روز کلڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان... جو سمجهندو هان ته کلڻ سان حوصلا وڌندا آهن ۽ مايوسين کي شڪست ملندي آهي... پر .... اڄ ڪجهه احساسن روئاري وڌو... اهڙي ڪيفيت ۾ هڪ دوست جي ڪال اچي وئي... منهنجي رنڌيل آواز کي ٻڌي شايد هن ڪيفيت جو اندازو ڪري ورتو.. ۽ منهنجي انڪار به کيس ٻڌائي ڇڏيو ته مان رنل آهيان... چيائين... ”روئڻ ۾ ڪا برائي ناهي.. نِم اکيون نرم دل هجڻ جي نشاني هونديون آهن.. ۽ دلين کي نرم ئي هجڻ گهرجي ... جيڪڏهن دليون ئي سخت ٿي وڃن ته پوء ان ۾ پيار ۽ محبت جو ٻج پوکي نه ٿو سگهجي ۽ جيڪڏهن دلين ۾ محبت باقي نه رهي ته پوءِ انسان پنهنجي منزل جي دڳ کان به ڀٽڪجي وڃي.. محبت اها واحد طاقت آهي جيڪا انسان جا قدم مضبوطي سان ڄمائيندي آهي.. ۽ ان کي ڀٽڪڻ نه ڏيندي آهي.. بس انهن ڳوڙهن جي پٺيان نااميدي ۽ مايوسي نه هجڻ گهرجي .. ڇو ته نااميدي ايمان جي ڪمزوري جي علامت هوندي آهي.. الله پاڪ کان هميشه ڀلائي ۽ سٺي وقت جي اميد رکڻ گهرجي .. اهو پنهنجي بندن کي ان ئي شيء سان نوازيندو آ جنهن جي هُو پنهنجي رب کان توقع رکندا آهن...“
چون ٿا ته روئڻ سان دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔پر روئڻ سان سڀ ڪجهه ناهي ٿيندو۔ جي روئڻ سان ريجهن ها، ته ساري رات روئان ها، پرچائيندي پرين کي، پيرن منجهه پوان ها، ڌرتي ساري ڌوئان ها، لڙڪن ساڻ لطيف چئي۔
ڪڏهن ڪو روئڻ انقلاب آڻيندو آهي ۔۔۔ ڪڏهن ڪو روئڻ اکيون صاف ڪري ڇڏيندو آهي ۔۔۔ ڪڏهن ڪو روئڻ محبت جي جذبن کي پختو ڪري ڇڏيندو آهي ۔۔۔ ڪڏهن ڪو روئڻ انسان کي ڪمزور ڪري وجهندو آهي ۔۔۔ ڪڏهن ڪو روئڻ کل جو سبب به ٿيندو آهي ۔۔۔ جهڙيءَ طرح سان کلڻ جي پويان مختلف جذبا ۽ مختلف واقعا ٿين ٿا ، تئين ئي روئڻ جي پويان به ڪيئي جذبا ٿين ٿا ۔۔۔ مونکي ته خوشيءَ ۾ روئڻ وارو جذبو انتهائي عجيب ۽ پرسڪون لڳندو آهي۔۔۔۔ عجيب ڳالهه آهي ته مونکي ڏک کان وڌيڪ خوشين ۾ روئڻ ايندو آهي۔۔۔۔ ممڪن حد تائين ڏکن ۾ پاڻ کي سنڀالي وٺندو آهيان پر ڪنهن جي خوشيءَ تي، ڪنهن جي ڪاميابيءَ تي پاڻ روڪي ناهيان سگهندو ۽ روئي ويهندو آهيان۔