• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوٽ عالم تعلقو سجاول ضلعو

پارس ميمن

سينيئر رڪن
1674 اٽيچمينٽ ڏسو1675 اٽيچمينٽ ڏسو1676 اٽيچمينٽ ڏسو1690 اٽيچمينٽ ڏسو1691 اٽيچمينٽ ڏسو1673 اٽيچمينٽ ڏسو1674 اٽيچمينٽ ڏسو1675 اٽيچمينٽ ڏسو1676 اٽيچمينٽ ڏسو1690 اٽيچمينٽ ڏسو1691 اٽيچمينٽ ڏسو1673 اٽيچمينٽ ڏسو1674 اٽيچمينٽ ڏسو1675 اٽيچمينٽ ڏسو1676 اٽيچمينٽ ڏسو1690 اٽيچمينٽ ڏسو1691 اٽيچمينٽ ڏسو 1673 اٽيچمينٽ ڏسو
[
ڳوٺ ڪوٽ عالمون ماضي جو هڪ تواريخي ڳوٺ هو، اڄ ان جي حالت جو اندازو توهان تصويرن ما لڳائي سگهو ٿا.
سنڌوءَ ڪناري بچاءُ بند سان لڳولڳ ساين ستابين ٻنين جي وچ ۾ گهيريل ڳوٺ ڪيڏو نـ خوبصورت لڳندو هو. سالن کان پوءِ جڏهن آءُ
پنهنجي ڳوٺ ايندي هئس تـ واپس وڃڻ تي دل نـ چوندي هئي .2010 ۾ آيل ٻوڏ ڳوٺ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ڪجه تصويرون شامل ڪري رهي آھيان. ماضيءَ جو هڪ خوبصورت ڳوٺ جنهن جي هيءَ حالت ڏسي اکين مان ڳوڙھا اچيو وڃن.
 
اسانجي سونهاري سنڌ جا هونئن ته سڀئي ڳوٺ سهڻا ۽ پيارا آهن ۽ هر سنڌي يا سنڌياڻي لاءِ انجو اباڻو ڳوٺ سڀني ڳوٺن کان وڌيڪ سهڻو هوندو آهي ، مگر اسانجي سنڌ ۾ جيڪا تباهي ٻوڏ جي سبب آئي اها ته قدرتي آفت هئي ، جيڪا اسانجي پرڪارن جو سبب آهي ، مونکي تمام گهڻو افسوس ته ان ڳالھ جو ٿيندو آهي ته اسان پاڻ پنهنجي شهرن ، ڳوٺن ، واهڻن جي خوبصورتي ختم ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته جدوجهد ۾ رڌل آهيون ، سيڪڙو سهڻا وڻ وڍڻ ۾ اڳ کان اڳرا آهيون ، مگر نوان وڻ پوکڻ ڪين پڄي ، گند ڪچرو جتي ايندو اتي اڇلائيندا سين !
 
ادي سنڌ جي سهڻن سهڻن ماکيءِ جهڙن مٺڙن ماروئڙن جي وٿاڻن جي سڀ سونهن ان ٻوڏ کان پوءِ ختم ٿي وئي آهي، حڪومت ته ذميدار آهي ئي آهي پر اسان پاڻ به انهن ڳوٺن کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي۔۔ منهنجي ڳوٺ ۾ اڳ ايترا ته وڻ ، ٽڻ، ٽالهيون جا هوندا هئا جو ڪو ٻيلو لڳندو هاڻ هن ڀيري ڳوٺ ويس ته ڪنهن بر پٽ جو ڏيک ڏئي رهيو هو، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ابا اهي ڳوٺ جا ماڻهو نه ڇڏيو اٿن ڪو وڻ، نه ڪا ٻير نه ڪا ٽالهي۔۔ايتري قدر جو ڳوٽ جي لاڙي تي ڪجهه وڻ هوندا هُئا جتان شهر طرف وڃڻ وارا ڪجهه گهڙيون انهن وڻن جي ڇانو ۾ ويهي بس، ٽانگي يا ڪنهن سواري جو انتظار ڪندا هُئا۔۔هاڻ ته ويچارا ٻارڙا، عورتون رڻ پٽ ۾ ويهي اس ۾ ٽچڪن ٿيون۔۔ اهي وڻ وڍڻ وارا ظالم شايد اهو وساري ٿا ويهن ته انهن کي به انهن وڻن جي ڇانوري جي گهرج پوندي۔۔ پر افسوس آهي ۔۔دل رت جا ڳوڙها وهائي ٿي رڳو۔۔
 
ادا منظور توهان جا خيال صحيح آهن، حڪومت ڳوٺن کي سڌارڻ لاءِ تيار ناهي پر ان سان گڏوگڏ اسان پاڻ به ذميوار آهيون۔ اسان تي به ڪيتريون ئي ذميواريون آهن جيڪي اسان پوريون نه ٿا ڪريون ۽ ڏوهي اڪيلو حڪومت کي ٿا ڪوٺيون۔
 
Back
Top