ميرٽ جي دعوا ۽ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    سموري سنڌ جي نوجوانن جي اکين ۾ جنم ورتل اڻپورو خواب جيڪا گذريل ڏينهن کان اين ٽي ايس پاران هلندڙ ماسترن جي لکت واري ٽيست جي صورتحال ۽ هن جا ايندڙ نتيجا. هونئن ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر عام جام آهي جنهن کي اسان اڄ ڏينهن تائين ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهيون. پر اين ٽي ايس هڪ نيشنل ادارو آهي. جنهن جي ٽيسٽ هن طريقي سان ٿيندي اها ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو. 07 ۽ 08 تاريخ تي سون جي تعداد ۾ نوجوان ٽي سي ايس جي آفيس اڳيان ٽيسٽ سلپ جي انتظار ۾ صبح کان شام تائين پوليس ۽ ٽي سي ايس وارن جون نه برداشت ٿيندڙ ڳالهيون ٻڌڻ جي باوجود به انهن بيروزگار نوجوانن ٽيسٽ جون سلپون اماڻيون پر طريقيڪار اهو هو ته سلپون هنن جي گهرن تائين پهچائڻيون هيون، خير اهو به برداشت جوڳي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ ۾ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج کي ٽيسٽ جي سينٽر طور چونديو ويو ۽ ٽيسٽ وٺڻ وارو شهر جا لوڪل ڇوڪرا آهن جيڪي انويجيليٽر ۽ سپروائيزر طور ڪم ڪري رهيا هئا.

    اين ٽي ايس هڪ نيشنل ادارو آهي تنهن هوندي به ماستري جي ٽيسٽ ۾ ان اسڪل ڇوڪرن کي بطور انويجيلٽر بيهارڻ جو ڪهڙو مقصد هو؟

    ڇا تعليم کاتي جا ماستر يا ليڪچرر انهيءَ ٽيسٽ جي اهل ڪونه آهن؟

    ڇا اهي انويجيلٽر ميرٽ جي پيروي ڪندڙ آهن؟

    اهي سڀ سوال ٽيسٽ ۾ ويٺل هر اميدوار جي ذهنن ۾ آهن. ٽيسٽ ڏيڻ کانپوءِ هر اميدوار جن اها ٽيسٽ ڏني انهن جي ذهن ۾ صرف اهو هڪ سوال گونجي رهيو آهي ته ڇا اسان کي پاس ڪندا؟ جڏهن اسان ٽيسٽ جي مجموعي صورتحال ڏسون ٿا ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته اين ٽي ايس يا اهي ماستري جو سيٽون به سياسي وڏيرن، پٽيلن ۽ مرسڊيز گاڏين وارن ذميندارن ۽ پارٽي جي جيالن ۾ ورهائجي ويون آهن اهي نوجوان پنهنجي دل کي ڪئين آٿت ڏين ته انهن کي ماستري جي ٽيسٽ ۾ ميرٽ جي بنياد تي پاس ڪيو ويندو جڏهن جڏهن ته سڄي صورتحال انهن جي اڳيان آهي. اين ايس ٽي پاران هائر ڪيل انويجيليٽرن پنهنجي من پسند دوستن ڀائرن ۽ مائيٽن کي ڀرپور سپورٽ ڪئي آهي انهيءَ جي باوجود به جيڪڏهن سرڪار سڳوري يا اين ٽي ايس سڳوري ڪجهه قدر ميرٽ کي ڏسن ٿا ته به انهن جي وڏي مهرباني نه ته ماستري جي نالي تي بيروزگارن کان مذاق بند ڪيو.. اوهان سنڌ جي وڏي وزير توڙي وس وارن بالا آفيسرن جن جي هٿن ۾ اهي واڳون ڏنل آهن انهن کي گذارش ڪندس ته مهرباني ڪري ميرٽ کي ترجيح ڏيو، هرو ڀرو مسڪينن جون پٽون نه کڻو.

    ڀرت لال مالهي/عمرڪوٽ
    عوامي آواز تان ورتل
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بس ادا سليمان هن ملڪ جو حال پورو آهي۔ الله پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان هن کي هلائي پيو، نه ته ڪم لٿل آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منهنجو هڪ دوست آهي جنهن HST لاء دادو ۾ ٽيسٽ ڏني ۽ 87 نمبر کنيائين۔ مان حيران هيس ته سائنس ۾ هن ايترا نمبر ڪيئن کنيا، مان کانئس پڇيو ته ڇا اتي ڪاپي ٿي هئي؟
    سندس جواب مان لڳو ته ڪاپي ٿي آهي۔ پر سڌو جواب نه ڏنائين ۽ ڳالهه کي ڦيرائي ويو۔ هڪ ٻئي دوست ٻڌايو ته دادو جي سينٽر تي ڪاپي ٿي آهي۔ مان اسان جي دوست عبدالحفيظ لغاري کي اها ڳالهه ڪئي پر هو مڃڻ لاء بلڪل تيار نه هيو۔
    چئي اين ٽي ايس وارن جو پنهنجو اسٽينڊرڊ آهي۔ ايئن نه هوندو۔

    خير ڪالهه جڏهن بدين جي سينٽر تي به ساڳي ڪار ٿي ۽ اسان جو دوست يونس ملڪاڻي گهڻي تياري جي باوجود به مايوس نظر آيو ۽ ٻڌايائين ته اتي ڪاپي ڪرائي وئي آهي ته پوء وڌيڪ پڪ ٿي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پاڻ سياڻا آهيو، مان ڇا چوان ۔۔۔ اڳي هڪ ڊرامو هلندو هو ۽ ڪردار چوندو هو ۔۔۔” ٿورڙو سچ ڳالهايان“

    اوهان دوست به ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ۔۔۔ پاڪستان جو مطلب ڇا ۔۔۔۔؟؟؟؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪاپي نه پر اوپن ڪاپي موبائيل تي فل پيپر حل ٿيا واه جي ميرٽ آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا سليمان وساڻ ڪاڏي وڃجي دادو مان منهنجي هڪ دوست جنهن جي ٽيسٽ هئي ٻڌايو ته هڪ عام رواجي پيپرن وارو حال هئي ڪاپيء سميت موبائيل فون به موجود هيون
    اين ٽي ايس تي اڳم ئي ڪرپشن جا ڪيس هلندڙ آهن

    ڪنهن کي دانهن ڏجي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا عرس پريو اسلام عليڪم۔ سائين مايوس نه ٿيو ،الله پاڪ جن تمام وڏي رحم ڪندڙ آهن ۔توهان ايڊيوڪيشن منسٽري ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي لکيت ۾ درخواست موڪلي اين ٽي آيس وارن جي ورتل ٽيسٽ جي ڪارپت ظاهر ڪري سگهو ٿا۔ انشالله ڪجه نه ڪجه اڪشين ضرور ٿيندو۔ توهان رڳو همٿ پڪڙيو ۔الله پاڪ اوهان جي مدد ڪندو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ائين نه ٿئي جو پو اسان جي دوست عرس کي وري ڪورٽ سڳوري طلب ڪري ۽ پروف گهري ته پو پروف ڪهڙو پيش ڪيو ويندو ڇو ته ڪورٽ جو ڪم ته ڪاغذن تي هلندو آهي ڪاغذ ڀلي ڪوڙا ئي هجن پر هجڻ ضرور۔ ۽ پو اسان جو پيارو دوست عرس پروف ڳوليندي جتي گسائي ڇڏي پر پروف هٿ نه ڪري سگهي۔۽ آخر ۾ ڪورٽ کان پاڻ ئي معافي وٺي جان ڇڏائي ۔ سائين هيترا سي آئي اي جا ادارا آهن ڳالهه ڪنهن کان مخفي هوندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا رحيم بخش السلام عليڪم! ادو عرس رڳو همٿ ڪري ثبوت به لڀي پوندا۔ سچي ماڻهون کي ڪورٽ ۾ ڪوڙن ڪاغذن جي ضرورت نه پوندي آهي، صرف ايترو خيال رکڻو پوندو آهي ،ته هو ڪورٽ ۾ سچ جي فتح لاء آيو آهي يا ڪنهن ٻئي لڪل مقصد جيڪو منافقت ۽ ڪوڙ تي مشتمل آهي۔ هر ڪيس ۾ ڪورٽون ڪاغذاتن جي بيس تي فيصلاء نه ڏينديون آهن۔ محترم چيف جسٽس آف پاڪستان کي ادا عرس پريو جي درخوست تي سويو موٽو ايڪشن کڻڻ لاء ڪنهن ڪاغذا جي ضرورت نه پوندي۔ آزمائي ڏسو!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو