معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ڇا ڪراچيءَ ۾ صرف شاهه زيب ئي قتل ٿيو آهي!؟
1617 اٽيچمينٽ ڏسو1617 اٽيچمينٽ ڏسو
هي ملڪ جنهن جو بنياد بي ايمانيءَ تي ٻڌل آهي ۽ هتان جو قانون مولانا آزاد موجب:مڇر ته ان ۾ ڦاسي سگهي ٿو پر ڏاند نه!
بنهه ايئن ئي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به تعصب جي بنياد تي هڪ سنڌي صنعت ڪار جي پويان هٿ ڌوئي پيو آهي
اهو چيف جسٽس جنهن کي سرعام 18 ڊسمبر 2012ع تي ڪراچي ۾ گاريون ۽ ڀونڊا ڏئي عدليه کي اکيون ڏيکاريون ويون
اهو چيف جسٽس جنهن جي سواگت لاءِ ارباب رحيم جي سرڪار واري سمي 12 مئي تي ڪيس ڪيو ويو!
اهو چيف جسٽس جنهن کي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪمون شهيد تائين مرندڙ ماڻهو نظر ئي نه ٿا اچن. اهو هڪ پوليس آفيسر جي پٽ جي خون جو نوٽيس وٺي سنڌي صنعت ڪار جي خاندان کي مهڻي هاب بڻائي رهيو آهي.
ان چيف جسٽس جي ٻولڙي ۽ لاٺڙي نام نهاد اردو ميڊيا مرليون وڄائي سنڌين جي تذليل ڪرڻ لاءِ رهيل ڪسر پوري ڪري ورتي آهي.
اها نام نهاد ميڊيا جنهن جو محور ئي سنڌ دشمني ۽ سنڌين سان وير پاڙڻ تي آهي، ان کي ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪندڙ ڌر جو نالو کڻن لاءِ وات ۾ مُڱ پيل آهن ۽ شاهه رخ جتوئي جي لاءِ ڏينهن رات ميڊيائي مرليون وڄائي ڄڻ ته ثابت ڪرڻ گهري ٿي ته سنڌي سڀئي ذليل قاتل ۽ ڌاڙيل آهن
ڀلا! ٿوري گهڙي لاءِ اهو ويچارجي ته مارجي ويل شاهه زيب واقعي به مظلوم هو؟
ڇا اها مظلومي هئي جو ڊفينس ۾ مساج سينٽرن تي ”مهانگو گوشت“ کائڻ جي ڪوڊ سان هن ڪيترين ”آنٽين“ کي سينو تاڻي ”گهوڙو“ ڏيکاريو.
ڊفينس جتي سماجي غلاظتون ججهي مقدار ۾ آهن اتي ڊي ايس پي جي پٽ جا ڪارناما ڇا ان نام ميڊيا کي نظر نه ٿا اچن؟
پراون گهرن ۾ گهڙي يا گهرن ٻاهران واڪ ڪندڙ زميندارن جي ڌيئرن ۽ ننهرن کي اکين جي ميش ڏيندڙ مظلوم آهي؟
ڇا ڊانس ڪلبن ۾ وڃي دنگو ڪرڻ ۽ شراب پي ڊفينس ۾ اڌ رات جو گوڙ ڪرڻ ۽ چوسول تي تعينات پوليس اهلڪار کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندڙ مظلوم ٿي سگهي ٿو!”
مڃيوسين شاهه زيب مارجي ويو، هن جو يا ڪنهن به انسان جو خون سنگين ڏوهه آهي پر ان ڏوهه جي پاداش ۾ هڪ فرد سان سلهاڙيل ٻيا ماڻهو ڇو ٿاڻن تي ۽ ٽي وي چئنلز تي ذليل خوار ٿين.
چيف جسٽس يا ان کي لاڳيتو اکيون ڏيکاريندڙ ايم ڪيو ايم جي اصرار تي هن ڪيس کي هروڀرو هاءِ پرفائل ڪرڻ سراسر بدديانتي آهي