نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي ساٿيو هن ڌرتيءَ جي مهان شاعر مرحوم شيخ اياز جا ڪجهه بيت ۽ هڪ دُعا توهان سان ونڊ ڪرڻ تي دل پئي چاهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شيخ اياز مرحوم جي ڪتاب اُٿي اور الله مان ورتا ويا آهن۔ پيارا سنڌي دوستو هن ڪتاب جو جڏهن به مطالعو ڪندو آهيان ته اندر مان سيسڙات نڪري ويندو اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔۔ روز فجر مهل جڏهن رب جي رحمت جو چشمون گُلن تي پاڪ ۽ پوتر ماڪ جي صورت ۾ وسندو آهي بلڪل انهي ٽاڻي پنهنجي ٻاجهاري رب سائين جي حضور دل ۾ اهو خيال کڻي ته
يا رب العالمين!
تون مونکان قوم، رنگ ۽ نسل جون تنگ ڳليون ڇڏاءِ
۽ پنهنجي شاهي رستي تان وٺي هل،
تُون منهنجي آغوش ايتري وسيع ڪر جو مان اُن ۾ ،
سارِي انسان ذات سمائي سگهان۔۔۔۔۔۔۔۔
يا رب العالمين!
مونکي اُها استطاعت ڏي ته ڪنهن ڪاري ۽
ڪوجهي لاءِ دل ۾ ڌِڪارَ نه رکان ۽ ڪنهن کي نٻل ۽
نڌر ڏسي اُن جو ساٿ نه ڇڏيان،
هر انسان رت پنءِ جو پُتلو آهي ۽ نيٺ ناس ٿيڻو آهي،
ڇو ته فنا اُن جو مقدر آهي،
مونکي سگهه ڏي ته مان اُن جون ڪمزوريون لنوايان ۽
جڏهن به هُو کڏ ۾ ڪري تڏهن هُن کي هٿ ڏئي،
ٻاهر ڇڪي وٺان ۽ ان ۾ تميز نه ڪريان ته هو منهنجو
دوست آهي يا دشمن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
يا رب العالمين!
هر انسان تُنهنجو پاڇو آهي،
مان ڪير جو هن جي گناهه ۽ ثواب تي پڪڙ،
پڇاڙ ڪريان،! تون ئي ازلي محتسب آهين ۽ تنهنجي احتساب کان،
ڪير آجو آهي؟ تُون اهو ڪيئن ٿو ڪرين، ڪنهن وقت ٿو ڪرين،
ڪنهن جي بدران، ڪنهن سان ٿو ڪرين، ان جو علم توکي ئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔
يا رب العالمين!
تُون رحمت جو اٿاهه سمندر آهين، هر ڪنهن جي ٻيڙي
تار، هن جو ناکئو به ٿي، سکان به ٿي، ۽ ساحل به ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
يا رب العالمين!
هر قوم تي رحمت ڪر، هر ٻار ، ٻُڍي، ڳڀروءَ تي،
رحمت ڪر ۽ اونهاري جي ڳهر ۾ هن تي ٿديري واءَ جو
جهلڪو ٿئي،هن جو پگهر سڪاءُ ۽ هن کي مٺي ننڊ ڏي۔۔۔۔
يارب العالمين!
دنيا مان دنگا فساد ۽ جنگيون مٽائي ڇڏ، نقاري جي
آواز کي، طبلي تي ٿاڦ کان وڌيڪ بي ضرر بڻاءِ جيئن،
پيار جِي پُڪار بنسري جي سُريلِي ليءِ وانگر ڦهيلجي وڃي،
قابيل جو سر ندامت کان جُهڪي وڃي ۽ هابيل اڳيان
معافي طلب ٿئي۔۔۔۔۔ ڳوڙها ڳاڙي جو هابيل مان نڪتل سارو
خون ڌوپي وڃي ۽ تنهنجي غاليچي وانگر ڌرتي صاف سُٿري
نظر اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
يا رب العالمين!
ڌرتيءَ تان خوف مٽائي ، خون جا داغ مِٽاءِ ۽ خنجر مياڻن،
۾ ائين موٽاءِ جو اهي وري نه نڪرن ۽ اُنهن جو آب تاب ،
جَهڪو ٿي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
يا رب العالمين !
