• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ياهو ميسنجر کي ملٽي ياهو ميسنجر ۾ تبديل ڪرڻ

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
سڀ کان پهريان سنڌ امڙ جي سڀني ماروئڙن کي هن ناچيز طرفان السلام عليڪم،
سڄڻئو،اگر ڪوئي دوست انٽرنيٽ استعمال ڪندو آهي ته اهو ياهو ميسنجر کان ته ضرورو واقف هوندو۔ ۽ مونکي پڪ آهي ته ان جي ڪمپيوٽر ۾ ياهو ميسنجر انسٽال ٿيل هوندو،
ڪي دوست اهڙا به آهن جن وٽwww.yahoo.com تي هڪ کان وڌي اي ميل ايڊريس ٺهيل هونديون آهن۔ پوءِ انهن کي هڪ ئي وقت هلائڻ جي به خواهش هوندي آهي۔
سو مان پنهنجي ماروئڙن جي انهي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ تمام ننڊڙو فائيل جيڪو ونڊوز جي رجسٽري ۾ ٺهيل آهي، جنهن کي هلائڻ سان توهان جو ياهو ميسنجر سادي مان ملٽي ياهو ميسينجر ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ توهان پنهنجي مرض مطابق هڪ کان وڌيڪ اي ميل ايڊريسون Login ڪري ۽ Chat ڪري سگهو ٿا۔

فائل جي حفاظت جي لاءِ هن ناچيز انهن کي ڪمپريس ڪيو آهي جنهن کي ڊي ڪمپريس ڪرڻ لاءِ توهان ماروئڙن کي WinRar انسٽال ڪرڻو پوندو۔

Winrar 3.0 جو رجسٽر ٿيل ورين جي لنڪ پنهنجي ماروئڙن جي سهولت لاءِ هن موضوع ۾ شامل ڪريان ٿو جيئن توهان کي ڪنهن تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پئي ونرر 0۔3 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

WINRAR 3.0 Registered Download


ملٽي ياهو ميسنجر کي ڊائولوڊ ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
http://www.ziddu.com/download/4442424/MultiYahooMessengerwww.sindhsaalamat.com.rar.html

فائل کي ڊيڪمپريس ڪرڻ کان پوء Multi Yahoo Messenger.reg تي ڊبل ڪريو ته هڪ پاپ اپ ونڊو ظاهر ٿيندي جنهن مان توهان YESتي ڪلڪ ڪريو ان کان بعد هڪ ٻي پاپ ونڊو کلندي جنهن ۾ لکيل هوندو توهان جي فائل ۾ ڏنل ويليوز رجسٽر ۾ ڪاميابي سان شامل ٿي ويا آهن۔
هاڻي توهان ياهو ميسنجر کوليو، ۽ هڪ دفعو ٻيهر ياهو ميسنجر کوليو توهان ڏسندا ته توهان ٽاسڪ بار ۾ ياهو ميسنجر جا ٻه آئيڪان آيل هوندا۔ Login ٿيو ۽ چيٽ ڪريو
 
Back
Top