دل جون ڳالهيون

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
دل جون ڳالهيون !
” هڪڙي ڏيئي سان هزارين ڏيئا ٻاري سگهجن ٿا۔ ان سان انهي ڏيئي جي حياتي گهٽجي ڪونه ويندي، اهڙي طرح خوشي کي ورهائڻ سان به اها ڪڏهن گهٽ نه ٿيندي آهي!“ ( گوتم ٻڌه)

”زندگي هڪ الجبرا جو سوال آهي ، جنهن جو جواب ضد آهي“

” ڪنهن جي خوبين جي تعريف ۾ پنهنجو قيمتي وقت ضايع نه ڪيوپر ان جي خوبين کي پنهجائڻ جي ڪوشش ڪيو“

” جيڪڏهن توهان ماڻهن سان دولت ۾ پڄي نه ٿا سگهو ته اخلاق ۽ خنده پيش ۾ انهن کان وڏا ٿئي وڃو۔“

” اميدن جي سهاري جيئڻ وارو هميشه پاڻ کي ڌوڪو ڏيندو آهي، جڏهن ته محنت ۽ عملي قدم سان مشڪل کان مشڪل هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو“

”ٻين جي ڪمزورين تي کلڻ هڪ وڏي ناداني آهي، اڳتي هلي اها ڪمزوري توهان ؤ اسان ۾ به پيدا ٿئي سگهي ٿي۔“
 
بهترين ڳالهيون ۔۔۔

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خوشيون ورهائڻ سان وڌنديون آهن ۔۔۔۔

شال سدا سکيا هجو ۽ پاڻ به خوشيون ماڻيون ۽ خوشيون ورهائيندا به رهو ۔۔۔
 
تمام سٺيون ۽ دل ۾ گهر ڪندڙ ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن۔ ادا غلام مصطفي! اهو ٻڌائيندا ته اهي سڀ ڳالهيون گوتم بده جون چيئل اآهن يا صرف پهريون قول ان جو اهي؟
 
Back
Top