ممتاز مرزا: ادبي ۽ ثقافتي دنيا جو اڻ وسرندڙ ڪردار
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو عالم، اديب، ڊرامه نگار، شاهه جي ڪلام جو پارکو، نثر نويس، ريڊيو، ٽي وي، علمي ادبي، ثقافتي محفلن جو مايه ناز ميزبان ممتاز مرزا حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊو آغا ۾ 29 نومبر 1940ع ۾ جنم ورتو. سندس والد مرزا گل حسن “احسن ڪربلائي” پنهنجي وقت جو باڪمال شاعر، اديب، محقق ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائٽر هو.
ممتاز مرزا ابتدائي تعليم انگريزن جي دور جي درسگاهه آسودو مل حڪومتراءِ اسڪول، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ سيٺ حافظ پرائمري اسڪول ڦليلي بڻجي ويو، ۾ حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪئي. تڏهن مئٽرڪ ستين درجي تائين هوندي هئي. هن انٽرميڊئيٽ سنڌ اورينٽل ڪاليج مان ڪئي. ان کان پوءِ عالم فاضل سنڌيءَ جي (اڄوڪي ايم اي جي برابر) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي.
1955ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو، تڏهن ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ”احسن ڪربلائي“ اتي سنڌيءَ جو پهريون اسڪرپٽ رائٽر ٿيو ۽ ممتاز مرزا به هن سان گڏ ريڊيو پاڪستان ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروگرامن ڪرڻ سان گڏو گڏ تعليم به جاري رکندو آيو هو.
هن ريڊيو پاڪستان تي پروگرامن جا مسودا لکڻ شروع ڪيا، شروع شروع ۾ ننڍا ننڍا اسڪرپٽ تحرير ڪيا پر ان کان پوءِ ريڊيائي ناٽڪ به لکڻ لڳو، جلد ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪول براڊ ڪاسٽنگ جو شعبو کليو ۽ ممتاز کي سنڌي سيڪشن جو انچارج مقرر ڪيو ويو.
ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي موسيقيءَ جا پڻ پروگرام ڪيا، جنهن ۾ گلوڪارن جي ذاتي ۽ فني زندگيءَ تي پڻ حال احوال ٿيندو هو.
هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اوج وارو زمانو هو. ممتاز مرزا “آدمي نامه (جنهن ۾ سماج جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا انٽرويو نشر ڪيا ويندا هئا)، ساڻيهه جا سينگار، موسيقي، ادب، لوڪ ادب، تاريخ بابت پروگرام ڪندو هو.
ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان تي جڏهن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي تن ڏينهن ۾ مصطفيٰ قريشي، عبداللطيف ساقي، مشتاق مغل ۽ زرينه بلوچ به ساڻس گڏ فني ڪيريئر شروع ڪيو هو. اهڙن عاليشان اداڪارن ممتاز مرزا جي ڊرامن آخري رات، پنرو بڊام، واٽون ۽ نيڻ، لاکو ڦلاڻي، پڙاڏو سو سڏ ۽ ماءُ ۽ محبت ۾ ڪم ڪيو. ممتاز مرزا جي ڊرامن جو موضوع لوڪ داستان ۽ سنڌ جي تاريخ رهيو. ريڊيو جي ڊرامن جي حوالي سان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر پاران ” جشن حيدرآباد“ ملهايو ويو. جيڪو حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي تعمير جي ٻه سؤ سالن مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويو. انهيءَ موقعي تي ريڊيو پاڪستان حيدر آباد پاران موهن جي دڙي کان وٺي پاڪستان جي قائم ٿيڻ تائين جي تاريخ جي مختلف دورن تي ڊراما ۽ فيچر پيش ڪيا ويا. انهيءَ موقعي تي ممتاز مرزا موهن جي دڙي تي ڊرامو “آخري رات” لکيو جنهن کي ڀرپور ڪاميابي حاصل ٿي.
ممتاز مرزا جو ڊرامو ”آخري رات“ ايتري ڪاميابي ماڻي چڪو هو جو جڏهن عالمي ريڊيائي ڊرامن جو مقابلو ٿيو تڏهن ”آخري رات “ کي ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ ٻيو نمبر قرار ڏئي ايوارڊ سان نوازيو، بعد ۾ ”آخري رات“ جي نالي سان 1979ع ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبي جي ڪورس ۾ به ڪتاب کي شامل ڪيو ويو.
افسانو سنڌي ادب جي جديد صنف طور مقبول رهي آهي. ممتاز مرزا سنڌي افسانن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ داستانن کي پنهنجو موضوع بڻايو. سندس افسانن ۾ ”پيار ۽ ڌڪار“ (هفتيوار انسان اخبار حيدرآباد)، ”هار“ روازني هلال پاڪستان اخبار جي ماهوار ايڊيشن واري افسانه نمبر جي سلسلي ۾ 1957ع ۾ شايع ٿيو) جنهن کي انعام يافته قرار ڏنو ويو. ”هاءِ حياتي هي ٿوهر جو وڻ“ (ماهوار ايڊيشن روزاني هلال پاڪستان 1957ع)، ”معما“ (ماهوار فلمي دنيا 1958ع)، ”چوڙيون“ (روزاني هلال پاڪستان 1958ع)، ”انڌير ننگري“ (ٽه ماهي مهراڻ 1958ع، ايڊيٽر علامه عمر محمد بن دائود پوٽو)، ”اڄ پڻ اکڙين“ (ماهوار عبرت ايڊيشن 1960ع)، ”پوڙهو“ (ماهوار ايڊيشن روزاني هلال پاڪستان 19589، ” سنڌ راڻي“ (ٽه ماهي مهراڻ 1968)، ”هو سوچيندو رهيو“ (ٽه ماهي مهراڻ 1964)، سميت چاليهه عدد افسانا تحرير ڪيائين.
ممتاز مرزا لوڪ ادب جي حوالي سان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪيترين ئي اسڪيمن ۾ تحقيقي پورهيو ڪيو. هن 1957ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي لغت ”جامع سنڌي لغات“ ۽ ” لوڪ ادب“ جي حوالي سان پروجيڪٽ ۾ سنڌ جي ماهر لسانيات، مؤرخ، شاهه جي شارح، لوڪ ادب جي ماهر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو.
ممتاز مرزا علمي حوالي سان پنھنجي زندگي جو جيڪو نهايت اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو سو ھو شاهه لطيف جي گنج شريف کي جديد صورتخطي جي صورت ۾ آڻڻ. شاهه صاحب پنهنجو سمورو ڪلام ڀٽ شاهه تي واقع ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، پر جيئن ته هن عظيم صوفي بزرگ جو ڪلام لافاني آهي، تنهنڪري سندس فقيرن ۽ راڳين کي دل ۽ دماغ ۾ محفوظ هو. گنج شريف ۾ آيل ڪلام شاهه لطيف جي فقيرن جو گڏ ڪيل ڪلام آهي جنهن ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کان علاوه ڌاريو ڪلام به شامل آهي. ان جو سبب اهو آهي ته شاهه صاحب کي جيڪو پنهنجي زماني جي مقبول شاعرن جو ڪلام ياد هو سو پاڻ فقيرن کي ٻڌائيندا هئا يا پنهنجي ماضيءَ جي قادر الڪلام معروف شاعرن ۽ بزرگن جو ڪلام پڙهندا هئا ته اهو سمورو ڪلام فقيرن بيان ڪيو جيڪو ڪاتب لکندا ويا.
قديم دور جي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هن رسالي کي ممتاز مرزا نهايت باريڪ بينيءَ سان سنواري ۽ احتياط سان جديد صورتخطيءَ ۾ آندو آهي. هي رسالو جيڪو 1207 هجريءَ ۾ لکجي پورو ٿيو ۽ انهيءَ صورت ۾ اڃا تائين موجود آهي.
ممتاز مرزا قديم سنڌي صورتخطي ۽ جديد صورتخطي کي هرهڪ صفحي تي ساڳيون سٽون رکيون آهن ته جيئن تحقيقي ڪم ۽ اصل صورت سامهون رهي. گنج شريف جي 1995ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 251 عرس جي موقعي تي تڏهوڪي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي هٿان رونمائي ڪرائي وئي. جيڪو ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. ھن جي وفات 6 جنوري 1996ع تي حيدرآباد ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ٿي. سندس آخري آرامگاهه به پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ آهي.