رشيد سمان تون هاڻي ماهر ترجمون ڪندڙ ٿيندو وڃين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار هڪڙي ڪهاڻي مون وٽ به اطالوي زبان جي ڪنهن مصنف جي آهي پر سنئين سنڌي انگريزي زبان ۾ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ پنهنجي ٽُٽي ڦُٽي انگريزي کي آزمائي اها ڳالهه سمجهي ويو آهيان ته مون وٽ موجود جيڪا ڪهاڻي آهي انتهائي شاندار آهي، پر فن ترجمي کان اڻ ڄاڻائي جي ڪري ترجمي ڪرڻ کان قاصر آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوءِ چئو ته موڪلي ڏيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪر ترجمون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    واه فقير واه

    صفا اصلي مٽ ڀڃي چڏيئي asul matt
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو