ڊاڪٽر احمد مخدوم

'تعارف' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستن جي خواهش تي مون سائين احمد مخدوم صاحب کي عرض ڪيو هو ته پاڻ پنهنجو تعرف ڪرائن ... اڄ صبح سان سندن هڪ ميل ملي آهي جنهن ۾ پاڻ سنڌي نه لکي سگهڻ جي مجبوري ڏيکاري اٿن ۽ هڪ مختصر تعرف انگريزيءَ ۾ موڪليو اٿن ... جنهنکي آءُ ڪوشش ڪري سنڌيءَ ۾ پيش ڪريان ٿو ...

    نالو؛ ڊاڪٽر احمد مخدوم
    پيءُ جو نالو؛ عبد الولي مخدوم
    ڄم جي تاريخ؛ 14 آڪٽوبر 1945 ع (عمر 63 ورهيه)
    پيدائشي هنڌ؛ درٻيلو، ضلع نوشهروفيروز سنڌ
    رزق جو وسيلو؛ تعليم ۽ تربيت
    ڪم؛ پروفيسر، سامونڊي علم ۽ تحقيق، سفري علم ۽ وسيلن جي کوجنا
    هنڌ؛ سنگاپور ۽ مليشيا
    منهنجو نعرو؛ انسانيت، سنڌيت، وحدانيت
    منهنجا شوق؛ تحقيق، سفر، صوفيت، عقيدن تي بحث، قومي شخصيتن جو مطالعو، سنڌ ۽ سنڌيت بابت هر شئي جو مطالعو، قديم تهذيبن جو مطالعو، انساني حقن جي پاسداري، غربت خلاف جهاد، عورتن جا حق ...
    منهنجو نظريو؛ خوشحال، صحتمند ۽ طاقتور سنڌ
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اسان محترم احمد مخدوم صاحب کي سنڌ سلامت ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔
    ٻيو ته منهنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته مان به بنيادي طور تي انهيءَ ڳوٺ درٻيلو جو آهيان، جتي سائين جن پيدا ٿيا۔۔ درٻيلو ۾ مخدوم خاندان واقعي هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، علم ۽ ادب لاءِ سندن خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا اسد مير جت عرف ڄامشورائي، اڄ اوهانجو تعرف پڙهيوسون، خوشي ٿي ته اوهان جهڙا علمي ۽ هنري دوست اسانجي ساٿ ۾ آهن ... دولتمند ماڻهون اهو آهي جنهن جا دوست سٺا هجن ۽ اهڙا دوست هجن جي علمي ۽ عقلي کوٽ کي پورو ڪندا هجن ته ان جهڙا قيمتي دوست ته ڪي ٿيندا ئي ڪونه ... اوهان جهڙن دوستن مان پڻ اها ئي اميد آهي ته اسانجي علمي کوٽ ۾ واڌارو ڪندا ۽ عقلي دولت ۾ اضافي جو سبب ٿيندا ...

    رب العالمين اوهانکي پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ اوهانجون منزلون آسان ڪري ... آمين
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين توهان جهڙن سينيئر شخصيتن جا اسين ٿورائتا آهيون، جنهن جي ڪري اسين سنڌ واسي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ پنهنجي سنڌي ڀائرن سان ملي سگهون ٿا۔۔۔ سچ پڇو ته هن فورم واقعي به آن لائن سنڌي اوطاق جي لفظ کي حقيقت جو روپ بخشيو آهي۔۔۔ جتي اسين سمورا سنڌي هڪ ٻئي سان ڏک سک ونڊي سگهون ٿا ۽ هڪ ٻئي سان ڪيتريون ئي قيمتي ڳالهيون ونڊ ڪري سگهون ٿا ۽ ٻيو ته ڪيتريون ئي نيون شيون هتي سکڻ لاءِ ملن ٿيون۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڀلا ڀاڳ اسان جا جو سائين احمد مخدوم صاحب جن اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيا آهن۔۔۔
    سائين نثار صاحب هاڻي سائين جن کي ڪو آسان ۽ تڪڙو طريقو ٻڌايو ته جيئن اسان به سائين جي آندل لکڻين مان لاڀ حاصل ڪري سگهون ۔۔۔۔ مهرباني
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ويلڪم سائين ويلڪم

    [​IMG]


    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو