• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجهه اليڪٽرانڪ پروجيڪٽ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اچو ته هڪ سادو "فائر الارم" سرڪٽ ٺاهڻ سکون پروجيڪٽ 1
دوستو جي توهان سمجهو ٿا ته مان توهان کي اهڙا ٻيا گهڻائي مختلف سرڪٽ ٺاهي سيکاريان ته ان جو شرط آهي ته توهانکي هن ڪاوش جي بدلي ۾ پنهنجي را جو اظهار به ڪرڻو پوندو۔ توهانکي ٻُڌايان ته هي سرڪٽ ڊزائين ڪرڻ، ٺاهڻ سمجهڻ تمام آسان آهن، شرط دلچسپي وٺڻ جو آهي، هي راندين جا پروجيڪٽ آهن، جيڪي هڪ پنجي درجي جي ٻار کان وٺي ماسٽر انجنيئرنگ ڪرڻ وارن جي ڪم ۾ اچن ٿا۔ ان ڪري جي توهان ڪنهن اليڪٽرانڪ جي دڪان تي ڪم ٿا ڪريو (ريڊيو، ٽي وي، ٽيپ رڪارڊ) يا ڪنهن ووڪيشنل، پوليٽيڪنيڪل، انجنيئرنگ يونيورسٽي جا اسٽوڊنٽ آهيو ته هي سرڪٽ ڊزائنگ توهان جي علم به اضافو ڪرڻ سان دلچسپي وارا پروجيڪٽ ٺاهي توهان کي دوستن ۾ سٺو مقام پڻ ڏياريندي۔ اچو ته سائنس سمجهون، سکون ۽ ٻين قومن وانگر ترقي ڪري اڳيان وڌون، سفارشي نوڪري، داخلا، ڪاپي ڪلچر کان پسيرو ٿي قوم جي بيداري جو ڪم ڪريون۔
هي هڪ تمام سادو ۽ آسان ٺهڻ وارو فائر الارڪ سرڪٽ آهي جنهن کي هلائڻ لا ٽي وولٽ ئي ڪافي آهن۔ ايترو سامان (ڪمپونينٽ) به استعمال ٿيل ناهي، بس هڪ آ سي يو ايم 66 وٺي هن کي ڏنل سرڪٽ موجب جوڙيو۔ آ سي کي ٽن وولٽن جي سپلائي سان جوڙڻ کان پو ان جي آئوٽ پٽ نوڪن کي هڪ ايمپلي فائر ٽرانسسٽر سان ڳنڍيو۔​
آ سي يو۔ ايم هڪ ننڍڙو (مني ايچر) ٽون (آواز) سگنل جنريٽر آهي جيهن جي روم ۾ 64 نوٽس جا ٽون لوڊ ٿيل آهن۔ ، ٽون جنريٽير آسيليٽر ۽ پري ايمپليفائر تي مشتمل هوندو آهي۔ ٽون يعني آواز کي وڌائي وڏو ڪرڻ لا (ايمپليفڪيشن) اسان هڪ اين پي اين ٽريانسسٽر استعمال ڪيو آهي، جنهن کي بي۔ سي 548 (يا ڪو ٻيو برابر ويليو وارو) ۔جي نالي سان مارڪيٽ مان وٺبو۔ هتي بي۔ سي 548 اين پي اين ٽرانسسٽر کي هڪ، ڪامن ايميٽر سرڪٽ طور ڪم ۾ آڻبو۔ ۔ بيس ڪرنٽ کي گهٽ (لمٽ) ڪرڻ لا اسان هن جي رستي ۾ 220 اوه جو هڪ ريزسٽر لڳائي ڇڏيو آهي ته جيئن ٽرانسسٽر سڙي نه وڃي، پو ڇو نه آ سي خراب ٿي وڃي۔ هن سرڪٽ ۾ اسان هيٽ سينسر طور گهر ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيوب لائيٽ جي سٽارٽر کي جوڙيو آهي۔ جيڪو مينيوئل سوئچ طور ڪم ڪندو۔ ، اسٽارٽر ۾ هڪ ميٽل پليٽ ۽ هڪ پن کي گئپ (وڇوٽي) ڏئي رکيو وڃي ٿو۔ جڏنهن اسٽارٽر گرم ٿيڻ لڳندو ته اسٽارٽر ۾ پيل ميٽل (ڌاتي) پليٽ، گرم ٿي ڦهلجڻ لڳي ٿي ۽ ڦهلجي وڏوٽي تي رکيل ڌاتي پن سان ٽڪرائجي ٿي ته سرڪٽ مڪمل ٿئي ٿو ۽ پليٽ جي پن سان ڳنڍجي وڃڻ شرط سرڪٽ جي اخر ۾ لڳل اسپيڪر مان آواز (ٽون) نڪري اوهانکي خبردار ڪري ٿي ته گهر ۾ باهه لڳي آهي يا دونهون گهڻو ٿي ويو آهي جيڪو اوهان لا جانڪار ٿي سگهي ٿو۔ جي اسان چاهيون ٿا ته اهو سرڪٽ تيزي سان ڪم ڪري ۽ گهڻو سينسٽو هُجي ته پو اسانکي احتياط سان اسٽارٽر جو پلاسٽڪ، ميٽل يا گلاس ڪور ٽوڙڻو پوندو ۽ احتياط سان سرڪٽ کي اگهاڙو ڪري رکڻو پوندو۔​

ميوزيڪل بيل توهانجي پنهنجي گهر لا (پروجيڪٽ 2)
دوستو جي توهان سمجهو ٿا ته مان توهان کي اهڙا ٻيا گهڻائي مختلف سرڪٽ ٺاهي سيکاريان ته ان جو شرط آهي ته توهانکي هن ڪاوش جي بدلي ۾ پنهنجي را جو اظهار به ڪرڻو پوندو۔ توهانکي ٻُڌايان ته هي سرڪٽ ڊزائين ڪرڻ، ٺاهڻ سمجهڻ تمام آسان آهن، شرط دلچسپي وٺڻ جو آهي، هي راندين جا پروجيڪٽ آهن، جيڪي هڪ پنجي درجي جي ٻار کان وٺي ماسٽر انجنيئرنگ ڪرڻ وارن جي ڪم ۾ اچن ٿا۔ ان ڪري جي توهان ڪنهن اليڪٽرانڪ جي دڪان تي ڪم ٿا ڪريو (ريڊيو، ٽي وي، ٽيپ رڪارڊ) يا ڪنهن ووڪيشنل، پوليٽيڪنيڪل، انجنيئرنگ يونيورسٽي جا اسٽوڊنٽ آهيو ته هي سرڪٽ ڊزائنگ توهان جي علم به اضافو ڪرڻ سان دلچسپي وارا پروجيڪٽ ٺاهي توهان کي دوستن ۾ سٺو مقام پڻ ڏياريندي۔ اچو ته سائنس سمجهون، سکون ۽ ٻين قومن وانگر ترقي ڪري اڳيان وڌون، سفارشي نوڪري، داخلا، ڪاپي ڪلچر کان پسيرو ٿي قوم جي بيداري جو ڪم ڪريون۔

پهرئين پروجيڪٽ وانگر هن ٻئي پروجيڪٽ ۾ به تما گهٽ ڪمپونينٽ استعمال ۾ ايندا، ڪوشش ڪندس ته توهانجو خرچ نه وڌي ۽ توهان هڪ ڪاغذ جي گتي تي يا ڪنهن پروٽو بورڊ ۾ تارون ۽ هي ڪمپونيٽ ملائي اليڪٽرانڪس سائنس سکو، ۽ دوستن کي به سيکاريو ته بهترين سنڌي سائنسدان پئدا ٿين۔ ان ڪري جو اڄ تائين گهڻ ڀاڱي اسان دهل جي ٿاپ تي ناچو جلوسن ۾ هلڻ وارا ماڻهون ، ٻٽاڪن، ٺڪائن وارا پئدا ڪيا آهن، ڇو نه انهن مان ڪن جو لاڙو تعليم پرائڻ ڏانهن به ڪجي۔
ته دوستو ٻئي پروجيڪٽ جي تياري ڪريو، ساڳي ٽن پنن واري آ سي يو ايم 66 يا اُڪئويلنٽ (برابر خاصيتن واري) کڻو۔ ۽ مٿئي ٻوڌيل سرڪت موجب جوڙيو۔
ساڳئي طرح اسان يو ايم 66 آ سي کي پاور سپلائي سان جوڙي هن جي آئوٽ پُٽ ۾ ايمپليفڪيشن لا ٽرانسسٽر لڳائي ڇڏيو آهي هن لا ڪو به عام استعمال ۾ ايندڙ اسپيڪر لڳائي سگهجي ٿو۔ ۔ توهان پنهنجي واچن ۾ لڳل پيزو اليڪٽرڪ ٽُويٽر به لڳائي سگهو ٿا۔ جي توهان پيزو لڳائڻ ٿا چاهيو ته پوى ان کي ڊائريڪٽ آئوٽ پن 1 ۽ گرائونڊ پن 3 ۾ ٽرانسسٽر کان سوا ئي لڳائڻو پوندو۔ ۔ ياد رهي ته ٽرانسسٽر هڪ ايمپليفائر آهي، جنهن کي هميشه سگنل کي وڌائي وڏو ڪرڻ لا استعمال ڪبو آهي۔
يو ايم 66 آ سي به هڪ ٽن پنن واري ٽرانسسٽر جهڙي هوندي آهي جنهن جي پن 1 ۽ پن 3 (گرائونڊ) ان پٽ لا ته پن 2 ۽ پن 3 آئوٽ پُٽ لا هوندي آهي۔ هي هڪ مڪمل ننڍڙو ٽون جنريٽر آهي۔ جنهن ۾ گهڻائي آواز رڪارڊ ٿيل هوندا آهن۔ ۔ ته سائين هاڻ اسان هن ۾ ٽرانسسٽر اين پي اين بي سي 548 ، ڪامن ايميٽر جي حالت ۾ سندس آواز کي وڌائڻ لا ته بيس ته 220 اهم جو رازسٽر بيس ڪرنٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لا لڳائيندا آهيون۔
بس سرڪٽ لڳايو ۽ مزا وٺو۔
 
بارش يعني مينهن يا برسات وسڻ جي آگاهي ڏيندڙ الارم پروجيڪٽ 3
دوستو جي توهان سمجهو ٿا ته مان توهان کي اهڙا ٻيا گهڻائي مختلف سرڪٽ ٺاهي سيکاريان ته ان جو شرط آهي ته توهانکي هن ڪاوش جي بدلي ۾ پنهنجي را جو اظهار به ڪرڻو پوندو۔ توهانکي ٻُڌايان ته هي سرڪٽ ڊزائين ڪرڻ، ٺاهڻ سمجهڻ تمام آسان آهن، شرط دلچسپي وٺڻ جو آهي، هي راندين جا پروجيڪٽ آهن، جيڪي هڪ پنجي درجي جي ٻار کان وٺي ماسٽر انجنيئرنگ ڪرڻ وارن جي ڪم ۾ اچن ٿا۔ ان ڪري جي توهان ڪنهن اليڪٽرانڪ جي دڪان تي ڪم ٿا ڪريو (ريڊيو، ٽي وي، ٽيپ رڪارڊ) يا ڪنهن ووڪيشنل، پوليٽيڪنيڪل، انجنيئرنگ يونيورسٽي جا اسٽوڊنٽ آهيو ته هي سرڪٽ ڊزائنگ توهان جي علم به اضافو ڪرڻ سان دلچسپي وارا پروجيڪٽ ٺاهي توهان کي دوستن ۾ سٺو مقام پڻ ڏياريندي۔ اچو ته سائنس سمجهون، سکون ۽ ٻين قومن وانگر ترقي ڪري اڳيان وڌون، سفارشي نوڪري، داخلا، ڪاپي ڪلچر کان پسيرو ٿي قوم جي بيداري جو ڪم ڪريون۔

پنهنجي گهر جي ٻاهران يا ڪمرن ۾ اليڪٽرانڪ اک لڳايو پروجيڪٽ 4
اليڪٽرانڪس پروجيڪٽ ۾ دلچسپي رکندڙن کا سوال . ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته هي سلسلو جاري رکجي؟ جي ها ته پنهنجا ڪامينٽس ڏيندا رهندا ته هي سلسلو به جاري و ساري رهندو. ڪامينٽس ان لاءِ ته اسان به سمجهنداسون ته توهان واقعي دلچسپي رکو پيا يا بس اسان پنهنجو وقت پيا زيان ڪريون ۽ سنڌي قوم رڳو بس نعرن لڳائڻ، جلوسن ۾ وڃڻ ، دهلن ۽ نغمن جي ٿاپ تي نچڻ، پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ ڪامورن جي اوطاق جي زينت بڻجڻ واري قوم آهي نه ڪي علم جي ميدان ۾ سکي اڳتي وڌڻ واري قوم ۽ سفارش تي نوڪري وٺي ڪرڻ واري، نوڪري ملي ته چوري ڪرڻ واري يا ڪاپي ڪري اي گريڊ جون ڊگريون وٺڻ ۽ پاڻ پڏائڻ ميان مٺو واري قوم آهي. پنهنجي اولاد کي علم ۽ علم جي حصول لاءِ اڳتي وڌايو.
 
گهر يا آفيس جي سڙيل ٽيوب لائيٽ کي ٻيهر استعمال قابل بڻايو پروجيڪٽ 5​
اليڪٽرانڪس پروجيڪٽ ۾ دلچسپي رکندڙن کا سوال . ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته هي سلسلو جاري رکجي؟ جي ها ته پنهنجا ڪامينٽس ڏيندا رهندا ته هي سلسلو به جاري و ساري رهندو. ڪامينٽس ان لاءِ ته اسان به سمجهنداسون ته توهان واقعي دلچسپي رکو پيا يا بس اسان پن​
هنجو وقت پيا زيان ڪريون ۽ سنڌي قوم رڳو بس نعرن لڳائڻ، جلوسن ۾ وڃڻ ، دهلن ۽ نغمن جي ٿاپ تي نچڻ، پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ ڪامورن جي اوطاق جي زينت بڻجڻ واري قوم آهي نه ڪي علم جي ميدان ۾ سکي اڳتي وڌڻ واري قوم ۽ سفارش تي نوڪري وٺي ڪرڻ واري، نوڪري ملي ته چوري ڪرڻ واري يا ڪاپي ڪري اي گريڊ جون ڊگريون وٺڻ ۽ پاڻ پڏائڻ ميان مٺو واري قوم آهي. پنهنجي اولاد کي علم ۽ علم جي حصول لاءِ اڳتي وڌايو.​
 
چار مختلف آواز ڪڍندڙ سائرن ٺاهيو پروجيڪٽ 6
اليڪٽرانڪس پروجيڪٽ ۾ دلچسپي رکندڙن کا سوال . ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته هي سلسلو جاري رکجي؟ جي ها ته پنهنجا ڪامينٽس ڏيندا رهندا ته هي سلسلو به جاري و ساري رهندو. ڪامينٽس ان لاءِ ته اسان به سمجهنداسون ته توهان واقعي دلچسپي رکو پيا يا بس اسان پنهنجو وقت پيا زيان ڪريون ۽ سنڌي قوم رڳو بس نعرن لڳائڻ، جلوسن ۾ وڃڻ ، دهلن ۽ نغمن جي ٿاپ تي نچڻ، پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ ڪامورن جي اوطاق جي زينت بڻجڻ واري قوم آهي نه ڪي علم جي ميدان ۾ سکي اڳتي وڌڻ واري قوم ۽ سفارش تي نوڪري وٺي ڪرڻ واري، نوڪري ملي ته چوري ڪرڻ واري يا ڪاپي ڪري اي گريڊ جون ڊگريون وٺڻ ۽ پاڻ پڏائڻ ميان مٺو واري قوم آهي. پنهنجي اولاد کي علم ۽ علم جي حصول لاءِ اڳتي وڌايو.
 
سج جي روشني تي چارج ٿيندڙ سيل ۽ هلندڙ شيون پروجيڪٽ 7

تمام بهترين سلسلو اوهان شروع ڪيو آهي ضرور جاري رکو پر هڪ عرض آهي ته اليڪٽرانڪ هڪ ڏکيو سبجيڪٽ آهي انهيءَ کي آسان ڪري سمجھايو ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.
وڏي مهرباني.
 