تون هر ڪنهن کي امانَ ڏي، دشمن کي به امانَ ڏي ۽
دوست کي پنهنجو پاڻ کان امانَ ڏي، هن جي دل کي دُعا،
کان مونکي پناهه ۾ رک ۽ دوغلائي ۽ دولاب کي اُن جي،
ويجهو وڃڻ نه ڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
يا رب العالمين!
مان توکان ساري عالم لاءِ دُعا ٿو گهران،
مُنهنجي آپي پَڻي ۽ اڏ وڏائي کي معاف ڪر! منهنجي ،
هٺ کي درگُذر ڪر ۽ مون تي ڪاوڙ نه ڪر، جي مان
پنهنجي وِتِ کان وڌيڪ توکان تقاضا ڪيان، منهنجي
اڻ ڄاڻائي ۽ اٻهرائپ تي رحم فرمائي۔۔۔۔۔۔
آمين ثم آمين
نوٽ: شيخ اياز مرحوم جا هي سوني مس سان لکڻ وارا بيت ۽ دُعا مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور پاران ڇپايل ”ڪتاب اُٿي اور الله سان “ جي ٿورن سان لکيا ويا۔۔۔۔۔۔
جيڪي منجهه جهان سو تاري تڳي تنهنجي،
لُطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪان،
عدلون ڇُٽان آئون نه ڦيرو ڪجه ڪو فضل جو
انتهائي هيچ نماڻپ جي سجدي ڏيڻ کانپوءِ شيخ اياز مرحوم جي ڪتاب اُٿي اور الله سان جي هربيت کي پڙهي ساري جهان واسطي دُعائون گهري پوءِ پنهنجي واندڪائيءَ کي آزمائيندو آهيان۔۔۔۔۔۔ اميد آهن ته مرحوم شيخ اياز جا هي بيت ۽ دُعا توهان کي به رب سائين جي رحمانيت ۽ ٻاجهاريت جي سمنڊ مان ضرور غُوطا کارائيندا۔۔۔۔۔۔لُطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪان،
عدلون ڇُٽان آئون نه ڦيرو ڪجه ڪو فضل جو
اُٿي اور الله سان، سچائيءَ جو سوچ
ميان مُور نه لوچ، ڪوڙي ڪائي ڪچ کان
ميان مُور نه لوچ، ڪوڙي ڪائي ڪچ کان
اُٿي اور الله سان، ٻيائي کي ٻوڙ،
تڏهن پنهنجي توڙ، پهچي ويندين پاڻ ئي۔۔۔
اُٿي اور الله سان جيئن گئونچ ڦُٽن،
تُنهنجا ڏينهن کُٽن، سانوڻ جي ساواڻ جيان۔۔۔
اُتي اور الله سان جيڪا رب جي رضا،
قدم دورِ قضا، جيڪو روڪائي ڇڏي۔۔۔۔۔
اُٿي اور الله سان نمي کمي ڏس،
هي جو ماڻهو سِسُ، ڏاڍو آ ڏمرائتو۔۔۔۔۔۔۔
اُٿي اور الله سان صبر پلئه وٺ
هي جو هيڏو هٺ، سارو مِٽيءَ مامرو۔۔۔۔۔۔۔
اُٿي اور الله سان ڇڏي وڻج واپار،
تُنهنجِي ڪشتي بارُ، ايڏو کڻندي ڪينڪي۔۔۔۔۔۔
اُٿي اور الله سان ڌرتي چُمي ڏي،
جيڪا سج لٿي، ايندي تُنهنجي بَکَ ۾۔۔۔۔۔۔۔
اُٿي اور الله سان ڳچيءَ ڪر ڳارا،
ماڻهو ويچارا، ڀَڄِي پوندين ڪکَ ۾۔۔۔۔۔۔
اُٿي اور الله سان پکين کان اڳ ۾ ،
تون تن جي دڳ۾، ٻولي پنهنجون ٻولڙيون۔۔۔۔۔۔۔

دُعا