• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهوري توتان ماءُ

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
گهوري توتان ماءُ
مختيار گهمرو
ويرين تي ٿئي ڌاڪو تنهنجو،
ڏور ٻجهي ڏهڪاءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
پهچي جيئن پڙلاءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
ڪين ڪجانءِ ”مختار“ ڪڏهن تون،
ٺوڳيءَ سان ٺهراءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
گهوري توتان ماءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
شال وڏو ٿي جواني ماڻين
ڏسين نه ڪوسو واءُ، او پٽڙا
گهوري توتان ماءُ.
علم جي دولت حاصل ڪر تون،
دلبر ٿي داناءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ.
دولهه بڻجي دودي وانگي
دشمن تي ڪر داءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
 
Back
Top