معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
سائنس
زمين ڇڏي انسان ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو!؟زمين تي رهي ڪري اوهان پنهنجي ڀرپاسي جيڪي ڪجهه ڏسي رهيا آهيو، اهو سڀ ڪجهه ڪائنات ناهي. اسان جي ڪائنات اسان جي خيال ۽ سوچ کان به وڏي آهي.
سائنس ٻڌائي ٿي ته ايندڙ ڪائنات ان ڪل ڪائنات جو هڪ حصو آهي، جنهن بابت اڄ جو انسان ڪجهه نٿو ڄاڻي. اسان جي ڌرتي ته ان ڪائنات ۾ هڪ ننڍو ذرو آهي. اوهين جيڪي ستارا ڏسو ٿا، چنڊ ۽ سج به ڏسو ٿا سي سڀ اسان جي ڪائنات جو حصو آهن.
اسان جي ڪائنات ۾ ڪي ستارا، اهڙا به آهن، جن کي پنهنجي روشني آهي ۽ اهي پنهنجي روشني جي ڪري رات جو نظر اچن ٿا پر اصل ۾ اهي ستارا ڏينهن جو به چمڪندا آهن. اسان کي ڏينهن جو چمڪندي ان ڪري نظر نه ايندا آهن جو سج جيڪو پڻ هڪ ستارو آهي، پنهنجي تيز روشني سان سڄي دنيا کي منور ڪري ٿو ۽ آسمان ۾ چمڪندڙ ٻيا ستارا چمڪندي نظر نهن ٿا اچن.
اسان جي شمسي نظام ۾ ڪل نو سيارا آهن، جي پنهنجي دائري تي اصولن ۽ ضابطن جي تحت چڪر هڻي رهيا آهن. ڪي سيارا هڪ ٻئي جي چوڌاري پڻ چڪر هڻن ٿا.
شمسي نظام جي انهن نون سيارن جهڙا ٻيا لکين شمسي نظام هن ڪائنات ۾ موجود آهن.
اسان جي پنهنجي شمسي نظام ۾ هر سياري جي پنهنجي حقيقت آهي ڪي سيارا نهايت گرم ته وري ڪي نهايت ٿڌا آهن. ڪن سيارن وٽ هڪ ڏينهن زمين جي 50 ڏينهن جي برابر آهي ته ڪن جي هڪ رات زمين جي 15 راتين جي برابر آهي.
سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته انسان انهن سڀني سيارن مان رڳو زمين تي ڇو وجود ورتو. دراصل ڳالهه هي آهي ته انسان کي رهڻ لاءِ آڪسيجن گرمي (مناسب) ۽ پاڻي گهرجي. هيل تائين ڪل تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته زمين اهو واحد سيارو آهي، جنهن تي مناسب گرمي، پاڻي ۽ آڪسيجن موجود آهي جنهن جي ڪري اسان جو گهر به ان جي ڀيٽ ۾ ٻين سيارن تي يا ته گهڻي گرمي هئڻ آهي يا وري گهڻي سردي ۽ رات جي ڊگهي هئڻ ۽ ڏينهن جي مها ڊگهي هئڻ جو به هڪ عنصر آهي.
زمين تي رهڻ جي باوجود به اوهان ڏٺو هوندو ته سائنسدان ٻين سيارن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري وڃي رهيا آهن. ان جو سبب هي آهي ته آبادي ۾ واڌ جي ڪري زمين جي معدنيات ختم ٿي رهي آهي. ڪاربان ۾ واڌ ۽ آڪسيجن ۾ کوٽ به اچي رهي آهي. خيال آهي ته مستقبل ۾ انسان کي هي ڌرتي ڇڏڻي پوندي، تنهن جي ڪري سائنسدان ڪنهن اهڙي سيارن جي ڳولا ڪري رهيا آهن جتي انسان جي رهڻ لاءِ مناسب ماحول هجي. تحقيق مان پتو پوي ٿو ته وينس ۽ مارس ٻه اهڙا سيارا آهن جتي رهڻ لائق ڪي حالتون آهن. تحقيق جاري آهي ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.