• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويب سائيٽ بابت صلاح

نجم الدين ڪنڀر

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا مهربان دوستو آئون پهنهجي ذاتي هڪ ويب سايٽ جوڙڻ چاهيان ٿو، ڪافي ڪوشش ڪيم پر ڪاميابي نه ٿي۔اوهان مهربانن کي هن سلسلي ۾ عرض آهي ته ڪو دوست آهي جو مختصر سادي ويب ٺاهي ڏي۔ دعائن ۾ ياد
نجم الدين ڪنڀر
0301328256
 
ادا توهان اڳ به اهڙو سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ ادا ڄامشورائي سميت سموري سنگت توهان کان ڪجهه وضاحت پڇڻ لاء سوال ڪيا هئا ۔۔۔ مثال طور ادا ڄامشورائي جي هنن سوالن جو جواب موڪليو ته توهان کي ضرور دوست بهترين صلاح ڏيندا۔۔
ڀلي ڪري آيا نجم الدين صاحب !۔۔
هتي هر دوست توهان کي وس آهر گائيڊ ڪندو،
سڀ کان پهرين ته توهان کي اهو ڄاڻائڻ گهرجي ته ويب سائٽ ڪهڙي قسم جي هوندي، يا اُن ۾ ڪهڙو مواد رکڻ چاهيو ٿا۔۔۔؟
جنهن موضوع تي توهان ويب سائيٽ ٺاهڻ ٿا چاهيو، اُن تي پهرين ڪيتريون ويب سائيٽس بڻجي چڪيون آهن،
ويب سائيٽ آهي يا صرف ويب پيج...؟ (ويب سائيٽ ۾ ملٽي پيج مواد شامل هوندو آهي ۽ ويب پيج ۾ صرف هڪ يا ٻه پيج ٿين ٿا..)
ويب سائٽ پروفيشنل آهي يا پرسنل۔۔؟
۽ توهان اُن ويب سائٽ تي ڪيترو خرچ ڪندو؟ ڇو ته هر ويب سائٽ لاءِ هڪ ڊومين نيم جيئن ڊاٽ ڪام، ڊاٽ نيٽ، ڊاٽ آرگ۔۔۔ وغيره هجڻ ضروري هوندو آهي۔۔ ۽ اهي ڊومين نيم پيسن تي ملن ٿا۔۔ ۽ اُن کان علاوه هر ويب سائيٽ لاءِ هاسٽنگ سروس به هجڻ لازمي آهي، جنهن تي توهان پنهنجي ويب سائيٽ جو فائلون رکي سگهو۔۔
گهڻي قدر ته جيڪي ويب هاسٽنگ جا پيڪيج اچن پيا اُنهن ۾ ڊومين نيم ۽ هاسٽنگ گڏ ئي ڏيندا آهن، جن جي قيمت مهيني جي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي سو رپيا ۽ سال جي حساب سان هزارين رپيا وڃي بيهي ٿي۔۔ ته اهو توهان تي منحصر آهي ته ڪيترو پير وڌايو ٿا۔۔
جيڪڏهن توهان مُفت ۾ اهي سروسز حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون اها سروس مُفت ۾ڏين ٿيون، پر اُهي پنهنجي ويب سائيٽ جا اشتهار توهان جي ويب پيج يا سائيٽ تي رکنديون۔ پر ڊومين نيم نه ملندو مفت ۾، سب ڊومين نيم ملندو۔۔ sindhsalamatsaathsal
 
ادا جهان داد سمون صاحب سلام، مونکي فري ۽ سادي ويب ؓؓگهرجي جنهن ۾ چند صفحن تي ٻڌل ڪجه ذاتي لکيل مواد رکي سگهان اها ڀلي سب ڊومين ۾ هجي اها ذاتي هوندي پروفيشنل نه هوندي۔هڪ قسم جي مختصر معلومات تي ٻڌل سائيٽ هوندي۔ ٻين دوستن جي به مهرباني جن هن سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو۔ ۽ سٺيون صلاحون ڏنيو۔
 
ادا توهان اڳ به اهڙو سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ ادا ڄامشورائي سميت سموري سنگت توهان کان ڪجهه وضاحت پڇڻ لاء سوال ڪيا هئا ۔۔۔ مثال طور ادا ڄامشورائي جي هنن سوالن جو جواب موڪليو ته توهان کي ضرور دوست بهترين صلاح ڏيندا۔۔

ادا نئين ميمبرن کي مشڪل وقت ۾ گائيڊ ڪرڻ تي توهان جو شڪر گذار آهيان۔۔۔
 
ادا جهان داد سمون صاحب سلام، مونکي فري ۽ سادي ويب ؓؓگهرجي جنهن ۾ چند صفحن تي ٻڌل ڪجه ذاتي لکيل مواد رکي سگهان اها ڀلي سب ڊومين ۾ هجي اها ذاتي هوندي پروفيشنل نه هوندي۔هڪ قسم جي مختصر معلومات تي ٻڌل سائيٽ هوندي۔ ٻين دوستن جي به مهرباني جن هن سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو۔ ۽ سٺيون صلاحون ڏنيو۔

ادا توهان هينئن ڪريو ته هن ويب سائيٽ تي وڃو
www.sitesled.com
sitesleds.png


۽ هن ۾ پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو، هي توهان کي فري اسپيس پڻ ڏيندا جنهن تي توهان پنهنجي ويب سائٽ اپلوڊ ڪري سگهو ٿا..
باقي ويب سائٽ ٺاهڻ لاءِ توهان ڪجهه سافٽ ويئر استعمال ڪري سگهو ٿا... سڀني کان سولو سافٽ ويئر آفس ايڪس پي جو فرنٽ پيج آهي، يا وري آفيس 2007 جو پبلشر ته اڃان به سولو آهي جنهن ۾ مختلف ويب پيج ٺاهڻ لاءِ سهڻا ٽيمپليٽس ڏنل آهن..
 
Back
Top