زمين ڇڏي انسان ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو!؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سائنس
    زمين ڇڏي انسان ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو!؟
    زمين تي رهي ڪري اوهان پنهنجي ڀرپاسي جيڪي ڪجهه ڏسي رهيا آهيو، اهو سڀ ڪجهه ڪائنات ناهي. اسان جي ڪائنات اسان جي خيال ۽ سوچ کان به وڏي آهي.
    سائنس ٻڌائي ٿي ته ايندڙ ڪائنات ان ڪل ڪائنات جو هڪ حصو آهي، جنهن بابت اڄ جو انسان ڪجهه نٿو ڄاڻي. اسان جي ڌرتي ته ان ڪائنات ۾ هڪ ننڍو ذرو آهي. اوهين جيڪي ستارا ڏسو ٿا، چنڊ ۽ سج به ڏسو ٿا سي سڀ اسان جي ڪائنات جو حصو آهن.
    اسان جي ڪائنات ۾ ڪي ستارا، اهڙا به آهن، جن کي پنهنجي روشني آهي ۽ اهي پنهنجي روشني جي ڪري رات جو نظر اچن ٿا پر اصل ۾ اهي ستارا ڏينهن جو به چمڪندا آهن. اسان کي ڏينهن جو چمڪندي ان ڪري نظر نه ايندا آهن جو سج جيڪو پڻ هڪ ستارو آهي، پنهنجي تيز روشني سان سڄي دنيا کي منور ڪري ٿو ۽ آسمان ۾ چمڪندڙ ٻيا ستارا چمڪندي نظر نهن ٿا اچن.
    اسان جي شمسي نظام ۾ ڪل نو سيارا آهن، جي پنهنجي دائري تي اصولن ۽ ضابطن جي تحت چڪر هڻي رهيا آهن. ڪي سيارا هڪ ٻئي جي چوڌاري پڻ چڪر هڻن ٿا.
    شمسي نظام جي انهن نون سيارن جهڙا ٻيا لکين شمسي نظام هن ڪائنات ۾ موجود آهن.
    اسان جي پنهنجي شمسي نظام ۾ هر سياري جي پنهنجي حقيقت آهي ڪي سيارا نهايت گرم ته وري ڪي نهايت ٿڌا آهن. ڪن سيارن وٽ هڪ ڏينهن زمين جي 50 ڏينهن جي برابر آهي ته ڪن جي هڪ رات زمين جي 15 راتين جي برابر آهي.
    سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته انسان انهن سڀني سيارن مان رڳو زمين تي ڇو وجود ورتو. دراصل ڳالهه هي آهي ته انسان کي رهڻ لاءِ آڪسيجن گرمي (مناسب) ۽ پاڻي گهرجي. هيل تائين ڪل تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته زمين اهو واحد سيارو آهي، جنهن تي مناسب گرمي، پاڻي ۽ آڪسيجن موجود آهي جنهن جي ڪري اسان جو گهر به ان جي ڀيٽ ۾ ٻين سيارن تي يا ته گهڻي گرمي هئڻ آهي يا وري گهڻي سردي ۽ رات جي ڊگهي هئڻ ۽ ڏينهن جي مها ڊگهي هئڻ جو به هڪ عنصر آهي.
    زمين تي رهڻ جي باوجود به اوهان ڏٺو هوندو ته سائنسدان ٻين سيارن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري وڃي رهيا آهن. ان جو سبب هي آهي ته آبادي ۾ واڌ جي ڪري زمين جي معدنيات ختم ٿي رهي آهي. ڪاربان ۾ واڌ ۽ آڪسيجن ۾ کوٽ به اچي رهي آهي. خيال آهي ته مستقبل ۾ انسان کي هي ڌرتي ڇڏڻي پوندي، تنهن جي ڪري سائنسدان ڪنهن اهڙي سيارن جي ڳولا ڪري رهيا آهن جتي انسان جي رهڻ لاءِ مناسب ماحول هجي. تحقيق مان پتو پوي ٿو ته وينس ۽ مارس ٻه اهڙا سيارا آهن جتي رهڻ لائق ڪي حالتون آهن. تحقيق جاري آهي ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻو ليک ۔۔۔

    ڪاش ڪو اهي ڳالهيون سمجهي۔ مان جڏهن ننڍو هوس ۽ ڳوٺ ۾ هوندو هوس ته صاف پاڻي مهيا هوندو هو، جيڪو مٺو، تازو ۽ شفاف هوندو هو پر اڄ اهو ساڳيو جر سنکيي جهڙي زهريلي مادي سان ملي ويو آهي۔ صاف پاڻي هاڻي هاڃيڪار بڻجي ويو آهي ۽ سٺو پاڻي ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي۔۔۔ ساڳي حالت ٻين قدرتي نعمتن جي به ٿي رهي آهي۔ ڀاڄين تي ڪيميڪل ڦوهارو، اناج تي ڦوهارو ۽ مختلف ڀاڻ ۔۔۔۔ بس ڇا ڪجي۔۔۔۔ انسان ته نه پاڻ لاء ٿو سوچي نه ٻين لاء۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بهترين ونڊ! اوهان جا مضمون ڪافي تحقيقي هوندا آهن . جاري رکجو
     
  4. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين ادا مونکي وڌيڪ ڄاڻ ملي
     
  5. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ادا هڪ ڳاله سمجهه ۾ نه آئي اٿم روز اسڪول ۾ چارٽ ڏسي سوچيندي هيس پر اڄ تائين ڪنهن جواب نه ڏنو. ادا اگر ڌرتي تي انساني مخلوق آهي ته پو۽ ٻين سيارن ۾ ڇا آهي؟؟؟؟؟؟؟
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    خداوندِ متعال مسبب السباب آهي پريشاني ناهي ته هتي آڪسيجن جو ضروري مقدار گهٽجي ويندو بس ضرورت آهي ته هن دنيا کي گناهن سان آلوده نه ڪيو وڃي ته جيئن هي دنيا انسان لاءِ هاڇيڪار نه بڻجي باقي انسان جي ذات ۾ ڪنهن شي جي ڳولا جو تسلسل آهي جنهن ڪري روزانانه نيون ايجادات پيون ٿين هي نظام الاهي جو سلسلو آهي سو پيو هلندو ڪيئي تحقيقون آيون ڪئي انهن مان غلت ثابت ٿيون اهو سلسلو پيو هلندو.
    بس ان امر جي ضرورت آهي ته غير فطري زندگي کان انسان پاسو ڪري ته جيئن فطرتي نظام تباه نه ٿئي
    بهترين معلومات جزاڪ الله.
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو