
روز کلڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان... جو سمجهندو هان ته کلڻ سان حوصلا وڌندا آهن ۽ مايوسين کي شڪست ملندي آهي... پر .... اڄ ڪجهه احساسن روئاري وڌو...
اهڙي ڪيفيت ۾ هڪ دوست جي ڪال اچي وئي... منهنجي رنڌيل آواز کي ٻڌي شايد هن ڪيفيت جو اندازو ڪري ورتو.. ۽ منهنجي انڪار به کيس ٻڌائي ڇڏيو ته مان رنل آهيان... چيائين...
”روئڻ ۾ ڪا برائي ناهي.. نِم اکيون نرم دل هجڻ جي نشاني هونديون آهن.. ۽ دلين کي نرم ئي هجڻ گهرجي ... جيڪڏهن دليون ئي سخت ٿي وڃن ته پوء ان ۾ پيار ۽ محبت جو ٻج پوکي نه ٿو سگهجي ۽ جيڪڏهن دلين ۾ محبت باقي نه رهي ته پوءِ انسان پنهنجي منزل جي دڳ کان به ڀٽڪجي وڃي..
محبت اها واحد طاقت آهي جيڪا انسان جا قدم مضبوطي سان ڄمائيندي آهي.. ۽ ان کي ڀٽڪڻ نه ڏيندي آهي.. بس انهن ڳوڙهن جي پٺيان نااميدي ۽ مايوسي نه هجڻ گهرجي .. ڇو ته نااميدي ايمان جي ڪمزوري جي علامت هوندي آهي..
الله پاڪ کان هميشه ڀلائي ۽ سٺي وقت جي اميد رکڻ گهرجي .. اهو پنهنجي بندن کي ان ئي شيء سان نوازيندو آ جنهن جي هُو پنهنجي رب کان توقع رکندا آهن...“