پروجيڪٽ 1 کان پڙهو ۽ سمجهايو ته ڇا ان کان وڌ به ڪو آسان طريقو ٿي سگهي ٿو۔ اليڪٽرانڪس سمجهڻ گهرجي ته آسان ترين ٿي ويندو۔
 
سائين سچ ته تمام سٺي ڄاڻ وارو ۽ ڪارائتو ليک آهي۔ خاص ڪري انهن لاء جيڪي ڪجهه سکڻ ۽ پاڻ ڪرڻ چاهين ٿا۔ واقعي اوهان سچ لکيو آهي ته اسان ڪجهه ڪرڻ بدران رڙيون ڪرڻ ۽ ڊانس جا ڪوڏيا آهيون۔

بهترين شيئرنگ
 
سائنس جو شاگرد هوندي مون کي سنگت اڪثر اهو چيو آهي ته سائنسي ليک ۾ حصو ونڊ پر الاءِ ڇو انهي پاسي ڪم نه پيو ٿئي۔ اوهان پاران هن ڪوشش جي جيتري ساراهه ڪجي سا گهٽ آهي۔ اڃان بهتر ٿيندو ته طريقه ڪار اٽيپ وائيز ٻڌايو ته سڀني کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي۔

اهڙا پورٽيبل پروجيڪٽ بنياد بڻائي گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو۔ بهترين ڪوشش ۽ سٺي سوچ۔
 
سائين ٽرانسٽر چيڪ ڪيئن ڪجي ته هن ۾ بيس ڪهڙو آهي اي ميٽر ڪهڙو آهي ڪليٽر ڪهڙو آهي وغيره ۔
 
بظاهر هي پروجيڪٽ انهن لا هُوا جيڪي بُنيادي ڄاڻ رکن ٿا ۽ هنن کي سرڪٽ ڊزائين ۾ مدد گهربي هُئي، پر جي توهان گهرو ٿا ته بلڪل الف بي ٻي يعني اي بي سي کان شروع ڪريان ته پو ٺيڪ آهي۔ پنن يعني ٽرمينلس کان شروع ڪندس۔ ان لا شرط آهي ته دوست پڙهڻ ۾ حصو وٺن ته مان به جيڪا محنت ۽ ڪوشش ڪريان اها ۽ وقت رائگان نه وڃي خاص طور اسٽوڊنٽس جن کي پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻو آهي۔ اها خبر تڏنهن پوندي جڏنهن هو ڌڙا دڙ ڪامينٽس سان شرڪت ڪندا، جيترا ڪامينٽس گهڻا اوترو ڪم گهڻو۔ هوم ورڪ به ڏبو، سوالن ۽ مونجهن جا جواب به ڏبا، ان کي چئبو آهي اپلائيڊ اليڪٽرانڪس۔ بس پُراڻا ٽرانسسٽر، ميٽر ڳولي رکو ۽ ٽيستٽ ڪري چيڪ ڪندا وڃو ۽ گڏوگڏ پروجيڪٽ به ٺاهيندا وڃو ته سمٍجهڻ ۾ آساني رهندي۔ اڄ کان پوڙهي، پڪي، ننڍي جهوني، هر ڪنهن لا ڪامينٽس جي ڪثرت جي شرط ۽ انوالو ٿيڻ تي بيسڪ پر اپلائيڊ اليڪٽرانڪس شروع ٿي ڪجي۔
 
سائين توهان جي محنت رائيگان نه ويندي توهان جي سکيا هن فورم تي هميشه موجود هوندي جڏهن به ڪو دوست ان طرف مائل ٿيندو ته توهان جي معلومات ان کي فائدو ڏيندي اگر توهان بنيادي سکيا ڏيندا ته اسان سميت گهڻا دوست لاڀ حاصل ڪندا۔
 
اپلائيڊ اليڪٽرونڪس (پريڪٽيڪل ڪلاس) يا پريڪٽس ڪلاس چئجي، ان لا لازمي آهي ته هڪ گروپ مسلسل ليڪڄرس وٺي، پريڪٽس ڪري، جنهن ۾ وڊيو، ٽيڪسٽ ۽ اينيميشن سان سمجهاڻي ڏني ويندي، ٻي صورت اهو آهي ته ڪو اڪيلو ڪلاس ۾ ويٺو ڀتين کي سمجهائي شايد ائين پريڪٽس اليڪٽرانڪس ۾ مزو نه اچي۔
 
Back
Top